بشير منگي ڪاريگر شاعر
بشير منگي اسان جو نظرياتي دوست آهي، هو سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي. هن هميشه هيڻن طبقن جي ڀرجهلائي ڪئي آهي ۽ ڪمزور ماڻهن ۾ مزاحمت جو جذبو اُڀارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. رسول حمزاتوف چيو هو؛ ‘Sit on your horse until you fumble or from mortal wound you tumble “گولاٽين کان سواءِ گهوڙي سواري مشڪل آهي، تيستائين جيستائين موتمار زخم کائي هيٺ نٿا ڪرو.”
بشير منگي هميشه گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ تي سفر ڪيو آهي، جيڪو ڏاڍو ڏکيو آهي. سندس هائڪن جو ڪتاب “وڏڦڙو” جي نالي سان اڳ ئي ڇپجي چڪو آهي. هائڪو فني اعتبار کان تصوير گرافڪ شاعريءَ جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ بشير وٽ اهڙو ڏانءُ آهي جو هو ڪنهن به منظر جي لفظي تصوير گرافي ڪري سگهي ٿو. هو ڊگهي عرصي کان شاعري ڪندو پيو اچي، “ڪيرٿو مون کي سڏي” سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو آهي. جنهن ۾ غزل، نظم، گيت ۽ بيت وغيره شامل آهن.
فڪري طور بشير جي شاعري لنوائڻ جوڳي ناهي، باقي فني اعتبار کان ڪٿي کانئس ڪي شيون ڊسٽرب ٿيون آهن، جنهن طرف کيس ڌياڻ ڏيڻ گهرجي.
زندگي ڏاڍي ڪشادي، لامحدود ۽ پل اپل تبديل ٿيندڙ يونٽ آهي. جنهن جي ٽڪر ٽڪر کي ليکڪ ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ نئين شئي ٺاهيندو آهي. جيڪا اصل کان مختلف حيرت انگيز، حرارت بخش ۽ معنوي لحاظ کان جامع هوندي آهي.
جديديت جا نقاد زندگيءَ جي سمورن سماجي مامرن بابت ادبي پيشڪش کي ”ميڪبيٿ“ جي جادوگرياڻين سان ڀيٽ ڏيندا آهن. جيڪي “جادوئي چورڻ” ٺاهينديون آهن. هنن جو خيال آهي ته ادب براءِ زندگيءَ جو ترجمان، زندگيءَ جي شديد انتشار ۽ بي ربطگي کي سمجهڻ کان وانجهو آهي، جنهن کي بشير غلط ثابت ڪري ڏيکاريو.
تاج بلوچ