شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

پيار ۽ اڪير جو شاعر

سکر شهر ۾ الشفاءَ اکين جي اسپتال جي روڊ کان ٿيندو، هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ جي مهڙ وٽ جڏهن بئراج ڪالونيءَ ۾ مڙي وڃبو ته ڪنهن به ساهه کڻندڙ ۽ نبض هلندڙ جيءَ کان پڇندو ته بشير منگي ڪٿي رهي ٿو ته اهو اوهان کي هڪ وچولي قسم جي سرڪاري ڪواٽر جي آڏو اچي بيهاريندو.
ٻين سڀني لاءِ بشير منگي ۽ منهنجي لاءِ بشيرڻ سائين سدائين هٿ ادب جا ٻڌي اهو چوندي ٻڌبو ته فقير سائين ! تسي لنگهه جو ساڊي خير هي.
بي انتها سادڙو، سلڇڻو ۽ اڀا اڀا ٽهڪ ڏيندڙ ٻارڙي جهڙو مزاج رکندڙ بشير ڻ سائين جي دل به دريا وانگر آهي ڇاڪاڻ جو هو دريا بادشاهه جي ڀڪ تي قائم ڪيل آفيس ۾ نوڪري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو.
مان هن جي Controversies کي هميشه جائز سمجهندو آهيان، بشيرڻ سائين ڪڏهن به روايتي، جڙتو ۽ ٺهيل ٺڪيل راهن تي رُلڻ کان انڪاري رهيو آهي. هن هميشه پنهنجا رستا ۽ پنهنجون ڳليون ٺاهيون آهن ۽ انهن تي ئي سدائين هليو ۽ رُليو آهي. ادب جي بي انتها بگ نيمس آڏو بيهي انهن سان اکيون اکين سان ملائي بيهڻ اسان جهڙن ڇسن ۽ سَر سَر چوندڙ پر متڙين لاءِ ڏاڍو مشڪل رهيو آهي پر هن لاءِ .... ڪڏهن به...
مان ڀانيان سنڌي ادبي سنگت سکر جا سڀ کان اهم ۽ يادگار ادبي پروگرام به اسان بشيرڻ سائين جي سيڪريٽري شپ ۾ ئي ڏٺا، تنهن بعد ترن ۾ تيل ئي نه رهيو...
بشيرڻ سائين سچ ته اسان رولاڪ ۽ جپسي ماڻهن لاءِ هڪ وڏي وٿ آهي. بشيرڻ سائين ڏيک ويک ۾ شاعر گھٽ پر اندر ۾ هڪ چريو عاشق ۽ موکيءَ جي پياڪ متارن مان آهي. ان ڪري هن جڏهن پنهنجو اندر اظهارڻ جو ارادو ڪيو ته شاعريءَ ڏانهن ائين لڙي آيو جئين شاهه لطيف جون اڃايل ٻڪريون پاڻيءَ جي گھاٽ ڏانهن ڊوڙنديون آيون هجن.
مون بشير سائين جي شاعريءَ جوڪتاب هٿن ۾کنيو ته ان جو وزن ٽن پاون کان مٿي لڳو ۽ جڏهن پڙهي پورو ڪيم ته لڳو ته اروڙ جي نينهن جبل تي چڙهي ۽ وري لٿو هجان. بشيرڻ سائين وٽ ڀلي فن جون جام ڪچايون آهن پر هن جو فڪري ۽ هن جي ويچار- ڌارا compact ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
چوڙيون پائي اوچتو، آئي هوءَ اڳيان
ڪيئن نه آئون ڪيان، سجدا اڳيان سونهن جي
يا
تنهنجي سونهن سکي مند بهار جيان
سڄي عمر پيان، مڌ جوڀن جو مٺي
يا
جيون ٻٽي ڏينهڙا، رب کي تون ٻاڏاءِ
ڪر عبادت عشق مان، عاشق ٿيءُ سڏائي
ننڊ مان پاڻ جڳاءِ، اسر جو آذان سان
هنن بيتن مان لڳي ٿو ته بشيرڻ سائين کي گيڙو رتو رنگ لڳو آهي ڇو ته پاڻ جهوڪ شريف جا پانڌيئڙا آهن ۽ هر سال جهوڪ سائين جي راڳي فقير سکر ۾ گهرائي انهن جي رنگ ۽ سنگ سان پاڻ ۽ پنهنجن دوستن کي رنگ رتو ڪري ڇڏيندو آهي.
هي هي رنگ ڏسو...
ڀورا ڀورا ٿي نه وڃين، شيشي وانگر تون
هي ڀلاري ڀونءِ، بار نه کڻندي ايترو

