شيخ اياز جي نانءُ
سنڌڙي جا پور، ڪير لکندو قلم سان
سدا وسي سنڌ ۾ اياز تنهنجو نانءُ
تو جهڙو ڏانءُ، ناهين ڪنهن ٻي ڪويءَ ۾
تون جي هليو وئين اسين سڀ دلگير
وري اچ وير ،سنڌڙي ٿي توکي سڏي
ڪوتا ڪاڪ جا، او! البيلا راڻا
اسين عيبن هاڻا، تون ئي سونهن سنڌ جي
اياز تنهنجي ڏات جا ڦُٽل سهڻا گل
تنهنجا گيت غزل، ٿا سونهن بخشن سنڌ کي
هڪ ڪراڙ ڪنڌي تي ٻيو ڀٽ تي ڀٽائي
مٿي بيت جو باني، هيٺ گيت غزل وائي
هڪ ئي آوازي، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا
اياز تنهنجي سونهن جي ڪانهي ڪائي حد
شاعر بي عدد پر مٽ نه ڀائيان تنهنجو
اياز توکي سنڌڙي ڪيڏي آپياري
توئي جيئاري، ڏيئا ٻاري ڏات جا
الا ائين مَ هوءِ جي آنءُ وساريان تو
تنهنجي وئي کان پوءِ، جوت جلائيندس جُوءِ ۾
سي سونهَن سنڌ ۾ ڪراڙ جنهنجو پنڌ
هي انهن جو هنڌ، جن سينڌ سنواري سنڌ جي
سنڌو ڪناري تي، ٿو ويهي گيت لکان
اياز پوءِ توکان، ارپيان سهڻي سنڌ کي
ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ڦٽو هڪڙو گل
چوڏس ڪيڏو هل، ڪيڏي خوشبوءِ آ هتي
ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي گونجي ٿو ساز
ايازي آواز، اڀري آيو اوچتو
چارڻ اڄ ڪراڙ تي چوريوآهي چنگ
ٻريو آهي رنگ، ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي
هل ته هلون ڪراڙ تي جت پچي ٿو پور
وسريو ناهي مور، سورهيه اياز سنڌ جو
ڪراڙجي ڪنڌيءَ تي سکيو سمهي پئين
ائين موڪلائي وئين جيئن وينگس ڪا رُسي وڃي
سُکيو رهين تون سدا، ڀٽائيءَ سان گڏ
سنڌوءَ جو سڏ، توبن اڻپورو آ هتي