ملائيشيا جي موسم- نانگ بلائون- حسابن ۾ ڪچي آهيان
شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪو به ٿري کڻي ڪراچيءَ جي ڪاسمو پوليٽن شهر ۾ هجي يا اسلام آباد ۾ آرام جي نوڪري ڪري رهيو هجي، پر کنوڻ جي پهرين کجڪي تي ئي ڪوشش ڪندو ته ٿر ڀڄجي.
ٿر ۾ ته پنج مندون آهن. پر هتي ملائيشيا ۾ ڪيتريون ٿي سگهن ٿيون؟! جواب آهي: فقط هڪ! هتي ملائيشيا ۾ نه سيارو ٿئي ۽ نه اونهارو. نه بهار ۽ نه وري سرءُ! ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن پوي.
ڌرتيءَ تي سيارو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڌرتيءَ جو مٿيون اڌ گول سج کان ڪجهه مهينن لاءِ پاسيرو ٿيو وڃي. ۽ جڏهن ان اڌ گولي ۾ سيارو هوندو آهي ته باقي اڌ تي اونهارو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو اڌ گولي جو سج ڏي منهن هجڻ ڪري اتي تپش ٿئي ۽ ساڳي وقت سج جي روشني گهڻي دير رهڻ ڪري اوندهه ٿئي ۽ اسان چوندا آهيون ته راتيون وڏيون ٿي ويون آهن. پر ملائيشيا جو ملڪ خط استوا- يعني دنيا جي وچ مان لگهندڙ خيالي ليڪ جي ايترو ته ويجهو آهي جو سڄو سال سج هڪجهڙو ئي رهي ٿو ۽ نه فقط موسم سڄو سال هڪ جهڙي رهي ٿي، پر ڏينهن رات به هڪ جيڏو ٿئي ٿو. سڄي سال ۾ چند منٽن جو ڪو فرق ٿئي ٿو. باقي هتي مينهن ٻارهوئي وسندو رهي ٿو. سو جيڪڏهن ملائيشيا ۾ ڪا مند آهي به ته فقط مينهوڳي- جيڪا سڄو سال هلي ٿي.
ايڏي مينهن جو ٻڌي ٻئي ڪنهن کي تعجب لڳي يا نه، پر عربن، مصرين، سنڌين، راجستانين، آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي رهاڪن، ڏکڻ لبيا ۽ سوڊان جي رهاڪن ۽ ٻين اهڙن کي ضرور ٿيندو هوندو، جيڪي دنيا جو ٿر، صحرا ۽ گوبي جهڙن بيابانن، برپٽن ۽ رڻ پٽن جا رهاڪو آهن.
هتي ملائيشيا ۾ جهڙ ته روز هوندو آهي. سڄي ڏينهن ۾ شايد ڪا اهڙي گهڙي هجي جنهن ۾ آسمان ڪڪرن کان خالي هجي باقي وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪڪر ضرور هوندا آهن، مينهن وچ ۾ ڏينهن ٻه ساهي پٽي وري هفتو ڏيڍ پيو وسندو. پوءِ ڪڏهن لڳاتار ته ڪڏهن رکي رکي وڏ ڦڙو ۽ بوندا باندي. جيئن گذريل سال ڪرسمس جي ڏينهن تي سڄي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي جوهور رياست ۾ لڳاتار ٻاهتر ڪلاڪ مينهن وسندو رهيو.
مينهن جي ڪري هتي چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ رهي ٿي. بقول آصف جي اسان وٽ گاهه پوکڻ به وڏي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ زمين ٺاهڻي پوندي، ڀاڻ وجهڻو پوندو ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻو پوندو- جيڪو پاڻي انسانن کي به پيئڻ لاءِ پورو ناهي. پر هتي ملائيشيا ۾ ماڻهن کي وڻ ٽڻ يا گل ٻوٽا پوکڻ لاءِ ڪا به تڪليف نٿي ڪرڻي پوي. هر شيءِ جلد ڦٽي ٿي ۽ ماڻهن کي رڳو وڌيڪ وڻن يا گاهه کي ڇانگڻ ۽ ڪٽڻ جو سوچڻو پوي ٿو.
