بشير منگيءَ جا بيت ۽ وايون
ڇو ستائين ٿي مٺي، حال اچي تون اور
ڳالهيون ڪجهه ته چور، حال اچي پُور جون
ٽڙيل گل گلاب جيان
مرڪي ٿي مومل،
منهنجو من ٻهڪي پيو.
چنڊ به مرڪي پيو،
ڏسي نينهن اڇل،
منهنجو من ٻهڪي پيو.
صاحبِ ڪتاب شاعر ديش ڀڳت ۽ وطن دوست آهي. سندس بيتن ۽ وايُن ۾ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ پيار جو جذبو خوب جهلڪي پيو. سندس شاعري ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي ته وٽس رڳو کوکلا نعرا ناهن، بلڪ هو آزدي ۽ آجپي لاءِ سوچي به پيو ۽ لوچڻ جو حوصلو پڻ رکي ٿو. هو وطن جي حب رکندڙ سُڄاڻ شاعر آهي ۽ مٽيءَ سان آڳاٽن دراوڙن وانگي لاڳاپيل آهي.
هيمونءَ هلان ڪئي فرنگين ۾ ڀاڄ
ڀري پئي آڳ، سموريءَ سنڌ ۾
توسان جنگ جاري رهندي
رهندس آخر آءٌ
منهنجو هوڪو حق جو
لال لهوءَ جي ليٿڙجي
ڪوٽ ڪيرائيندو سانءِ،
منهنجو هو ڪو حق جو
بشير شاعر هئڻ سان گڏ صوفي لا ڪوفي به آهي ۽ ويدانتي فڪر کان متاثر پڻ، هو نه رڳو جهوڪ شريف، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ فقير قادر بخش بيدل جي درگاهن جو پانڌيئڙو آهي، بلڪ سندن شاعري پڙهي پرجهي گيڙو رنگ ۾ رڱجي پڻ ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تصوف ۽ فقيريءَ واري فڪر جون جهلڪيون سندس بيتن ۽ وايُن ۾ به ملن ٿيون.
ڪوڙي هن جڳ ۾ ڪيڏو يار جيئندين،
مٽي ٿي ويندين، مٽيءَ سان ملي ڪري.
مٽيءَ سان ملي،
مٽي ٿيندس مان،
هيءَ حياتي ٿورڙي.
بهرحال بشير منگيءَ جا بيت ۽ وايون ماترڪ ڇند جي ڪچايُن هوندي به ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهن ۽ اهي سادگي سان گڏ پرڪاري، برجستگي، غفائيت، بي باڪي، مٽيءَ جي هڳاءُ ۽ فڪري لاڳاپي جا انيڪ رنگ رکندڙ آهن. بشير منگيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ تز سنڌي ٻولي آهي ۽ هن عربي، فارسي ۽ سنسڪرت توڻي هندي ٻوليءَ جي نه هضم ٿيندڙ لفظن کان پاسو ڪيو آهي. سندس پورهيو ضرور ساڀ پوندو.
ضياءُ شاهه