شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

بيت

چوڙيون پائي اوچتو، آئي هوءَ اڳيان
ڇو نه آءٌ ڪيان، سجدا اڳيان سونهن جي

ساڌٻيلي ۾ سندري ۽ مورتيون اڳيان
ڪنهن جي ڪيان پوڄا، ڪنهن کي آءٌ چمان
فرق ڪيئن ڪيان، ٻنهي پسان پاڻ ۾

هٿڙا ڳاڙها پرينءَ جا، مينڌي ۾ رتڙا
ڀاڪر ڀري چاهه مان، چميا ها چپڙا
ڇاتي ۽ ڳلڙا، ارپي ويٺي آهه مون

وينگس سنڌو ڪناري ويٺي پئي مرڪي
ڪيڏو پئي ڇرڪي، پاڻيءَ ڦينگن کان مٺي

مندر ۾ ڀڳوان اڳيان روئي پيو انسان
ڪيڏو ٿو نقصان، اکين جو ويٺو ڪري

خيالن جي دنيا ۾ ڀٽڪي ٿو انسان
جيون جو سامان، پَلَ جي خبر ڪينڪي

تنهنجي سونهن سکي مند بهار جيان
ساري حياتي پيان، مڌ جوڀن جو مٺي

تنهنجي اوسيئڙي ۾ پوڙهو ٿي ويو هان
رستا راهون مان، تڪيان ٿو ويٺو اڃان

تنهنجي اوسيئڙي ۾ اڇا ڪيم وار
ڪو نه لڌي تو سارَ، جيون ائين گذري ويو

آءُ ڏسڻ بيمار کي ڀيرو وڃ ڪري
متان دم نڪري، تنهنجي اوسيئڙي ۾ مٺي

سچ نه ٻولي آدمي، اندر ڪوڙو ڪانءٌ
ڇا هي انسان، اڃان اشرف المخلوق آ

اڃايل هان مان اڃان، ڪونه لٿي آ سڪ
تو ۾ هڻي ٽِڪ، منهن نه ڦيريان ڪنهن ڏي

منهنجي خوابن ۾ اچي، ٿو جاڳائي جاني
تنهن مٿان ٿي پيس فدا ۽ فاني
عشق جي ڪاني، لڳي آهي مون پرين

ڪارا ڪپڙا قافلو، ڪاهي آيو هان
معاف ڪر منهنجا پرين، مهر ڪر مٿان
دم نڪري متان، حسرت رهي هانوَ ۾

نازن واري ڇوڪري ڏٺم تنهنجو ڇُوهه
ناهي تنهنجو ڏوهه، جوڀن نسري جو پيو

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا، جيون سارو کيل
هي دنيا جو ميل ، رهي رهندو ڪيترو

ڇو ٿي ڏور وڃين، موٽي مون ڏي آءَ
اندرجو گهاءُ، توبن اڊڙي ٿو پوي

سڀ رنگ سانول تنهنجا، ناهي منهنجو ڏوهه
مهڻي تنهنجو موهه ، مونکي ٿو ماري وجهي

سکي پنهنجي پيار ۾ ڪيڏا مليا ڏک
نيٺ ته ملندا سک، سهي ڏنڀ ڏهاڳ جا

ڪيڏا ڏينهن ٿي ويا ملڻ ٿوچاهيان
چميون ڀاڪر ۽ پرين سيني سان لايان
تنهنجو ئي آهيان، توئي منهنجي سانوري

ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا ڪيڏو ٿا ٻهڪن
ڏونگر ڏسي ڏاڍ جا ڪڏهن ڪين ڪنبن
ٻڌي سر ڪفن نڪتا هن نروار ٿي

ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا ٿا ڪيڏا سور سهن
هو جي چڪنن چاڪ ته به آهه نه عام سلن
هلندا ٿا هلن، رندن واري راهه تي

ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا ، جهوميو ٿا جهومن
حب الوطني من الايمان جا نعرا خوب هڻن
ٿا پنهنجو سر ڏين،ڌرتي خاطر دادلا

ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا هيڏي هيج هلن
آزادي اعلان اسان جو ٻي نه ٻولي ڪن
رستو ڪين ڀلن، توڙي رهن زندان ۾

ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا موران ڪونه مُنجهن
سونهن ڀري سنسار ۾ پل پل پيار پسن
ڌڻيءَ دعا گهرن، شل! سائي رهي سنڌڙي

مون کي ويڻ نه ڏي، مان به هان مجبور
توسوا مون پرين پل پل پوي پور
راهه نه مٽجان مور، سدا رهين اڳڀري

