شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

او...ناري

او...ناري


چپ سبيل تون پنهنجا کول
لفظ ٻه ٽي تون پنهنجا ٻول
ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

تون پيڙهين جو ڄم ڏنو
پوءِ به مارڻ لئه تون چَم ڏنو
۽ سڏڪي سڏڪي دم ڏنو
ڪجهه پنهنجو پاڻ کي ڳول
ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

اونچا قلعا ڪوٽ ڏنائون
توکي ور اڌڙوٽ ڏنائون
وک وک توکي چوٽ ڏنائون
طعنا، تنڪا تنهنجي جهول
ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

هر ظلم سهي چُپ رهين ٿي
مري جي ۽ جي مرين ٿي
ڪائي نه تون ڳالهه ڪرين ٿي
روئي روئي موتي نه رول
ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

ظالم کان ٿي لونءِ لڪائين
ويٺي گهر ۾ ساهه سڪائين
ڇو ٿي پنهنجو پاڻ جهڪائين
درد سمورا تنهنجي ڪول
ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

تون ناري سنڌي ٻاگهي ٿي
تون جرئت ۾ ڀي ساڳي ٿي
ڪنهن نه اڳيان تون داڳي ٿي
اڄ ڀي تون آن اتم انمول
ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري