جيڪي دل ۾ آيو، پَني تي آيو
اوهان جو اچڻ، هن لاءِ خوشي کنيو ايندو. مرڪي، ٻانهُن جو هارُ پائي، آڌرڀاءُ ڪندو. وسَ آهر خدمت چاڪري ڪندو ۽ پوءِ ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌندو. شاعرن، اديبن جي واکاڻ به ڪندو ته جيڪي وري دل گهُريا نه هوندس ته انهن جي ڳالهه به دل کولي ڪندو. اهو بشير منگي هوندو. هند_ سنڌ ۾ پنهنجن خاص حوالن سان مشهور بشير منگي هڪ وَرسٽائيل ليکڪ (Verstyle Writer) آهي.
هِنَ مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن سي به سادا، جيئن دل ۾ آيُس، لکيائين. سَنوان سِڌا اهڙا جيئن ڪا سٺي شاهراهه هجي ۽ سِڌو هليو وڃجي. بِنا اُلڪي جي منزل تي پڄي وڃجي. بِنا ڪنهن ڀَوَ ڀولي جي مسافر پنهنجي ماڳَ تي پڄي وڃي. عالمي ادب جي ڄاڻ هوندي هروڀرو رعب ويهارڻ لاءِ پرڏيهي ليکڪن جا نالا ڪونه ٽنبيدو، نه ئي حوالا ڏيندو. سنئون سڌو مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.
ملڪ جي سفر ۾ مان ساڻ هيومانس. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جو پاڇو بڻيل، هر هنڌ گڏ. هر هنڌ حاضر ناظر، ٻئي ڄڻا جهڙا فوٽوءَ ۾، تهڙا ٻاهر، وڏي اديبَ جي ڪنڌ ۾ ڪِلي هڻي، ڀڳت ڪو نهَ بڻجون. کِلَ به سچي ساڻ ڪجهه “وڏا اديب” سِيٽيا هَلن. مُرڪن به ته لڳي، اسٽيڪر چنبڙايون اٿائون. ان سفر جي وارتا لکيائين به سنئين سِنڌي، ڪو هيرو بڻجڻ جو ڪوشش نه ڪيائين، سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان هڪ منفرد سفرنامو “پکي پيار امن جا” لکيائين.
شاعريءَ ۾ هائيڪا لکيائين ته “وڏڦڙو” بڻجي ويا، جنهن ۾ جيئن هن جي اک ڏٺو، منظر جهَپي وَرتو ۽ پني تي پنهنجي سُهڻي قلمَ سان ٽاڪي ورتو.
هي شاعري جو ڪتابُ “ڪير ٿو مون کي سڏي” هن جي اندر جو آئينو آهي. صاف ٿيلُ ۽ اگهيل آئينو، جنهن ۾ هن جي پنهنجي اندر جي وارتا، پنهنجي سادگيءَ سان ڇٽيل آهي. ڪنهن جي ڇاپَ ڪونه آهن.
هي شاعريءَ جو ڪتاب هڪ صافُ آئينو آهي. ڪنهن کي ڪا ميراڻ يا ڪا رَئي نظر اچي ٿي ته ان ۾ ڏوهه آئيني جو نه، اک جي ديدَ جو آهي.
آدرش
شڪارپور