شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

هوءَ جا منهنجي پوپري

هوءَ جا منهنجي پوپري
ڇاتيءَ وڏي موڪري
گهرگهلي هوءَ ڇوڪري
ٽاڪ منجهند جو نيڻ ملائي
هر هر جياري هر هر ماري
چيچ ۾ سهڻو چانديءَ ڇلو
تَن تي پهريل وڳو ڀلو
سکين ساڻ آهي ڊلو
روز روز ٿي مونکي ستائي
هر هر جياري هر هر ماري
ٽڪ ٻڌي مون ڏي نهاري
هر گز مونکي ڪونه ٿي ٽاري
گرمي جهولو مون به نه ماري
ڀل جا مونکي خوب رُلائي
هر هر جياري هر هر ماري
ڇاتيءَ ۾ هن ڪنڌ نوايو
چمي ڏئي مون ڀاڪر پاتو
نينهن جو هن سان مون آ لاتو
پريم نگر ۾ مونکي گهائي
هر هر جياري هر هر ماري
مزو پيار ۾ ڏچن ڏنو آ
چسڪو هن جي چپن ڏنو آ
هن به مونکي وچن ڏنو آ
توسان ويندس يار نڀائي
هر هر جياري هر هر ماري