اسان وٽ ندين ۾ پاڻي هماليه جبل تان برف ڳرڻ بعد موسم آهر ٿورو يا گهڻو جيڪو اچي ٿو ان کي واهن ۽ شاخن رستي ورهائي ٻنين ٻارن کي ڏنو وڃي ٿو. درياهه نديون ملائيشيا ۾ به آهن، پر اهي پوک طور نٿيون ڪم ۾ اچن. پر نارن ڪسين طور، هتي جون ننديون نالا ٻين ٻارن ۽ شهرن جو پاڻي کڻي سمنڊ ڏي وهن. يعني هتي جي ٻنين ٻارن/ پوک کي ندين جي پاڻيءَ جي ضرورت ناهي، مينهن جو پاڻي ئي ايترو ٿو ٿئي جو ٻوڙ ٻوڙان لڳيو وڃي ۽ فالتو پاڻي وهي ننڍيون ناليون، پوءِ واهه ۽ پوءِ وڏا درياهه ٺاهيو وڃيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. ائين جي سلسلو نه هجي ته مينهن جو پاڻي بيٺل فصل ۽ گهر گهاٽ ٻوڙي رکي. يعني هتي اسان وارو حساب ناهي ته سياري ۾ برف نه ڳرڻ ڪري يڪا ٻه ٽي مهينا درياهه سڪل هوندو ۽ اونهاري ۾ وري ٻه ٽي مهينا ٻوڙ ٻوڙان. پر هتي جي دريائن جي لاهه چاڙهه ۾ ڦيرو مهنين بدران روز اچي. يعني جنهن ڏينهن گهڻو مينهن پيو ته سڀ ننديون سمنڊ ڏي ٽٻ ٿيو پيون وينديون ۽ جي مينهن جهڪو ٿيو ته يڪدم ندين جي ليول لهي وڃي پٽ پوندي آهي.
ملائيشيا ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن، جيڪي ڪسين جون ڪم ڏين ۽ سڄي ملڪ جي مينهن جو پاڻي سمنڊ تائين پهچائين ٿيون. ڪن اهم ندين جا نالا آهن: بارام ندي، ڪيلنتائين ندي، لابوڪ ندي، پاهانگ ندي، پيراڪ ندي، راجانگ ندي، سيگاما نديءَ، وغيره وغيره.
مينهن گهڻي پوڻ ڪري گاهه ٻوٽا وڻ ٽڻ هتي جام آهن. وڻواهه ۽ ٻيلن ڪري انيڪ جيت، پکي، نانگ بلائون ۽ جانور آهن. يورپ ۽ آمريڪا جي ٿڌن ملڪن ۾ برف گهڻي پوڻ ڪري گهٽيون ۽ رستا هلچل جي قابل نه رهندا آهن ۽ هر وقت برف هٽائي ويندي آهي، جيئن صفائي رهي، تيئن هتي ملائيشيا ۾ وري گهڻي مينهن وسڻ ڪري گپ يا مينهن جو پاڻي ته ڪو نه ٿو بيهي. پر ڏسندي ئي ڏسندي گاهه ايڏو ته جلد وڌيو وڃي جو ان مان هلڻ نه فقط ڏکيو پر خطرناڪ ٿيو پوي. ڇاڪاڻ جو هڪ ته صبح جي وقت ماڪ پوڻ ڪري آلو ٿو رهي ۽ ڪپڙا (پتلون، شلوار يا گوڏ) خراب ٿيو پوي ۽ رات جي وقت وري ان ۾ زهريلا جيت جڻيا- خاص ڪري نانگ بلائن جو خطرو رهي ٿو ۽ ڪيترائي انهن جي ڏنگن/ چڪن جو شڪار ٿين ٿا.
هونءَ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ جانورن ۽ جيتن جڻين ۾ سڀ کان خطرناڪ زهريلا نانگ بلائون آهن. دنيا جي ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ ايترا ماڻهو نٿا ڏنگجن، جيترا ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن:ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، فلپين، ڪمپوچيا، برما وغيره ۾. ڊاڪٽري رپورٽن موجب رڳو ملائيشيا ۾ هر سال ڇهه هزار ماڻهو نانگن جي چڪن ڪري اسپتالن ۾ اچن ٿا. (ياد رهي ته سڄي ملائيشيا ۾ آدمشماري ڪراچيءَ جيتري آهي ۽ ان حساب موجب اهو انگ تمام وڏو آهي.)
