اچ پرين
اهڙو ڪر ورتاءُ ته پرچي پئون پاڻ ۾
اچ پرين عيد تي اکين اوسيئڙو
هيڻو هينئڙو ،تو بن ڏري ٿو پوي
اچ پرين عيد تي ، سڪي منهنجي ساهه
هي ڀلارو ماهه، گذري ويندو گوندرين
اچ پرين عيد تي پائي وڳا ويس
منهجي مئل ميس ، اُڀري پوندي اوج تي
اچ پرين عيد تي آ هڪڙي ڳالهه ڳٿي
وجهه نه تون وٿيِ، پرين پنهنجي وچ ۾
اچ پرين عيد تي توکي مبارڪ ڏيان
تنهنجو خير گهران دل سان در الله جي
اچ پرين عيد تي هلون لب مهراڻ
سکي پنهنجي ڪاڻ، ڏڻ آندو ڏاتار آ
اچ پرين عيد تي ٻيڙيءَ سير ڪيون
ڳالهيون ڪي نيون، ڪيون پنهنجي پيار جون
اچ پرين عيد تي سٽ ڏئي ٿي سڪ
ڪيڏي آهي ڇڪ، تن ۾ تنهنجي لاءِ پرين
اچ پرين عيد تي وچن ڪيون ويهي
پاڻ ۾ پيهي، رهاڻيون ڪيون روح جون