ڪتاب جِي فھرست

انتساب مرحوم آصف غيور نالي

پاڪستان مرچنٽ نيوي جي مشهور شخصيت ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي پئسينجر جهاز سفينئه حجاج جو چيف انجنيئر محمد آصف غيور منهنجو ڀائرن جهڙو ڀاءُ، دوست ۽ ڪلاس ميٽ هو. هو ٽي سال کن اڳ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 5 جون 1994ع تي دل جي آپريشن (Open Heart Surgery) دوران گذاري ويو.
آصف غيور سان منهنجي پهرين ملاقات اپريل 1963ع ۾ چٽگانگ- بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) ۾ ٿي. هو به مون وانگر پاڪستان مئرين اڪيڊمي Join ڪرڻ آيو هو. انجنيئرنگ برانچ ۾ هجڻ ڪري اسين هڪ ئي ڪلاس ۾ هئاسين. اسين جهاز جا انجنيئر يعني مئرين انجنيئر ٿيڻ لاءِ هتي تعليم وٺڻ لاءِ آيا هئاسين. پهرين ڏينهن ئي شام جو ڊنر بعد هو مون سان اچي مليو هو. آئون به اڪيلو هوس ڪو به منهنجو اڳ جو سڃاڻو نه هو.ان ڪري مونکي ساڻس ملي خوشي ٿي.
”آئون توهانکي پهرين کان سڃاڻان،“ آصف ٻڌايو. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو.
”ڪيئن؟“ مون پڇيومانس.
”منهنجي پڦيءَ جا ٻه پٽ توهان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئا. انهن ٻڌايو هوم. هڪ جو نالو خالد دراني آهي ۽ ٻئي جو خيام دراني.“
خالد ۽ خيام (جن جو والد صاحب مرحوم لياقت دراني جيڪو بعد ۾ ٽي وي جي مزاحيه ڊرامن جو مشهور اداڪار ٿيو)، مونکان هڪ سال جونيئر هئا. هو ٻئِي ڀائر پڙهائي، عام معلومات، راندين، تقريرن، مختلف Hobbies ۽ سٺي سُر ڪري ڳالهائڻ کان ڪاليج ۾ مشهور هئا. سنڌي، اڙدو ۽ انگريزيءَ تي سٺو عبور هجڻ ڪري ڪاليج مخزن ۽ ڊبيٽنگ ڪلب جهڙن شين جا هو چيف ايڊيٽر ۽ انچارج به رهيا. هنن جي والده مسز اي. ايم. درانيءَ کي اسانجا اپر سنڌ جا ڪلاس ميٽ شاگرد زياده ئي سڃاڻندا هئا، جو هوءَ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن (دادو، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور وغيره) جي اسڪولن جي هيڊ مسٽريس رهي چڪي هئي، جتي هنن جون ڀينرون مسز درانيءَ جون شاگردياڻيون هيون. خالد ۽ خيام دراني جي ڀينرن: سلميٰ ۽ شاهانا پڻ پنهنجي ماءُ کي فالو ڪيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ بعد پڙهائينديون اچن. سلميٰ سنڌ يونيورسٽي ۽ آمريڪا مان زولاجي ۾ M.Sc ۽ Parasitology ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجي دپارٽمينٽ جي هيڊ ٿي رهي ۽ اڄڪلهه ڊفينس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي. شاهانا نفسيات ۾ M.A ڪئي ۽ اڄڪلهه PAF ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي.
ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد خالد درانيءَ نيوي Join ڪئي ۽ ڪمانڊر ٿي نيويءَ مان رٽائرڊ ڪيو ۽ اڄڪلهه ڊپازٽري ۾ آهي. پاڻ ٽيچر نه ٿيو پر سندس زال ’سيما ڀاڀي‘ (جنهن مائڪرو بايولاجي ۾ M.Sc ڪئي آهي) سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي. خيام ايئرفورس ۾ چونڊيو ويو ۽ اڄڪلهه گروپ ڪئپٽن (يعني ڪرنل آهي ۽ انشاءَ الله جلد ائير ڪموڊور ٿي ويندو. خيام شاهراهه فيصل واري PAF اسڪول/ڪاليج جو پرنسپال آهي. سندس زال نائله درانيءَ جو به تداريس سان واسطو آهي. بلوچستان يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ايم.اي ڪرڻ بعد هوءَ اڄڪلهه سٽي اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال آهي. خالد/خيام جو نانو ۽ ناني ڊاڪٽر ۽ مسز عبدالغفور لاڙڪاڻي جا مشهور ڊاڪٽر ٿي گذريا آهن. هو سر شاهنواز ڀٽو صاحب جن جا فئملي ڊاڪٽر ٿي رهيا آهن. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي گذاري ويا، جتي سندن قبرون آهن.
