هوائي جهاز ۾
هڪ ٻيو به گهپلو ٿيو جو ايئر لنڪا جو هوائي جهاز جنهن ۾ اسان کي سنگاپور پهچڻو هو اهو ڪولمبو ايئرپورٽ تي دير سان پهتو ان ڪري اسان جي سنگاپور پهچڻ کان اڳ ملائشيا هوائي ڪمپنيءَ جو جهاز ڇٽي ويو. پوءِ ايئرپورٽ وارن اسان کي سنگاپور جي هوائي ڪمپنيءَ واري جهاز ۾ ڪوالامپور موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.
ڪراچيءَ ۾ آصف کي چيم ته هونءِ پاڻ چاهيون ته هيءَ ايئرلنڪا جي ٽڪيٽ ڪنهن به ٽريول ايجنٽ کان مٽائي PIA جي وٺي سگهون ٿا، پر آصف چيو ته هاڻ ٺيڪ آهي جيڪا ملي سان قبول آهي (’مئريٽائيم اڪيڊمي ملائشيا‘ جي نوڪريءَ لاءِ مون سان گڏ منهنجي دوست آصف غيور کي پڻ چونڊيو ويو هو. آصف مون سان گڏ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ مان ورتي. ان بعد مختلف جهازن تي جونيئر انجنيئر کان وٺي آخري پوسٽ چيف انجنيئر تائين SAIL ڪندا رهياسين. ۽ هاڻ ملائشيا گورنمينٽ گهرايو هو.) ڪراچي ايئرپورٽ تي سامان ڏئي، پاسپورٽن تي اميگريشن وارن کان ٺپا هڻائي، هوائي جهاز چڙهڻ لاءِ بس ۾ اچي ويٺاسين. جنهن ٿورو پنڌ هلي مور جي کنڀ جهڙي نازڪ هوائي ڪمپنيءَ جي هڪ گدلي اڻ ڇنڊيل ۽ اڻ ڌوتل ننڍڙي جهاز اڳيان اچي بيهاريو، جنهن کي ڏسي هن ڪمپنيءَ جي مونو گرام-مورٽڪيءَ جو ته نه پر مور جي گدلن پيرن جو گمان ٿيو. آصف به ٿڌو ساهه کڻي چيو ته اهڙي خبر هجيسون ها ته ههڙي ڇڪڙي ۾ وڃڻو پوندو ته پوءِ ته ٽڪيٽون بدلرائي PIA يا ڪنهن ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز جون وٺجن ها. اوسي پاسي ۾ ٻين ڪمپنين جي جمبو جيٽن کي حسرت مان ڏسڻ لڳاسين ته اڄ جي دور ۾ جڏهن جمبو جيٽ کان به معاملو اڳتي سپرٽرائڊينٽ تائين وڃي پهتو آهي، اتي هن قسم جو سؤ سوا سؤ پئسينجر کڻندڙ جهاز ۾ اسان جو چڙهڻ افسوس جهڙي ڳالهه نه هئي ته ٻيو ڇا هو.
آصف چيو: ”هيڏو ننڍو جهاز مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو آهي، 1963ع ۾ جڏهن پاڻ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ ڍاڪا هلي رهيا هئاسين ته اهو هوائي جهاز جنهن ۾ پهريون دفعو اڏامڻ جو موقعو مليو هو اهو به هن کان وڏو هو.“
ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان ۽ جهاز ۾ اڳ چڙهڻ لاءِ ٺونٺيون ۽ ٿيلها لڳڻ تي آصف جو موڊ ويتر خراب ٿي رهيو هو. چوڻ لڳو: ”سيٽون جڏهن رزروڊ آهن ته پوءِ هي حال ڇو؟“
کيس ڇڪي چيم: ”شرافت جو زمانو ناهي. هل ته پاڻ به جلدي سيٽ ولاريون. هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو چڪر ٿو لڳي. پاڻ کي ته سڀ کان پري وڃڻو آهي. جي رهجي وياسين ۽ جهاز وارن چيو ته باقي مسافر جي جاءِ ناهي ته ٻئي جهاز جي انتظار ۾ خبر ناهي ڪيترو وڌيڪ ترسڻو پوي.“
پوءِ اسان ٻئي ڄڻا تکا تکا اڳئين ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهي آياسين، جيڪا ڏاڪڻ جيتوڻيڪ فرسٽ ڪلاس جي مسافرن لاءِ هوندي آهي، پر خبر پئي ته هن جهاز ۾ فرسٽ ڪلاس آهي ئي ڪونه. اندر جهاز ۾ گهڙياسين ته ڪجهه بهتر ۽ سهڻو لڳي رهيو هو. ايئرڪنڊيشن هلڻ ڪري ٻاهر جي گرميءَ کان گهٽ ۾ گهٽ نجات ملي ويئي ۽ هر ڳالهه وڻڻ لڳي. جيتوڻيڪ سيٽن جي وچ ۾ ايتري گهٽ جاءِ هئي جو منهنجين بي ڊولين ڊگهين ٽنگن جا گوڏا اڳين ڪرسين سان رهڙجي رهيا هئا. آصف چيو ته هن نموني جي سواري ۽ ماڻهن جي چڙهڻ جو نمونو اڪثر ڳوٺن ۾ بس لاءِ هوندو آهي.
وراڻيومانس ته هي ته ڪجهه به ناهي. تون ڪڏهن مصري هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾ چڙهيو آهين؟ هڪ دفعي مون کي سئيز ڪئنال تائين پنهنجي پاڻي واري جهاز کي پهچائڻو هو، جتي آيل نئين چيف انجنيئرکي جهاز جي چارج ڏئي موڪل ڪرڻ لاءِ واپس ڪراچي اچڻو هو. جيتوڻيڪ ککيم ٿي ته مصر مان هوائي جهاز جو سفر ڪرڻ ۾ سر رلي ويندو، پر پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ دلاسو ڏنو هوم ته مصر پهچي مون کي وڌيڪ ٽڪڻو نه پوندو ۽ نه هوائي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لا ڀڃ ڊڪ، ڇو جو منهنجي ڪراچي واپس موٽڻ لاءِ هنن مصر جي ايجنٽ سان اڳواٽ ڳالهه ٻولهه ڪري ڇڏي هئي ته هو مون کي جلد ڪراچي روانو ڪندو.
مصر جي سئيز ڪئنال تائين ”پاڻي وارو جهاز“ پهچائي، ٻئي چيف انجنيئر کي ان جي چارج ڏيئي، آئون موڪل ماڻڻ لاءِ آجو ٿيس. سئيز ڪئنال مان ٽئڪسي ڪري قاهره جي هڪ هوٽل ۾ اچي ٽڪيس. شام جو ئي ايجنٽ فون ڪري ٻڌايو ته هن مون لاءِ ٻئي ڏينهن جي اڏام لاءِ سيٽ بڪ ڪرائي آهي، سا به فرسٽ ڪلاس جي. مون کي فرسٽ ڪلاس جو ٻڌي ويتر خوشي ٿي ته سدائين ايڪانامي ڪلاس ۾ چڙهي غربت جو احساس ٿيو ٿي، گهٽ ۾ گهٽ هن دفعي نه ٿيندو ۽ اسان به ڇا ياد ڪنداسين ته پهريون دفعو فرسٽ ڪلاس ۾ انهن چند خوشنصيب مسافرن سان گڏ ويهنداسين جيڪي جهاز جي ڪاڪ پٽ ڀرسان ويهن ٿا. کين ٽنگون ڊگهيون ڪري آرام سان ويهڻ لاءِ ڪافي موڪري جڳهه مليل هوندي آهي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ کي پٺيان به گهڻو جهڪائي سمهي سگهن ٿا. خدمت لاءِ هر وقت ايئرهوسٽس ۽ اسٽيورڊ حاضر. پڙهڻ لاءِ هر قسم جو رسالو ۽ اخبار اڳيان هوندي آهي.
ٻئي ڏينهن جهاز جي اڏام جي وقت کان ٿورو اڳ آرام سان هوائي اڏي تي پهتس ته جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ هن جهڙي قطار نظر آئي بلڪ هن کان به ڊگهي. جهاز ۾ چڙهندڙ مسافر: عرب ۽ آفريقي شيدي ته ٺهيو پر يورپي ۽ ايشيائي به ساڳي طرح ڌڪا ٿيلها ڏئي رهيا هئا. هر هڪ ان ڪوشش ۾ ته پهرين ڏاڪڻ تي مان چڙهان. ڏاڪڻ ٽپي هوائي جهاز جي در وٽ پهتس، جتي چيف اسٽيورڊ ۽ ايئر هوسٽس ڏند ٽيڙي مسافرن جو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن ۽ ويهڻ لاءِ مقرر سيٽون ڏيکارينديون آهن. پر هتي ڪير به موجود نه هو. سڀڪو پنهنجي مرضيءَ سان ڌوڪي جاءِ حاصل ڪري رهيو هو. پريان هڪ اسٽيورڊ جهاز جي ڪچن ۾ ڪجهه سامان ٺاهي رهيو هو، تنهن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائي نواب پائيءَ واري انداز ۾ پڇيومانس ته آئون فرسٽ ڪلاس جو مسافر آهيان، منهنجي سيٽ ڪٿي آهي؟ هن چند سيڪنڊ منهنجو غور سان جائزو ورتو ۽ پوءِ چڙ مان دڙڪو ڏيئي چيو: ”هن جهاز ۾ ڌوڙ جو آهي فرسٽ ڪلاس. ماٺ ڪري جيڪا سيٽ ملناو ان تي هلي ويهو متان اها به نه هلي وڃانو.“ ۽ پوءِ هن هڪ انگريز، جيڪو سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلها هڻي رهيو هو، ڏي ڏسي مون ڏي وري ڏٺو، يعني اکين اکين ۾ مون کي اهو چيو ته ڏسين نٿو ته انگريز ئي پيا ڪتر ٿين سو تون هڪ غريب ايشيائي-سو به بنا تيل واري ملڪ جو ٿي ڪري نخرا پيو ڪرين.
ڦڪو ٿي اچي هڪ سيٽ تي يڪدم ويهي رهيس ۽ چڱو جو يڪدم ويهي رهيس جو ٿوري دير کان پوءِ ٻيا جيڪي مسافر چڙهيا انهن جي ويهڻ لاءِ ڪا به سيٽ نه بچي هئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته اهي هڪدم لهي وڃن ۽ ٻئي ڏينهن جي اڏام ۾ چڙهن. مون کي پوءِ احساس ٿيو ته مصري ايجنٽ مون تي ٺلهي لئه رکي، خوش ڪري منهنجي ئي کنڌي ۾ ٻه دفعا ماني کائي ويو.
مصر ايئر لائين جي جهاز ۾ فقط ايترو ٿو ٿئي. سوڊان ايئرلائين جا جهاز ته ان کان به ٻه رتيون وڌيڪ. ان ۾ ته رزرويشن ٿئي ئي ڪانه ۽ نه وري جهاز جي سيٽن مطابق ٽڪيٽون وڪامن. پر ايترو آهي تو سوڊان جا شيدي مصري عربن وانگر ويڙهاڪ، تکي طبيعت جا يا ٺڳ قسم جا نه آهن. جيتوڻيڪ شڪل شباهت، قدبت ۽ رنگ روپ ۾ خوفناڪ لڳن ٿا، پر دل جا نرم آهن. ڪي ته حد کان وڌيڪ آلاڀولا.