تنهنجي گهر مٿان چمڪي چوڏهينءَ چنڊ
هي جيون جو منڊ، اڇو اُجرو ٿي پيو

هوءَ جا هتان وئي هلي روئي پيس مان
ڪيئن ڪريان آنءُ، هن کي جدا پاڻ کان

توبن جيون ۾ سکي رکيو آهي ڇا
چوڏس ڪوسو واءُ،لڳي ٿو مون کي پرين

سکي توکي دل تان ڪيئن وساريان آءُ
دل تي تنهنجو ناءُ، اُڪري آهي جو پيو

سکي منهنجي شاعري جو محور آهين تون
تو بن ڪوتائون، سرجي سگهن ڪينڪي

پرين سپني ۾، رات ڏٺو آ مون
جي هيڪر اچين تون، ته سپنا ساڀيان ٿي پون

ڌرتي دُک درد آ، کلي ڀاڪر مل
اڳيان ٿي اجل، منٽ نه ملنديءِ مهلت

اچي تون الله گهر توبهه تائب ٿي
مومن سان گڏ بيهه، منافق پري ڪري

اچي تون الله گهر، ڪر وچن سندوپاڻ
گناهه گندو هاڻ، هرگز ڪبو ڪينڪي

جيڏو رب نالو، تيڏو گھاٽو وڻ
ڀٽڪين ٿو اڃان ويٺو سارو رڃ ۽ رڻ
رب جو نالو کڻ، ملندو توکي ڇانورو

جيون ٻه ٽي ڏينهڙا رب کي تون ٻاڏاءِ
ڪر عبادت عشق مان، عاشق ٿي سڏاءِ
ننڊ مان پاڻ جاڳاءِ اَسر جو آذان سان

اَسر جو آذان سان اُٿي ٿيءُ کڙو
حرص جي باهه ۾، ڇو ٿا يار سڙو
جيون جو گھڙو، ٽٽي پوندو اوچتو

پرين توسان پريت جو، پلئه من پاتو
سارولوڪ ڇڏي ڪري ڳنڍيو مون ناتو
نينهن آ لاتو، ڪامڻي توسان قلب سين

پرين مون پرڀات جو ورتو تنهنجو نانءُ
ڪڍي پنهنجو هانءُ، توڏي آهي مون مڪو

تنهنجون نگاهون مون لئه ڇپر ڇانوَ
پيارجي پناهه ڏجاءِ مون کي او مٺي

ڪوڙي هن جڳ ۾ ڪيڏو يار جيئندين
مٽي ٿي ويندين، مٽي سان ملي ڪري

ڀورا ڀورا ٿي ويندين ، ڳهيلا انسان
ڪڍي ڇڏ قلوب مان، مير سندو مروان
سچ جو سامان ميڙي هل مولا اڳيان

ڀورا ڀورا ٿي نه وڃي، شِيشي وانگر تون
هيءَ ڀلاري ڀونءِ، بارُ نه کڻندي ايترو

وچن واعدا پيار جا ڪري نڪتاسون
ڳاڙها گُل گلاب جا، سنڌو ۾ تارياسون
چڙهي ٻيڙيءَ سير مان واپس ورياسون
وري ملڻ جو چئي ڀاڪر پاتاسون
موڪلائي هلياسون آڻي آب اکين ۾

ساڌ ٻيلي ۾ سندري منهن سارو مهتاب
شرمائي پيو اُڀ ۾، سونهن ڏسي آفتاب
حسن لاجواب کي چمندي ٿيو ثواب
اهڙو ئي خواب، لڌو هو هڪ رات جو

چپن تي مرڪ رکي، سنواري ٿي وار
ڦينگن جي وسڪار، ڪري ويٺي ڪامڻي

سنڌوءَ ڪناري سانئڻ جو ڪيم اوسيئڙو
وسي پيو اُڀ مان تيز تکو مينهڙو
سِڪي پيو هينئڙو توسان ملڻ لئه مٺي

پرين تون مون کان ڇو ايڏو آن پري
توبن ڪيئن سري، حياتيءَ جي هر گھڙي

ڪيئن وساريان تو پرين، تو ۾ منهنجو ساهه
تو بنا ٿي ويس ڳڻتين منجهه ڳاهه
عشق جو آڙاهه ٻري ٿو منهنجي من ۾

ڪونڌر کي ماري وڌو، ڪري وڏو ڪيس
وڍجي ويس سيس، پوءِ به نعرا نينهن جا

پاڻيءَ ٻوڙ نه پير، متان تون ترڪين
سدائين مرڪين، مٺي گلابيءَ گل جيان

سنڌوءَ ڪناري وڻ ٿا، خوشي مان جهومن
پکي هڪڙي لام تي، ٻوليون پيا ٻولين
ٿا جهڪي سجدو ڪن، سهڻي تنهنجي سونهن کي