اڄلڪهه ميڊيڪل جي اڇت مدد ڪري ڪافي ماڻهو چاق چڱا ڀلا ٿيو وڃن. مثال طور: ڪجهه عرصو اڳ اسان جي ڌوٻيءَ جي ماءُ کي جيئن ئي نانگ چڪ هنيو ته هن کي يڪدم ڀر واري اسپتال ۾ کڻائي ويا. چڪ جي نشان مان ڊاڪٽر سمجهي ويو ته هن کي واسينگ (Cobra) نانگ چڪ هنيو آهي. ڊاڪٽر کيس يڪدم ائنٽي وينن Anti Venin ڏنو. اها هڪ اهڙي دوا اهي جيڪا گهوڙي کي ڇهه اٺ مهينا ٿورو ٿورو زهر کائڻ تي هيرائي پوءِ ان جي رت مان ٺاهي وڃي ٿي. جيئن ماتا ۽ ارڙيءَ جي بچاءَ لاءِ جيڪي ٽڪا هڻبا آهن. انهن جي دوا ڍڳين مان ڪڍي ويندي آهي. نانگ جي چڪ جي علاج لاءِ نانگ جي زهر مان پڻ دوا (Serum) ٺاهي ويندي آهي.
بهرحال هن ڌوٻيءَ جي ماءُ کي اسپتال تائين پهچڻ کان اڳ ئي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف شروع ٿي ويئي هئي سو ڊاڪٽر ”آرٽييشل- ساهه- کڻڻيءَ ذريعي هن کي ساهه کڻائڻ شروع ڪيو. ٽن ڏينهن بعد هوءَ ان لائق ٿي جو پاڻهي ساهه کڻي سگهي. سندس پير ۽ ڄنگهه هڪ هفتو ٻيو به سڄيل رهي. اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر ته آئي پر ڪجهه ڏينهن بعد هن کي پير ۾ گئنگرين ٿي پيئي، جنهن لاءِ وري کيس اسپتال موٽي وڃڻو پيو ۽ مهينو کن ٻيو به علاج هيٺ هئي. پوءِ وڃي چاق چڱي ڀلي ٿي. پر وري به هيءَ خوشنصيب چئبي جو ترت علاج ٿيڻ ڪري بچي ويئي.
هونءَ ڪو به ملڪ يا علائقو نانگ بلائن کان بچيل ناهي. چاهي جهنگ جهر هجي يا بيابان رڻ پٽ، جابلو علائقو هجي يا سامونڊي. پر دنيا جي هن پاسي ڪجهه گهڻائي نانگ بلائون آهن ۽ انهن ۾ گهڻو حصو خطرناڪ ۽ زهريلن نانگن جو آهي. جيئن مثال طور واسينگ نانگ هتي تمام گهڻو آهي، جنهن کي اسان وٽ جوڳي اڪثر مرلين تي نچائي پئسا ڪمائيندا آهن. ڪي ڪي واسينگ نانگ ته ارڙهن فوٽن جا به ٿين ۽ نانگن جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته واسينگ نانگ سئو کان به مٿي دفعا هڪ ئي وقت ڏنگ هڻي سگهي ٿو. واسينگ نانگ ڪوئا ۽ ڏيڏر کائڻ جا شوقين آهن. ان ڪري اهي گهرن اڳيان ئي ڦرندا نظر اچن ٿا. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ جو جيڪڏهن مٿان پير اچيو وڃي ته چڪيو رکن. واسينگن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي زهريلا نانگ گهرن اڳيان- خاص ڪري ڇٻر ۽ گاهه تي ڦرن ٿا، جن جي بچاءَ لاءِ هتي جا ماڻهو اڪثر نصيحت ڪندا آهن ته رات جي وقت وڏو بوٽ ۽ پتلون پائي پوءِ ڇٻر تي هلجي، خاص ڪري گرم ۽ گهميل راتين جو ته وڌيڪ خيال رکجي. پاڻ سان گڏ ٽارچ رکجي ۽ ٿي سگهي ته لڪڻ پڻ کڻي هلجي- جنهن کي پٽ تي هڻڻ جو آواز تي نانگ اڳواٽ پري ڀڄي ويندو. نانگن کي ڪن نه ٿين سو ٻڌي ته نه سگهندو آهي. پر زمين تي لڪڻ هڻڻ سان (يا مرليءَ جي آواز تي) جيڪي زمين يا هوا ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون، اهي هن جو جسم محسوس ڪري سگهي ٿو.