سوڊان ۾ اهو عام آهي-گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين ته اهو عام هو ته ٽڪيٽون وڪڻندڙ ايجنسيون جهاز جي سيٽن کان هميشه وڌيڪ وڪڻن جو هنن کي پڪ آهي ته سڀ مسافر ڪڏهن به وقت تي نه پهچندا. پوءِ جي سيٽن جيترا يا ان کان گهٽ آيا ته خير ٿي ويندو هو، پر جي سيٽن کان وڌيڪ مسافر اچي نڪتا ته پوءِ سخت مونجهارو برپا ٿيندو هو. پهريان آيل ته سيٽون ولاري ويهندا. پوءِ جا آيل جبن کي ڇنڊي جهاز جي وچ ۾ لنگهه تي هيٺيان چپل رکي پلٿ ماري ويهي رهندا. سمجهه ۾ نه پيو ايندو ته هاڻ هي مسئلو ڪيئن حل ٿيندو. پوءِ پائلٽ صاحب پهچندو. هو هي حال ڏسي اعلان ڪندو ته جهاز جدي نه پر خارطوم وٺي ٿو وڃان ان ڪري جدي جا مسافر هڪدم لهي وڃن. اهي سڀاڻ يا پرهينءَ ڪو جهاز ويو ته ان ۾ وڃي سگهن ٿا. ٿوري دير مسافر غريب شڪل ٺاهي ويٺا هوندا. پوءِ آهستي آهستي ٿي جدي جا مسافر لهڻ شروع ڪندا. پوءِ پائلٽ صاحب پنهنجو موڊ مطابق يا ته جهاز کي واقعي خارطوم ڇڪي ويندو يا پروگرام مطابق جدي. اسان جي ملڪ ۾ پائلٽ صاحب جيڪر ائين چوي ته سڀ مسافر گڏجي اهڙا موچڙا هڻنس جو اڇت ٻئي جهان ڏانهن روانو ٿي وڃي. پر سوڊان ۾ خبر ناهي ڇا چڪر آهي. ڪنهن ٻڌايو پائلٽن جي اتي ايڏي لئي ان ڪري آهي جو جهاز به ٿورا آهن ۽ پائلٽ به تمام گهٽ. سو پائلٽن کي جيڪي وڻي ٿو اهو ڪن ٿا. حڪومت نه ٿي ڪڇي جو هو ڪونه ڪو ٽيڪنيڪل بهانو ڏيئي فلائيٽ ڪئنسل ڪري سگهن ٿا. مثال طور: جهاز ۾ تيل گهٽ آهي، فلاڻي شهر تائين مس هلي سگهندو. جهاز جي سالياني جنرل سروي اهم جماعت کي ڇڏڻو آهي جنهن خاطر پروگرام واري اڏام رد ڪري سگهجي ٿي.
منهنجو هڪ دوست سوڊان جي شهر خارطوم ۾ هڪ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ٽيڪنيڪل مئنيجر آهي. ان به اهڙي ئي قسم جي ڳالهه ڪئي ته سوڊاني شيدي ڏسڻ ۾ ڊپ وارا لڳن ٿا، پر آهن تمام نرم دل، ۽ سوڊاني گهڻي ڀاڱي توڪلي ۽ درويش قسم جا مڙس ٿين ٿا. ڪا وڏي ڳالهه ٿي ويندي ته به چوندا رب رحيم آهي. قسمت ۾ ائين لکيل هو تڏهن ته ٿيو. يا داڻو پاڻي نه هو، وغيره. هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪنهن ورڪر کي ڪاوڙجي چئبو ته ڪم صحيح ڪونه ٿو ڪرين توکي ته ڪڍي ڇڏڻ کپي، ته ماڳهين مٿو کائي ويندو ته هاڻ ته تو چيو آهي ته نوڪريءَ مان ضرور ڪڍيم. الله مالڪ آهي. اهوئي رزاق آهي. اهوئي هر بندي کي رزق ڏئي ٿو. يو آر ناٽ اي رزاق. سائين هاڻ ڏيو منهن. پوءِ نيٺ منٿون ڪبيون ته بابا مون ائين ئي چيو. چرچن ۾ توکي چيو. تڏهن وڃي همراهه ماٺو ٿيندو.
ايئرلنڪا جا ٻئي جهاز جيتوڻيڪ پراڻا ۽ سادا هئا، پر اهو مڃڻ مراد آهي ته سروس واهه جي هين. ٻين هوائي ڪمپنين- خاص ڪري اسان جي پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ کي سلوني ايئر هوسٽسن ۽ اسٽيورڊن کان سبق سکڻ کپي ته هنن لاءِ هر مسافر قابل احترام آهي. اهو مسافر جيڪو ٻيا جهاز ڇڏي توهان جي جهاز کي ترجيح ڏئي ٿو، ان جو به ڪجهه حق آهي جنهن جي خريد ڪيل ٽڪيٽن مان توهان کي ڳرا پگهار ملن ٿا، ڊاڪٽري سهوليتون ۽ رهائش جا الائونس ملن ٿا.
