شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

مٺڙا ٿي وئين ڏور

مٺڙا ٿي وئين ڏور
منهنجي توبهه زاري
تو ڪو نه نڀائي ياري

راهه اڻانگي لُٽجي ڦٽجي
پو به جدوجھد جاري
تو ڪو نه نڀائي ياري

اميد تي دنيا قائم ساري
دلڙي ڪو نه هاري
تو ڪو نه نڀائي ياري

ماڻهو طعنا ڏين پيا
ڪيڏي آ دشواري
تو ڪو نه نڀائي ياري

مون ۾ ناهي کوٽ پرين
ناهيان ڪو مياري
تو ڪو نه نڀائي ياري

خطائون معاف ڪري ڇڏ
سهڻا تون هڪ واري
تو ڪو نه نڀائي ياري