ڪنهن به پوري بند يا گاهه ۾ هٿ نه وجهجي. ڪو پٿر يا بند رکيو هجي ته ان تان لانگ ورائي ٽپڻ بدران ان جي مٿان پير رکجي جو ڪڏهن ڪڏهن پٿر جي پويان نانگ لڪي ويهي ٿو. ڪنهن به نانگ ۾ هٿ نه وجهجي، چاهي اهو جيئرو هجي يا مئل. پنهنجي گهر جو گاهه جيئن وڌي ته ڪتري ننڍو ڪرائي ڇڏجي، گند ڪچري جي ڍير يا پراڻي کوهه وٽان لنگهڻ کان پاسو ڪجي جو اهڙن هنڌن تي گهڻو ڪري نانگ ڏيڏرن جي تاڙ ۾ ويٺل هوندا آهن. گهر ۾ جي ڪوئا هجن ته انهن کي مارائي ڇڏجي جو ڪوئا پڻ نانگن لاءِ وڏي ڪشش آهن. جيڪڏهن ڪو نانگ سامهون اچي وڃي ته پريشان ٿي ان کي انڌاڌنڌ ڏنڊا وهائي ڪڍجن. ڪوشش ڪري چپ چاپ بيهي رهجي، ڇو جو چرپر تي نانگن جو ڌيان ڇڪجي ٿو ۽ ماٺ ڪري بيهڻ سان گهڻو ڪري نانگ پاسو ڏيئي ڀڄي وڃي ٿو. گهڻو ڪري نانگ تيسين چڪ نٿو هڻي جيسين ان سان کشٽ نٿي ڪجي. جيڪڏهن ڪو زهريلو نانگ گهر ۾ گهڙي اچي ۽ ان کي هروڀرو مارڻو ئي پوي ته نهايت خبرداريءَ سان لٺ جي هڪ ئي ڌڪ سان سندس منهن چچري رکجي، ڇو جو جيئري نانگ کان ڦٽيل نانگ خطرناڪ ٿئي ٿو. ڪڏهن به تکي شيءِ- ڪهاڙي، ڪات يا ترار جي ڦر سان نانگ کي ڌڪ نه هڻجي جو ائين ڪرڻ سان نانگ فقط ٻه اڌ ٿيو پوي ۽ اڌ نانگ مان به ساڳيو خطرو آهي جيڪو سڄي مان.
گهڻي گاهه مان اهو سو فائدو ضرور آهي ته هتي جانور وهٽ خوش ۽ متارا آهن. سندن پيرن هيٺان هر وقت ۽ هر هنڌ گاهه ئي گاهه موجود آهي. ڪنهن جي گهرا ڳيان ڍڳيون مينهون وڃي چرنديون ته گهر جو مالڪ کين ڍڪ ۾ اماڻڻ بدران خوش ٿيندو ته ڀلي گهڻي کان گهڻو گاهه کائي وڃن. جيئن ايندڙ موڪل جو ڏينهن گاهه ڪٽڻ کان فرست ملي وڃي. پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ گهر اڳيان ڇٻر پوکڻ ته ناممڪن ڳالهه آهي، پر جي ڪو پئيڻ ۽ وهنجڻ جي حصي مان پاڻي بچائي گاهه سلو پوکي ٿو. ۽ ڪا ڍڳي ان ۾ منهن اچيو وجهي ته پٿر ٺڪاءُ ٿيو وڃينس. ويچاريون گاهه ته ڇا. ڪڙن ڪسارن ٻوٽن ۾ به پيون چڪ هڻن. کين نه وٿاڻ تي ڏاري جو وجهه نه پهر تي ڍءُ! اڪثر سپر هاءِ وي تي اگهاڙن ٽرڪن ۾ نٽهه اُس ۾ اسان جي بي زبان جانورن کي ائين ڍوئيندو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. بک ۽ اڃ ڪري سندن پيٽ پٺيءَ سان لڳل هوندو آهي. پر هتي جي چوپايو شايد ئي ڪو ڏينهن – بلڪ ڪو ڪلاڪ به بک ۾ ڪاٽيو هجي. ان ڪري جنهن ڍور ڏي نظر ڪر ته متارو نظر اچي ٿو.