سنڌو ڪناري تي، شاعري پيو ڪيان
ساڻ قلم ڪاغذ هن، بيت ٿولکان
تو لئه ٿو جيان، جيسين دم جهان ۾

لب مهراڻ تي مٺي ايڏو ڇو آن دور
ايڏي بي نور، ڇو ٿي آهين سانوري

لب مهراڻ تي شام جو سرد هوائون
هر هر ياد اچن ٿيون، مون کي پيڙائون
پوءِ به دعائون، دل سان توکي ٿو ڏيان

لب مهراڻ تي اڄ، چوڏس آ چهڪار
ويٺي لال ڪنوار،نانوَ ۾ پنهنجي ور سان

ناز ۽ نخرا ڪري، مون کي ٿي مارين
ڇو ٿي پئي ڳارين، ڳڻتين ۾ مونکي مٺي

منهنجي هر هڪ شعر جو لفظ تون آهين
جدا تون ناهين سدا رهين ساهه ۾

کڙڪي منجهه پرين ۽ منهنجي نيڻ نهار
آئي مند بهار، پرچي پئون پاڻ ۾

جيسين تون اچين منهنجي در ۾ ديد
ٿي وئي عيد، جڏهن تون آئينءَ هلي

اکيون اکين سان ملائي سکي مون سان ويهه
ڇڏي سارو ڏيهه، اچ ته پرين پيار ڪيون

تنهنجو من ائين جئين گلابي گل
چوڏس ميگهه ملهار ٽهڪ ڏئي تون کل
آءُ سڄڻ مل، آئي مند بهار جي
 ...
جڏهن جهوڪ جهريو، جهريو سارو لوڪ
ڪو نه ٽُٽو طوق، غلامي جو اڄ ڀي

جڏهن جهوڪ جهريو نعرو لڳو نينهن
وسي پيو خون جو چوڏس سارو مينهن
شاه عنايت شينهن، سرگهوري ٿو سنڌ تان

سر ڏنائون سنڌ تان، هو ازل کان امرُ
سِر سنڌو ثمر، قربان ڪيائين جهوڪ ۾

پل پل تنهنجي ياد ، جيءَ کي ٿي جهوري
ڇڏيندس گهوري، جان توتي مان پرين

هليو وئين موڪلائي، چيئه مان ورندس
هيل نه تون آئين ميارون ڪو نه ڏيندس
تيسين ياد ڪندس، جيسين سريءَ ۾ ساهه آ

آءُ پرين اوريون، هيڻا پنهنجا حال
گذري ويا سال،سور نه سليا پاڻ ۾

تنهنجي سڪ ۾ سپرين، سڪي ٿو ساهه
ٿي ويس پاههُ، خبر نه لڌي ٿو خير جي

ڪنهن کي سور سڻايان، هي سورن جو ديس
مٽيان ڪهڙو ويس، توبن منهنجي سجني

جي تو سور گھڻا، مون وٽ هلي آءُ
پٽي وٺ ساهه، متان سور هلڪا ٿين

مون کان رهي ڏور جيون ڪئين گهارين؟
متان وسارين، مون ۾ آهين تون پرين

عاشق ڌرتي سنڌ جا،تون آڏو اڏيءَ آڻ
نعرو هڻي نروار ٿي، ترس نه ڪنهن جي ڪاڻ
جام شهادت ماڻ، ڌرتي تان قربان ٿي

وري ميگهه ملهار وري نه آئين تون
پسي پيار تنهنجو اڃان نه وسريو مون
هيڪر اچين تون، ته اهنج سڀ لهي پون

چڻنگ دکي چاهه جي چوري چوري آءٌ
سڄڻ سُري آءُ، ته رهاڻيون ڪيون روح جون

ٽوڙي ڦاٽڪ تي هئا گل ڪو ماڻا
گولين جي برسات ۽ دشمن اياڻا
ڪندا ڪڏهن ڪين هن، پلوءَ پراڻا
هاڻي ٿيو سياڻا، ته وڙهون ويڙهه وجود جي

مانجهي مڙس اهو جو دشمن کي دسي
نعرو هڻي نينهن جو، آزادي رسي
پنهنجو حق کسي، ڌارين کي لوڌي ڪڍي

سنڌو ڪناري تي، ويٺي واجهايو
درد ڀريو گيت ڪنهن راڳي آ ڳايو
آزاديءَ ورنايو سهڻي ڌرتي سنڌ لئه

