شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

اچ جانان

اچ جانان
تو خط لکيو آهي
مان ايندس
ها ! تون ضرور اچ جانان
مون پنهنجي گهر جا
سڀئي چراغ
روشن ڪري
ڇڏيا آهن
صحن پيار جي
گلاب پتين سان
ڀري ڇڏيو آهي
۽ اکيون
اوسيئڙي ۾ بيهاري
ڇڏيون آهن
مون پنهنجي گهٽيءَ مان سڀ شيطان
تڙي ڪڍي ڇڏيا آهن
ته جيئن اسان جون
پاڪ ۽ معصوم دليون
بنا ڪنهن خوف
جي ملي سگهن..

زلفن جو اسير ناهيان
مان تنهنجي زلفن جو
اسير ناهيان
نڪي مان بيوفائن جي
اجڙيل شهر جي
قبرستان جو پٿر آهيان
مان ڪوهه ڪاف
جي پرستان جو
ٿرڊ ڪلاس شهري آهيان
منهنجا خواب به
اڌورا رهجي ويندا آهن
جن جي وسيلي
آئون جيئندو آهيان
مان تو لاءِ ٺلهن لفظن جو
گرم چنڊ به
تريءَ تي نه آڻي سگهندس
مان تو لاءِ اڀ مان ستارا به نه لاهي سگهندس
اهو منهنجي
وس ۾ ناهي پرين
اهو ڪم صرف
هڪ جادوگر ڪري سگهي ٿو
جو مان ناهيان...