هتي جي حڪومت ماڻهن جي صحت جو نهايت خيال رکي ٿي. ڪنهن به بيمار يا پوڙهي ڍور کي ڪهي گوشت وڪڻڻ تي سخت چڪاس ۽ سزائون آهن. ٻڪري، ڍڳي يا مينهن جي ذبح ٿيڻ جي عمر مقرر ٿيل آهي. ان عمر تي پهچڻ سان کيس ڪهي سگهجي ٿو. بلڪل ننڍي يا پوڙهي ڍور تي ڪاتي ڦيرائڻ ڏوهه جو ڪم آهي. اسان وٽ مجبوري ڪارڻ ننڍي عمر جون ڍڳيون/ ڍڳا ان ڪري به ذبح نٿا ڪيا وڃن جو کانئن کير ۽ هر ڪاهڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. جيسين هر ڪاهڻ يا کير ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، تيسين کين ڪهڻ نقصانڪار سمجهيو وڃي ٿو. پر هتي ملائيشيا ۾ پوک جونمونو اهڙو آهي جنهن ۾ نه گهڻي هر جي ضرورت نه ريج جي.
مزيدار ڳالهه اسان جي پاڙيسري همراهه مسٽر گونا راجا ٻڌائي ته هتي جا ملئي مسلمان مينهن يا ڍڳيءَ جو کير پيئن ئي ڪو نه جو هنن کي تازي کير جي بوءِ پسند ناهي. چانهه ۾ به دٻن جو مٺو Condensed کير وجهن. ٻئي نمبر تي هتي جي آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي. اهي پڻ کير کي هٿ نه لائين. چيومانس. ”حق تي اسان جو کير واري روز پڇندي آهي ته ٻيا پاڪستاني ڪڏهن ايندا؟ کير وڪڻڻ لاءِ هڪ تامل هندو ڇوڪري Jeans جي پتلون ۽ جئڪٽ پائي ايندي آهي.
گونا کلي چيو:ها، هتي ڪو به کير ڪو نه پيئي. آئون هتي آيس ته پهرين پهرين مون هن کي کير لاءِ چيو جو اسين انڊين ته کير پيئون. پوءِ ڪئپٽن مخدوم ۽ ڪئپٽن نندڪر چيو. پوءِ آصف ۽ توهان. سو ظاهر آهي ته سندس کير جيڪو ضايع ٿي ويندو هو تنهن جا هاڻ پئسا پيا ملندس. مخدوم جڏهن آيو ۽ مينهن يا ڍڳي جي تازي کير لاءِ پڇيائين ته مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. مون چيومانس ته يار تون مسلمان آهين. هتي جا ملئي مسلمان ته ڍڳيءَ جو کير پيئن ئي ڪو نه. کير رڳو اهي هندو ۽ ڪرسچن ٿا پيئن جيڪي اصل هندستان يا يورپ کان لڏي هتي آيل آهن. ته مخدوم وراڻيو:”ڍڳيءَ جو ته ڇا مينهن جو کير ملي ته اڃا به بهتر. اسان وٽ پاڪستان ۾ ته کير پيئڻ جي عادت ننڍي هوندي کان وجهن ۽ کير جي کپت ايتري ته آهي جو کير وارا پورت ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ کير ۾ پاڻي به ملائي وڪڻن.“
گونا کان پڇيم:”پنهنجي کير واري ڇوڪريءَ کي گهڻيون ڍڳيون آهن؟”
چيائين: ”فقط هڪڙي.“
آصف کي چيم ته استاد وڌيڪ کير جي ضرورت پيئي ته هاڻ ڪنهن ٻئي کي کير آڻڻ لاءِ چئبو. نه ته کير پورو ڪرڻ لاءِ هيءَ به اهو ئي ڪم ڪندي جيڪو سندس ڀائر ڀينرون اڄڪلهه سنڌ، پنجاب، بلوچستان کان گجرات مهاراشٽرا، اتر پرديش ۽ بنگال ۾ ڪري رهيا آهن- يعني کير ۾ پاڻي ملائيندي- اڃا به جي ضروري سمجهيائين ته پاڻيءَ ۾ کير ملائيندي.