هن وائيءَ ۾ بشيرڻ سائين هڪ بنهه نئون Image اسان اڳيان رکيو آهي.
اوندهه ۾ مڪي مگر
ڏيئو هڪ ٻريل
عاشق جي قبر تي
يا هي اڪيراڻو رنگ...
اجڙيل پنهنجي ڳوٺ ۾
واپس آياسين
ڀاڪر پاتاسين

ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ دوران بشيرڻ سائين اپيپ، اٻوجهه غريبن جي ڪمال تصوير ڇڪي آهي.
جهوپا جيءَ جهري ويا
ٻوڏ جو راڪاس آ
مان سوچيندو آهيان بشيرڻ سائين آبپاشي کاتي جي مَنَ (circle) ۾ ويٺو نوڪري ڪري هن هر شيءِ ڏٺي هوندي، هر شيءِ هن اڳيان ٿي رهي آهي . سنڌ جا بند ڪيئن ڪاغذن ۾ اڏيا وڃن ٿا سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪک هوندا آهن ڇا هن موضوع تي لکڻ لاءِ اسان کي بشيرڻ سائين جي ريٽائرمينٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. بشيرڻ سائين جا ڪالم پوريءَ سنڌ ۾ پڙهيا ويا ۽ پوءِ انهن جو مجموعو “سنسار سنڌ ۽ منهنجي سوچ ” جي نالي سان ڇپيو به... پر الاءِ ڇو بشيرڻ پنهنجي کاتي تي ان aspect کان ڪونه لکيو آهي ته مارو ماڻهن جي ڀينگ ڪرڻ ۾ هن جي کاتي جو ڪيترو ڪردار رهيو آهي.
بشيرڻ سائين جي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ٿيل آهي . غزل جا ٻه ٽي هي بند سچ ته دل کي ٽچ ڪري ويا آهن.
ڪير ٿو مون کي سڏي اڌ رات جو
ڪير ٿو پنهنجا گڏي اڌ رات جو

مئڪدي ۾ جام ٺاهي ٿو پيو
بانسري پئي ٿي وڄي اڌ رات جو

ننڊ کي ڀونڊو ڏئي جاڳي پيو
جنگجو ڌرتي چمي اڌ رات جو

يا هي ڏسو...
رات گذري وئي بيقراري هئي
باک آهي ڦٽي انتظاري هئي

درد منهنجي کان هر ڪوئي اڻڄاڻ هو
ڪو به رشتو نه هو دنيا داري هئي

هاءِ ڪيڏا نه سندر اهي پل هيا
ساڻ مونسان پرين هو، بهاري هئي

يا خيال جي شدت ۽ اڇل ڏسو:
ٻي ڪناري تان سڏيو، ته به هليا ايندا سون
تارون ناهيون، پوءِ به تري اينداسون

اهڙا ۽ ان جهڙا انيڪ رنگ رتول اوهان کي شاعري جي هن باغيچي ۾ ملندا، بشيرڻ سائين جا گيت، نظم، نثري نظم ۽ ٻيون سڀ لکيل صنفون پڙهڻ کان پوءِ رڳو ايترو چوندم ته بشيرڻ سائين پنهنجي سڄي توجه ۽ طاقت فڪر-ڌارا کي سرجڻ تي ئي لڳائي ڇڏي هن فن جي لاڙن کي جوڳو ٽائيم نه ڏنو آهي هاڻي خبر ناهي اها روايت کان بغاوت آهي، بيزاري آهي يا جديد لاڙن کي سمجهڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش.
هن ڪتاب جي مهڙ ۾ به پيار لکيل آهي ته انتم صفحي تي به پيار لکيل آهي ان ڪري اسان سچي دل سان بشيرڻ سائين کي پيار ۽ اڪير جو شاعر چئي سگهون ٿا رب سائين کيس وڏي حياتي ڏي. آمين...

حبيب ساجد