الطاف شيخ ڪارنر

مڪليء کان ملاڪا تائين

محترم الطاف شيخ زندگيء جا ڪافي سال ملائيشيا ۾ ً پنهنجي فيملي سان گڏ گذاريا آهن ۽ اتان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو پڻ آهي۔ اهوئي سبب آهي جو سندس سان ڪچهري ڪرڻ دوران هو ملائيشيا جو گهڻو ذڪر ڪندو آهي۔ هو اهو به ٻڌائيندو آهي ته ڪيئن هن ملڪ ايڏو جلدي ترقي ڪئي آهي۔ سندس سفرنامو ”مڪليء کان ملاڪا تائين“ به ملائيشيا بابت آهي۔ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ آندل هن ڪتاب لاء محترم عبداللطيف انصاريء جون ڪاوشون پڻ قابل تعريف آهن۔
  • 4.5/5.0
  • 2536
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مڪليء کان ملاڪا تائين

گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون

ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪيترائي دفعا سوچيم ته آيا ملائيشيا وڃڻ کپي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن. ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي آفيس ۽ هڪ ئي هنڌ رهڻ کپي يا وري جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي کڻي ملڪ ملڪ گهمندو وتجي. ڪئپٽن بشير وسطڙو ۽ ڪئپٽن عالم شيخ جن جو جهاز ٽن مهينن بعد آمريڪا ۽ يورپ کان سامان کڻي ڪراچيءَ آيو هو۽ ٻن ڏينهن ۾ اهو سمورو سامان لاهي وري مسافريءَ تي روانو ٿيڻو هو. تن سور روئيندي چيو. ”اڄڪلهه جهاز هلائڻ کان ته بهتر آهي ته ماڻهو بس جو ڊرائيور وڃي ٿئي- گهٽ ۾ گهٽ سمنڊ جي ڏاکڙن کان بچيل رهندو. چار پنج سال اڳ تائين سمنڊ جي نوڪريءَ وارو مزو وري شايد موٽي نه اچي.“
گهڻو اڳ تائين دنيا جا بندرگاهه ايترا ننڍا ۽ پراڻي زماني جا هئا، جو هڪ ئي وقت سڀ جهاز بيهي نٿي سگهيا. ڪراچي، چٽگانگ، بمبئي جهڙن بندرگاهن ۾ ته جهاز بيهارڻ جي جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ مهينو مهينو به انتظار ڪرڻو پوندو هو. جنهن ۾ جهاز جي مالڪ ۽ سامان جي واپارين جو ته نقصان ٿيندو هو، پر اسان جهازين لاءِ ڄڻ موڪل ٿي ويندي هئي، نائجيريا، سعودي عرب، چين ۽ اتر ڪوريا جي بندرگاهن ۾ ته ٻه ٻه مهينا به انتظار ڪيو هوندوسين، ۽ پوءِ جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ اندر ايندو هو ته سامان لاهڻ جو تڪڙو بندوبست نه هوندو هو ۽ ڊيرڪن (جهاز جي ڪرينن) ذريعي آهستي آهستي ڪري لاهيو ويندو هو. پر هاڻ هڪ ته بندرگاهه سڀ وڏا ۽ اهڙا ماڊرن ٿيندا وڃن جو جهاز پهچڻ کان اڳ جاءِ به تيار ته سامان لاهڻ وارا مزدور ۽ مشينون به تيار ۽ جهاز ۾ کليل سامان يعني کوکن ۽ ڳئڙين جي صورت ۾ رکڻ بدران وڏن ڪنٽينرن ۾ رکيو وڃي ٿو، جن کي لاهڻ وقت ڏينهن ۽ مهينن بدران ڪلاڪن جا فيصلا ٿيو وڃن. اهو جهاز جيڪو جدي، دمام، ڪراچي، ڪولمبو وغيره ۾ ٻه ٻه مهينا بيهندو هو. اهو ٻن ڏينهن ۾ آجو ٿيو وڃي ۽ ويچارا جهازي نئين مسافريءَ لاءِ وري سمنڊ جهاڳڻ شروع ڪريو ڏين.
سو اهڙين حالتن ۾ سمنڊ جي نوڪريءَ کان ڪناري جي نوڪري- سان به ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان بهتر لڳي ٿي.
ٽي. وي اسٽيسن تي سلطان صديقيءَ کي چيم: ”ملائيشيا وڃڻ مان ٻيو ڪو فائدو هجي يا نه، پر هڪ پازِيٽو فائدو ضرور ٿيندو ته ڪيترن سالن کان ٽرڙن رنگن ۽ ٽرڙين ڊيزائينن جون رکيل قميصون جيڪي هتي پائي نه سگهيو آهيان، سي اتي پائي ڏاڍو پيو ٺهندس ۽ اتي جي ماڻهن مان ئي هڪ پيو لڳندس.“
آپا سلطانا- جيڪا ورلڊ ورڪنگ وومين آرگنائيزيشن جي عهديدار پڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا چڱا دورا ڪري چڪي آهي سان يڪدم چرچو سمجهي کلڻ لڳي.