آصف کلي چيو: ”نه يار، ائين هتي هرگز نه ٿيندو. ان بابت پڪ ڪري چڪو آهيان، کانئس پڇيو هوم ته ”وڌيڪ کير جي ضرورت پيئي ته پوءِ تنهنجي هڪڙي ڍڳي ته پوري پئجي نه سگهندي.“ وراڻيو هئائين:”منهنجي ڍڳي ته هينئر به کير ڪا نه ٿي ڏئي.....“
آصف جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي وائڙو ٿي پڇيومانس:”ته پوءِ نينڊو، ائنڪر يار ريڊ ڪائو جو پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائي ٿي ڏئي ڇا؟“
”نه نه، منهنجي ڳالهه ٻڌ. هن ٻڌايو ته رستي تي يا پاڙي اوڙي ۾ کيس جيڪا به ڍڳي نظر اچي ٿي ته ان جو کير ڏهي اچي وڪڻندي آهي، جو هتي ته کير جي ڪنهن کي ضرورت ئي ڪانهي. ۽ پئسا به ڪو کير جي حساب سان ڪو نه ٿي ڏئي، پر سمجهه ته سندس ڏهائيءَ جي محنت ۽ موٽرسائيڪل جي پيٽرول جا آهن، جنهن تي هوءَ چڙهيو ٿي اچي. تڏهن ته چيائين پئي ته جي ٻيا به گهڻا اچي ويا ته پوءِ قرض ڏجو ته کير ڏهڻ واري اليڪٽرڪ مشين وٺان.“
تنهن تي گونا خبردار ڪندي چيو:”متان پئسا اڳواٽ ڏنا اٿانوَ. ليکي چوکي ۾ هونءَ ئي صحيح ناهي. روز جيڪو کير ڏئي اهو لکندا به وڃو. جو مهيني ۾ ٻه چار ڏينهن کير آڻي ڪا نه ٿي، پر مهيني پوري ٿيڻ تي پئسا سڄي مهيني جا ٿي وٺي. اڳئين مهيني جا سورهن ڊالر (ڇهانوي رپيا) وٺڻ آئي ته پڇيومانس سورنهن ڊالر ڪيئن ٿيا. ته چوڻ لڳي:روز هڪ سير کير جا پنجاهه سينٽ ٿيا ۽ اوڻٽيهن ڏينهن جا ٿيا سورهن ڊالر. تنهن تي چيومانس ته پهرين ڳالهه ته پنجاهه کي اوڻٽيهن سان ضرب ڪرڻ سان سورهن ڊالر نه پر ساڍا چوڏهن ڊالر ٿا ٿين ۽ ٻي ڳالهه ته تون هن مهيني فقط پنجويهه ڏينهن آئي هئينءَ- جيڪو آئون روز ڪئلينڊر تي نوٽ ڪندو وڃان، سو ان حساب سان فقط ساڍا ٻارهن ڊالر ٿيا. تنهن تي کلي وراڻيائين: آئون حساب ۾ ڪچي آهيان. اسڪول ۾ به فيل ٿيندي هيس. تنهن تي چيومانس ته اهو ڀلي ٿيندي هئينءَ، پر ايتري ڪا ڪچي نه آهين جو ڪنهن مهيني حساب کڻي گهٽ وٺين؟.