پهريون پيار پهرين نظر ياد رکجانءِ
اڙي بي خبر، بي صبر ياد رکجانءِ
مون کي وسارڻ ڏکيو توکي لڳندو
يادون ۽ واعدا ذڪر ياد رکجانءِ
جتي هئي مِلي توکي راحت ۽ چاهت
وفائن ڀريل دل جگر ياد رکجانءِ
بسنتي گلن آجيان ڪئي اوهان جي
گلابن ڀريل هي شهر ياد رکجانءِ
گڏجي سفر ۾ گهاريون چند گهڙيون
منهنجا هم سفر تون سفر ياد رکجانءِ