ساري عمر گذري وئي ڪندي اطاعت
ڪوڙي هن نظام ۾ ڪانهي صداقت
اعلان بغاوت، باغين اڄ ڪري ڇڏيو

منهنجي هن سرير ۾ ڪيڏو آهي اُساٽ
ڏسان تنهنجي واٽ، آءُ ته اڃ لهي وڃي

پيڙا هن پوتر جي ڪو نه ڄاڻي ڇو
سڀئي ساٿ ڇڏي ويا مٽ نه مائٽ ڪو
پنهنجو ڪندس اهو، جنهنجو جيءُ جهريل هجي

ڀنڀرڪي جو ڀوري کي ڪٺو پيءُ ۽ ڀاءُ
منهنجي ڌيءُ اڇي اڃان، راڙو ڪيو ماءُ
ڪک پن ۾ پڙلاءُ، وئي ويچاري مارجي

مون کي آهي آسرو ملڻ محب اچي
هوءَ بلاشڪ هُت آ، هتِي پيار پچي
مانڌاڻ من مچي، هُن ڇو ڪئي اڄ دير آ

عشق منهنجي انگ ۾ آندو آ ايمان
ٿبو نه بيمان، پرين تنهنجي پيار ۾

رات جي سانت ۾ مون سين ڪير نه ٻيو
تنهنجي ياد سدا رهي ٻي نه ساريان ڪو
واڪا ڪندس وو ته پرين اڄ پري ٿيو

روئان ويٺي راتڙي پرين تنهنجي ڪاڻ
غم گوندر تنهنجا، آهن هردم ساڻ
حيلا ڇڏ هاڻ، ته پرچي پئون پاڻ ۾

پڇندو ماڻهن کان هان تنهنجو روز احوال
گذري ويو سال توکي ساريندي سکي

نگاهن کان نڪري ائين نه اوجهل ٿي
منهنجي هرخوشي توسان واڳيل آهي مٺي

آزادي سنڌ لئه اوچا ڪنڌ ڏنا
جوڌا ڌرتي سنڌ جا، مائن کان ڇنا
ڪالهه ڏٺا سپناسي ساڀيان ٿيندا سڀئي

سر ڏيندس سنڌ تان منهنجو هي نارو
در در ڳائيندس مٺا، درد جو ڪيڏارو
لوڪ سڄو سارو، نڪري پوندو ناز مان

جيسين دم جهان ۾ جيئندس تنهنجي ڪاڻ
تون ئي هر دم ساڻ، ڪونهي ڪو محبوب ٻيو

ڪونهي ڪو محبوب ٻيو تون واحد وسيلو
تون ئي آن هيلو منهنجي آس نراس جو

مور نه ڇنن پاڻ ۾ گل ۽ ڪنڊا جيئن
پريت اسان جي ائين، رهي آهي پاڻ ۾

دلا ڀري کوهه تان، موٽي سرتين ساڻ
واٽ تي سڏي پاڻ، الي ئي اوچتو

دلا ڀري نار تان، وينگس آ موٽي
هوا ۾ چوٽي، چيلهه کي لوڏي هلي

اڪهين صدي ۾ مٺا ڪريون پنهنجي تات
نڪري پئون نروار ٿي اوندهه کان اڳواٽ
ساٿ ۾ سڀ هجئون کڻي ڪهاڙيون ڪات
ڪري حملا هات، لڄ بچايو لوءِ جي

هيمونءَ هلان ڪئي فرنگين ۾ ڀاڄ
ٻري پئي آڳ، سموريءَ سنڌ ۾

آڻ مڃائين ڪينڪي ۽ ڪڏهن ڪين ڊڳو
ڳاٽو اسر ويل جو ڦاسيءَ گهاٽ ڀڳو
ڪونڌر ڌرتيءَ ماءُ کان ڪنهن ڌوڪو ڏئي ڇڳو
امر ٿي ويو، سورهيه هيمون سنڌ جو

سارو لوڪ ستو پر مان جاڳان ٿو
تنهنجا ڳايان ٿو گيت ۽ غزل پرين

منهنجي خيالن ۾ مٺي جي تون نه هجين هان
پوءِ ڪيئن مان، ڪري سگهان ها شاعري

تن ۾ تنهنجي تاس پرين تنهنجي آهي سار
چوڏس ميگهه ملهار، اچ ته ڪي ڳالهيون ڪيون

ڇو ستائين ٿي مٺي حال اچي تون اور
ڳالهيون ڪجهه ته چور، پرين پنهنجي پُور جون

پنهنجي درڙي تان مونکي نه موٽاءِ
تون ئي منهنجي لاءِ، سڀ ڪجهه آهين سجني