شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

چوسٽا

اس ڪاريءَ ۾ آخر رجي ڇو؟
گيدي ڪانئر ڀلا ٿجي ڇو؟
جيئڻ جو آ حق ڪنهن کي
ماڻهو ماڻهو کان ڊڄي ڇو؟
***

مان ڪونه ڊڄان آپيشاهيءَ کان
مان ڪونه ڊڄان جيل کاهي کان
ڀلي جا تون مون کي ماري ڇڏ
مان ڪونه ڊڄان ڪنهن ڦاهيءَ کان
***

اسر ويل آذان اچي ٿي
سوري هيمون لاءِ سجي ٿي
ڳاٽي جو ٽڙڪاٽ ٿئي ٿو
سنڌو ڳوڙها رت ٽمي ٿو
***

سکر جيل جي کوليءَ مان
ڪا چيخ اٿي جهوليءَ مان
ڪو آڌيءَ رات گل ڪريو
ماءُ جي ڦاٽل چولي مان
***

خواب اکين مان اڏري ويا
گل پتين کان وکري ويا
ڪيئن ڳايان گيت خوشي جا
منهنجا پيارا ماڻهو وڇڙي ويا
***

برهه باهه کان تون بچي ڪونه سگهندين
جدائي پرينءَجي ڀوڳي ڪونه نه سگهندين
ڪاريهر تي پير ڪيئن ٿو رکين ڳهيلا
سٽون عشق جون تون سهي ڪونه سگھندين
***

پرين راهه تنهنجي اڃان ٿو تڪيان
زخم سور تنهنجا سهان ٿو اڃان
سدائين اشارن تي نچايو اٿئي
۽ تماشو ٿي ويس دنيا اڳيان
***
عشق جي آڙاهه ۾ پچندو ٿو رهان
جنگ مقدر سان جهيڙيندو ٿو رهان
ڪنهن ڌڪي مون کي ڇڏيو درياءَ ۾
۽ ڪنارو مان ڳوليندو ٿو رهان.
***

هي جا منهنجي ماءُ مٺي
ساري دنيا کان ئي سٺي
رات جو مون کي جهولي ڏي ٿي
مٺڙي مٺڙي لولي ڏي ٿي
***

ڀلي داغ ڪيئي لڳايو اسان تي
ڪيئي ذلتون ڪڍ لڳايو اسان تي
اڇي کير جهڙو اسان جو آ دامن
ڀلي تهمتون ڪجهه لڳايو اسان تي
***

ڇا ته ڇوري تنهنجا رنگ
ڄڻ ڪي آهن انڊلٺ رنگ
رات به بجلي وانگر چمڪيا
وينگس تنهنجا ڪي ڪي انگ
***

ڪڻڪ جي ڪنهن سنگ جهڙي ڇوڪري
ها بسنتي رنگ جهڙي ڇوڪري
مام ۾ ماري وجهي مون کي پئي
ڇا ته ڏوڪي ڏنگ جهڙي ڇوڪري
***
جيت جون ۽ هار جون ڳالهيون ڪيون
ڪنهن پويتر پيار جون ڳالهيون ڪيون
آءُ تون مان ٽهڪڙا ڏئي پاڻ ۾
ڇو نه اڄ هٻڪار جون ڳالهيون ڪيون
***

هر ماڻهو ٿو سمجهي محترم پاڻ کي
محفل ۾ هر ڪو سمجهي تُرم پاڻ کي
آئيني ۾ شڪل ڏسي ڪونه ٿو ڪوئي
نه ته هر ڪو سڏائي مجرم پاڻ کي
***

ڇو در ۾ ديد لڳائين پيارا
ڇو ڳڻتين منجهه ٿو ڳارين پيارا
توکان وڇڙي ٻي جو ٿي ويو
ڇو تنهن لئه نير وهائين پيارا
***

شام ويلي ڇوڪري ايندي نه ڪر
ڏک ڏوراپا پيار ۾ ڏيندي نه ڪر
ڇا ڪريان ظالم زماني کان ڊڄان ٿو
تون به خيال ڪر اُٻهري ٿيندي نه ڪر
***

ايڏو پرين تاءُ نه ڪر
ڳالهين ۾ اٽڪاءُ نه ڪر
منهنجي دل جي ڳالهه به ٻڌ
گھڙي گھڙي تون گهاءُ نه ڪر
***

توبن ڪهڙو چاهه پرين
ناهي رهيو ويساهه پرين
توکي سمجهيم مسيحا جاني
پر ڪو نه ڪيئي نڀاهه پرين
***

ساجن ايڏي دوري ڇو آ
اسان آڏو مجبوري ڇو آ
ڏکن ۾ سارو جيون گذريو
ڳالهه پوءِ ڀي ڳوري ڇو آ؟
***

مون عمر آ ڳاري ڪوٽن ۾
مان ڦاٿي آهيان کوٽن ۾
هر ساماڻيءَ آ سيج تي ويٺي
منهنجي نظر اڃان گھوٽن ۾
***

حادثا هر موڙ تي ايندا رهن
۽ ڌماڪا پيار ۾ ٿيندا رهن
پيار ۾ ٿيندو ازل کان ائين آ
ميل پنهنجي پيار جا مچندا رهن
***

گھڻائي ٿا سمجهن مان بيڪار آهيان
پراڻو لڳل ڀت تي اشتهار آهيان
مرهم رکي ڪو دلاسو نه ڏي ٿو
زماني تي ڄڻ ڪو ڳرو بار آهيان
***

ڪي نيڻ اشارا ڪن ٿا مون کي
جيءَ جيارا سڏن ٿا مون کي
ڀل جا منهن کي موڙي ڇڏ تون
روز پيارا ملن ٿا مون کي
***

پرين دل لڳائي پوءِ واپس نه کڻجو
زبان تي آڻي ڳالهه دل ۾ نه رکجو
اسان جي آ تقدير اوهان جي هٿن ۾
اوهان جڏهن چاهيو ته بدلائي ڇڏجو
***

هر روز اچي ٿي خوابن ۾
هوءَ رهندي آ نگاهن ۾
افسوس جو مون کي ان تي آ
هوءَ ٻي جي رهي ٿي ٻانهن ۾
***

اڇا وار آهن پوءِ به جوان آهيان
دل وارن جي دردن جو درمان آهيان
چمان رات ڏينهن ٿو رستا پرين جا
آخر عاشقن جو مان اڳواڻ آهيان
***

روزانو راهه تنهنجي هر دم تڪيندس
تنهنجن خطن کي چمي ڏئي مان سمهندس
تون رستن تي مون کي وڃائي نه ڇڏجانءِ
مٺي! توکان ڪو پل جدا ڪين رهندس.
***

ڪي ڪوهه سفر ۾ ٿڪجي پيا
۽ بي ڏوهي ڪي ٽنگجي پيا
جن جنگ وڌي آ جوٽي جو ڌن
سي ميدانن ۾ رنڱجي پيا
***

ڪجهه حاصل ۽ ڪجهه وڃائي ٿو آدمي
ڪوئي پنهنجو ڪوئي پرائو آدمي
اشرف المخلوقات سڏائي پاڻ کي
انسان مان ڦري ٿي پيو آ درندو آدمي