آصف غيور جو والد يعني خالد ۽ خيام جو مامو محمد غيور صاحب سڄي عمر هڪ ننڍڙي سرڪاري نوڪري ۾ رهي، ٻارن کي ڪو گهر گاڏيون يا ويس وڳا نه پر علم جهڙو زيور ڏنائين. سرڪاري نوڪريءَ جو گهٽ پگهار، وڏو ڪٽنب (کيس آصف سميت اٺ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي)، ۽ مهنگائي جي زماني جي باوجود هن جنهن سادگيءَ سان وقت گذاري پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم، اخلاق مذهب کان آگاهه ۽ برين عادتن ۽ اجاين Complexes کان جنهن نموني دور رکيو، ان جو احساس مونکي تڏهن کڻي ننڍي عمر ڪري گهڻو نه ٿيندو هو. پر اڄ ان جو قدر ڪيان ٿو ته ڪاش اسان جي ملڪ ۽ قوم جا ماڻهو ان جو مثال وٺن. چٽگاننگ بعد ڪراچيءَ واري عرصي جو وڏو حصو مون آصف جي گهر ئي گذاريو. ڪيئن آصف جي ماءُ صبح جو هڪ هڪ ٻار کي نيرن ڪرائي اسڪول، ڪاليج ۽ آفيس ۾ موڪليندي هئي ۽ غربت سارو اسان کي لنچ باڪس ٺاهي ڏيندي هئي. ٻيو نه ته رات جي مانيءَ مان اسان لاءِ ٻوڙ ذرو ضرور بچائي رکندي هئي. جيئن سندس سڳا پٽ ڀلي گهٽ کائين پر سندن مهمان ڏکيا نه ٿين. مون ڪڏهن به آصف يا سندس ڀائرن کي ڪنهن سان وڙهندو يا گارگند ڪندو ته ڇا پر تکي وات سان ڳالهائيندي به نه ٻڌو. آصف جي پيءُ جي سادي رهڻي ڪهڻي سان گڏ روزمره جي سادي Routine هئي. آفيس کان گهر، گهر کان مسجد، باقي وقت هڪ هڪ ٻار جي پڙهائيءَ جو اونو. آصف کان ننڍو فقط هڪ ڀاءُ محمد علي ۽ ڀيڻ هئي. وڏو ڀاءُ اسلم مرحوم فيڊرل سيڪريٽري ٿيو، مرحوم سليم غيور انگلينڊ ۾ نوڪري به ڪندو هو ته بزنيس به، مرحوم احسان جو اليڪٽرانڪ سان واسطو هو. آصف جا اهي ڀائر به ننڍي ڄمار ۾ دل جي بيماريءَ سبب گذاري ويا. ان بعد محسن غيور چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ ڪافي وقت سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪمپيوٽرن جو بزنيس ڪري ٿو. ننڍو ڀاءُ محمد علي پڻ C A ڪئي آهي ۽ ڏهاڪو سال کن سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هاڻ آمريڪا ۾ نوڪري ڪري ٿو. جتي سندن هڪ ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر عارف ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر اقبال غيور ڏهاڪو کن سال نئروبيءَ (ڪينيا) ۾ ڊاڪٽري (ٻارن جو ڊاڪٽر ٿي رهڻ) بعد هاڻ ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس ڪري ٿو. سندس هٿ ۾ قدرت شفا رکي آهي. وڏيون وڏيون اسپتالون ۽ اسپيشلسٽ ڇڏي اسان جهڙا سوين هزارين ماڻهو هن وٽ پهچيو وڃن، جو هن سڄي عمر محنت، ايمانداري ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکي مريضن جو علاج ڪيو آهي، نه پاڻ پئسي پٺيان ڀڳو آهي ۽ نه هن پئسي کي پاڻ طرف اچڻ ڏنو آهي.
آصف غيور راندين يا پي ٽي پريڊ ۾ چاهي ٽاپ جو شاگرد نه هو جو هو ڪنهن ڪئڊٽ ڪاليج يا ملٽري ڪاليج بدران هڪ عام ڪاليج (آدم جي سائنس ڪاليج) مان انٽر ڪري آيو هو. پڙهائيءَ ۾ سٺو ٺيڪ ٺاڪ هو. دوستي ياري، Manners (اخلاق، فضيلت)، سٺي صلاح ڏيڻ ۾، Sense Of Humor (خوش مزاجي) ۽ نيڪ نيتيءَ ۾ هن جو جواب نه هو. هو هر هڪ جو ڀلو چاهيندڙ ۽ قربانيون ڏيندڙ هو. ڪڏهن ڪلاس ميٽن ۾ غلط فهمي يا جهيڙو ٿيندو هو ته اڳڙيون وجهي ٻنهي کي سرچائي ڇڏيندو هو. حد کان وڌيڪ شريف هجڻ ڪري اسان دوست کيس ”الله ميان ڪي گائي“ به چوندا هئاسين.
چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪرڻ بعد ٻه سال کن اسان ڪراچيءَ ۾ ساڳي ورڪ شاپ (ڪارسٽرس ائنڊ ڪمنگس) ۾ رهياسين. جتي جهاز جي مرمت جو ڪم سکياسين. ان بعد ڏهاڪو کن سال جيتوڻيڪ اسان جهاز هلايا پر اسان جون مختلف جهازران ڪمپنيون هجڻ ڪري الڳ الڳ جهازن تي رهياسين. پر اسان جي خوشنصيبي هوندي هئي جو اسان کي ڪامن بندرگاهه ملي ويندا هئا. سيڪنڊ انجنيئري ۽ چيف انجنيئري جي امتحانن تي به گڏ لٿاسين ۽ گڏ رهي تياري ڪئيسين. جهاز هلائڻ کان بيزار ٿي ڪناري جي نوڪري جي به گڏ ڳولا ڪئيسين ۽ اسان ٻئي ملائيشيا لاءِ چونڊجي وياسين. ملائيشيا کي جهاز هلائڻ جي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽن جي ضرورت هئي جنهن لاءِ دنيا جي اخبارن ۾ اشتهار ڏنا هئائون. پاڪستان مان اسان ٻه (۽ ٽيون ڪئپٽن ذوالفقار) چونڊجي آياسين. اسان کان اڳ هڪ ٻيو به پاڪستاني (درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم) سال ڏيڍ اڳ ملاڪا (ملائيشيا) آيو هو. هن اڪيڊمي کلڻ کان اڳ ملائيشيا جا نوجوان جهازي تعليم لاءِ پاڪستان، هندستان، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ ويندا هئا.
آصف ۽ آئون (1983ع) ۾ گڏ گڏ ملائيشيا پهتاسين. هن ڪتاب ”مڪلي کان ملاڪا تائين“ اسان جو ملائيشيا پهچڻ ۽ شروع ۾ ڏينهن جي تجربي ۽ سفر جو احوال ڏنل آهي. آصف ملائيشيا ۾ ٽي سال رهڻ بعد پاڪستان موٽي آيو ۽ اچي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ 19 گريڊ ۾ انسٽرڪٽر (ليڪچرار) ٿيو. آئون ان بعد به ٻيا پنج ڇهه سالن کان ملائيشيا ۾ رهي پيس ۽ 1990ع جي آخر ۾ پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC ۾ موٽيس جنهن سال بعد مونکي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) ۾ ڪم آيو.
مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد جنوري 1994ع ۾ مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي، ڪراچي ۾ Deputation تي رکيو ويو، جتي اسان جي دوست آصف غيور پڻ نوڪري ڪئي ٿي. هڪ دفعو وري آصف سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو، جتي فرصت ۾ گذريل سال جو احوال هڪ ٻئي کان وٺندا رهياسين. انجنيئرنگ ڪئڊٽس جا ڪجهه سبجيڪٽ (بئالر، اسٽيرنگ گيئر، ڊڪ مشينري، ميٽلرجي) آصف پڙهائيندو رهيو ۽ نيول آرڪيٽيڪٽ، شپ ڪنسٽرڪشن، ڊيزل انجن وغيره منهنجي حوالي هو. اهڙي طرح جهاز جي انجنيئرن جوPost-Sea ڪورس به گڏجي ڪرائي رهيا هئاسين. آصف ملائيشيا وڃڻ کان اڳ Diabetic ضرور ٿي پيو هو، پر باقي صحت جي خيال کان ٺيڪ ٺاڪ هو. مالمو (سئيڊن) کان موٽڻ بعد، ڪجهه عرصي کان دل جي تڪليف رهيس ٿي، ڪن ڊاڪٽرن کيس آپريشن جي صلاح ڏني، ڪن ڪجهه عرصو ائين بنا آپريشن جي رهڻ لاءِ چيو. مئي ڌاري ڪئڊٽن جو سيمسٽر ختم ٿيڻ تي ٻن مهينن جي موڪل مان هن فائدو وٺي آپريشن ڪرايو. سندس شايد حياتي نه هئي ۽ قدرت کي ائين منظور نه هو نه ته ساڳيو آپريشن، سندس وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر اقبال غيور جي ڪجهه مهينا اڳ ڪاميابيءَ سان ٿي چڪو هو. آصف اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
آصف 3 سيپٽمبر 1945ع تي ڄائو هو. سندس شادي مامي جي ڌي غزالا سان 1973ع ۾ ٿي. کيس هڪ پٽ فارس نايل آهي، جيڪو اڄڪلهه ڪامرس ۾ تعليم وٺي رهيو آهي. آصف سان منهنجيون ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن، جن جو احوال منهنجن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آهي. خاص ڪري ملائيشيا ۽سنگاپور بابت لکيل هن ڪتاب ۽ ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ”سنگاپورويندي ويندي“ ۾.

الطاف شيخ
1- جنوري 1988ع
ڪراچي

2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