”خبراٿانو.“ مون کيس ٻڌايو، ”انٽرويو کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ سوچيم پئي ته انٽرويو مهل ڪهڙا ڪپڙا پائجن. سوٽ پائجي يا فقط ٽاءِ قميص، رڳو شلوار قميص پائي انٽرويو لاءِ وڃجي يا اهڙن موقعن تي جئڪٽ به پائي وڃجي. آهي ته گرمي جو سوٽ وڌيڪ مناسب ٿو لڳي. ۽ جي سوٽ، ته ان تي ڪهڙي ٽاءِ ٻڌجي. انهيءَ سوچ ۾ جيڪي ڪپڙا استري نه ٿيل هئا اهي به استري ڪرائي ورتم. اتفاق سان انٽرويو وارا ٽئي همراهه انٽرويو کان هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ملي ويا. ڏسان کڻي ته ٽئي ڄڻا فري اسٽائيل ۾ نيلين پيلين بشرٽن ۾ عام ماڻهن وانگر هلي رهيا هئا. سندن بشرٽن جا نه فقط نيلا پيلا رنگ هئا پر هڪ جي بشرٽ تي ته عجيب بي ڊولا گدرا ۽ ڇانهيون ٺهيل هيون. پوءِ يڪدم خيال آيو ته هن ملڪ جا ماڻهو ڪپڙي لٽي جي معاملي ۾ هوائي ٻيٽ، سنگارپور، فجي، انڊونيشيا، سريلنڪا جيان مست ملنگ آهن- جتي هر قسم ۽ هر رنگ جو ڪپڙو ملي ٿو- يعني جيڪي به غريباڻا ڪپڙا توهان وٽ آهن. اهو فئشن سمجهو. ننڍن ڪالرن سان قميص پايو يا وڏن سان. پتلون ننڍين پانچن واري پايو يا بيل باٽم ٽائيپ، ٽائي لڳايو يا اسڪارف ٻڌو. ٽوپلو پايو يا سکن وارو پٽڪو. گوڏ پائي هلو يا چڍي- سڀ ڪار آهي. سڀ چلتا هي وارو حساب آهي. هر ماڻهو هر وقت مست مگن نظر ايندو.“
ڪجهه عرصو ٿائلينڊ، سنگاپور، جپان تي رهي رهي اسان تي به انهن ملڪن جو رنگ چڙهي ويو هو ۽ تکن رنگ ۽ وڏن گلن يا مورتين واريون قميصون پائڻ لڳا هئاسين.
پر پوءِ ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهڻ تي خبر پيئي ته هتي سائين ٻيو ڪو قاعدو قانون سخت هجي يا نه پر فئشن جو قانون زور آهي، جنهن تي غريب غربو به سختيءَ سان عمل ڪري ٿو ۽ جتي ڪالر جو چند ملي ميٽر ننڍو يا وڏو هئڻ به برداشت نٿو ڪيو وڃي. اتي منهنجو اهڙي قسم جون قيمصون پائي هلڻ ائين هو ڄڻ مسلمان جومندر ۾ گهڙڻ، بهرحال بئنڪاڪ، پينانگ ۽ سنگاپور جي هوا جلد ئي دماغ مان ڪڍي، اهي قميصون ٺپي رکي ڇڏيم.
پر سائين هتي ملائيشيا ۾ مهيني کن اندر ئي اهو احساس ٿيو ته هتي ته اڃا به اهي بوتيڪ جون قميصون پيون هلن بلڪ آفيس يا ڪنهن جلسي يا شاديءَ مراديءَ ۾ گهڻي عزت ۽ لئه انهن جي آهي جيڪي اهي اجرڪن جهڙيون قيمصون پائي ٿا اچن.
پهريون ئي هتي وڏو فنڪشن ٿيو ته وزير، وڏا ماڻهو، آفيسر، سياستدان ۽ ليڊر انهن بوتيڪ جي نيلن پيلين ۽ گلن وارين قميصن ۾ هئا ۽ آصف ۽ آئون ٻه ڄڻا هئاسين جيڪي سوٽن ۾ خوار ٿي رهيا هئاسين.
ٻه چار اسان جا پاڪستاني دوست جيڪي مدت کان ڪوالالمپور ۾ ملائيشيا شپنگ ڪارپوريشن ۾ آهن اهي به ان دعوت ۾ گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي گلن واريون بشرٽون پائي مڪاني ماڻهن سان رلي ملي آرام سان ائين پئي هليا ڄڻ هو به هنن مان ئي هجن ۽ اسان ککا وکا پئي ٿياسين.
آصف کي پاسيرو ڪري چيو ته پاڻ پاڪستان کان اجايو سوٽ سئيٽر ۽ ڪوٽ گهلياسون. هڪ ته هتي سڄو سال سيءَ ٿيندو ئي ڪونهي. ٻيو آفيسن ۽ دعوتن ۾ به پائڻ جو رواج ڪونهي جو کڻي پائي چوڙجن. هاڻ نمبر ون ته ڪا ٿانو وڪڻندڙ مائي نظر اچنئي ته ٻڌائجانءِ ته اهي سوٽ ڪوٽ ڏئي کانئس ٽام چينيءَ جون ٿالهيون ۽ مخبا وٺون. نمبر ٽو ته سڀاڻي ئي هل ته في الحال هڪ ٻه باتڪ جون بشرٽون وٺي اچون. هتي ته پوڙها جهور به اهي پايو پيا هلن. پاڻ جي پاتي ته پاڻ به انهن جي وچ ۾. باقي ڪراچيءَ جڏهن هلون ته مهرباني ڪري ياد ڏيارجانءِ ته اهي گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون هتي ئي ڇڏي هلون.