ڪولمبو کان سنگاپور واري اڏام ۾ ته سلون جا ڪيترائي اهڙا غريب پورهيت چڙهيا، جيڪي بافتي جي ڌوتل گوڏ ۽ ڇنل چمپل ۾ هئا، جيڪي پڪ سنگاپور يا جڪارتا ۾ پورهئي مزدوريءَ لاءِ وڃي رهيا هئا. هو ڪيترائي دفعا هروڀرو چانهه پاڻي ۽ شراب جي گهر گهر ڪري رهيا هئا. پر مجال آهي جو ڪنهن من موهڻي ايئر هوسٽس انهن جي خدمتگاريءَ ۾ بڇان محسوس ڪئي يا منهن کي موڙو ڏنو هجي. هرگز نه.
ڪولمبو مان نڪرڻ وقت اسٽيوورڊ کي هڪ رسالو آڻڻ لاءِ چيو هوم. هن کان ڪو وسري ويو. اڌ رستي تي وري ايئرهوسٽس کي ياد ڏياريم تنهن به نه آندو. شايد وسري ويس يا ماني کارائڻ ۾ مشغول ٿي ويئي. ٿوري دير بعد اها لنگهي ته چيومانس هڪ رسالي لاءِ ڪيترا دفعا چئجي. توهان جي ڪمپنيءَ کي ان بابت شڪايت جو خط لکڻ کپي ته نه اسٽيوورڊ ٿو ٻڌي ۽ نه ايئر هوسٽس. منهنجو اهو چوڻ يڪدم نه فقط پاڻ معافي ورتائين، پر ان اسٽيوورڊ کي به وٺي آئي ته هن کان به ڳالهه وسري ويئي، دل ۾ نه ڪجو ۽ يڪدم رسالن جو ڍير اچي اڳيان رکيائين. آصف جنهن اهو لقاءُ پئي ڏٺو تنهن چيو پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه سٺو آهي، پر اڃا اها خدمتگاري ۽ ڪرنسي نه آهي. ڪنهن سفارشي ايئر هوسٽس کي ائين دڙڪو ته ڏيئي ڏس. سامهون کتو کڻي جواب نه ڏيندي، پر منهن جو موڙو ڏيئي اکين ئي اکين ۾ اهو چوندي ته وڃي ڪاهه جيڪا ڪاهڻي اٿئي. منهنجو ڪو نالو ته وٺي ڏسي. آئون فلاڻي يا فلاڻي جي مائٽياڻي/لاڏلي آهيان. هن آڱوٺي جي پرواهه اٿم.
خاص ڪري اسان جو غريب مزدور ۽ پورهيت طبقو جنهن سان اسان جي هوائي ڪمپنيءَ جون انگلينڊ، گلف ۽ عرب ملڪن ڏي ويندڙ اڏامون ٽٻ هونديون آهن. انهن سان اسان جي جهازن جي ڪئبن واري عملي جو برتاءُ ايترو ته غلط ۽ بي عزتيءَ وارو هوندو آهي جو افسوس ٿو ٿئي. ان بابت ڪيترن مسافرن جا ڏکويل بيان جنگ اخبار جي هفتيوار صفحي بالادي ۾، ايڊيٽر ڏي خط، ڪوثر نيازيءَ جي ڪالم مشاهدي ۾ ۽ اخبار جهان ۾ وقت به وقت ايندا رهن ٿا. کاڌي خوراڪ ۾ پڻ اسان جي هوائي ڪمپني بدنام ٿي رهي آهي. خبر ناهي ڪهڙا انٽرنيشنل پئسينجر ڌپيل نمڪو ۽ ٿلهي کل وارا سمبوسا ٿا کائين جو Snacks ۾ سئيز رول، ڊونٽ، هئمبرگر ۽ سئنڊوچ بدران اهي شروع ڪيا ويا آهن. هڪ مسافر جيڪو پنج ڏهه هزار رپيا ڀري توهان سان چار پنج ڪلاڪ گذاري ٿو، ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهين رپئي کن جي ته ڪا سٺي شيءَ کارايو جو هو هميشه ياد رکي.