اڏام جي ڪنفرميشن (خاطري)
ايئرپورٽ
جهاز جي اڏام کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳواٽ ايئرپورٽ تي پهچڻ کپي، جيئن سامان جو وزن ڪرائجي، جهاز ۾ ويهڻ جو سيٽ نمبر (بورڊنگ ڪارڊ) وٺجي، اميگريشن جو ڪارڊ ڀرجي، پنهنجي چڪاس ڪرائجي ۽ پاسپورٽ تي ٺپو وغيره هڻائجي.
ايئرپورٽ ڪنهن به جهازران ڪمپنيءَ جي ملڪيت نه هوندو آهي ۽ نه ان لاءِ جوابدار آهي. جيئن اسان وٽ ايئرپورٽ جي تڪليف (پيئڻ لاءِ پاڻي نه هجڻ يا ويهڻ لاءِ ڪرسي نه هجڻ) لاءِ اڪثر پي. آءِ. اي – هوائي ڪمپنيءَ کي گاريون ڏنيون وينديون آهن. اسان وٽ جيتوڻيڪ هوائي ڪمپني ۽ هوائي اڏو ٻئي سرڪاري آهن، پر مختلف کاتي ۾ آهن. هوائي اڏي - اي ڊي اي (ايئرپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي) ۾ اچي ٿو ان ڪري هوائي اڏي جي صفائي، سونهن ۽ سهوليت لاءِ A.D.A کاتو جوابدار آهي، جيڪو هوائي اڏي جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هر ٻاهر ويندڙ مسافر کان سئو رپيا اوڳاڙي ٿو. (مختلف ملڪن ۾ مختلف في آهي). باقي هوائي جهاز ۾ ماني سٺي ناهي، ويهڻ جي ڪرسي سٺي ناهي، وقت تي اڏام نٿي ٿئي ته ان لاءِ هوائي ڪمپني پي. آءِ. اي- يا جنهن ڪمپنيءَ جو جهاز آهي- اها جوابدار آهي.
هوائي اڏي تي پهچڻ مهل پاڻ سان ڪجهه پئسا رکجن جيئن سئو رپيا في مسافر جي حساب سان ايئرپورٽ ٽيڪس يا وڌيڪ وزن کڻڻ جو ڀاڙو ڏئي سگهجي ۽ اڳيان لائونج ۾ چانهه ٿڌو پيئڻ يا فون ڪرڻ جو بل ڀري سگهجي. ايئرپورٽ ٽيڪس پڻ بدلجندو رهي ٿو.
لگيج ٽئگ
ايئرپورٽ ۾ اندر پهچڻ جنهن هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ هجي ان جي ڪائونٽر تي پنهنجو ڳرو سامان بئگون، هڙون وغيره جمع ڪرائجن. پاڻ سان رڳو ڳچيءَ جو ننڍو ٿيلهو يا بريف ڪيس رکجي، جنهن ۾ پاسپورٽ، ڪاغذ پٽ، ڏاڙهيءَ جو سامان، دوائون يا ٻيو اهڙو اهم ۽ ترت استعمال ۾ ايندڙ سامان هجي، ان جي تور نه ڪئي ويندي آهي. ڪي سياڻا وري ان ٿيلهي يا بريف ڪيس ۾ استري، ٽائيپ رائيٽر يا ٻي ڪا اهڙي ڳري وزن واري چيز وجهي پاڻ سان کڻي هلندا آهن. جيئن جهجهي وزن جي وڌيڪ ڀاڙي کان بچي سگهجي.
هوائي ڪمپنيءَ جو عملو پيتيون ۽ وڏو سامان توري ننگن جيترا ڪارڊ ڏيندو آهي. جن ڪارڊن جا اڌ اڌ سامان سان ٻڌا ويندا آهن. نمبر ٻنهي اڌن تي ساڳيا هوندا آهن جيئن توهان پنهنجي سامان جي، منزل تي پهچي گهر ڪري سگهو. انهن ڪارڊن کي لگيج ٽئگ سڏجي ٿو. اهو ٽئگ پاڻ سان قابو رکڻ کپي، جيئن منزل تي پهچي سامان نه ملي ته ان وڃايل پيتيءَ جو ٽئگ ڏيکارڻ تي هوائي ڪمپني وڃايل سامان جي ڳولا- ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ رقم ادا ڪري سگهي.
هونءَ احتياطن مسافرکي کپي ته پنهنجي هر هڪ پيتيءَ ۽ هڙ جي مٿان ڪنهن مارڪر پين سان نالو ۽ ائڊريس لکي ڇڏي. يا ڪنهن پني تي لکي ٻاهران چنبڙائي ڇڏي. ان کان علاوه هڪ پنو (نالي ۽ ائڊريس جو) پيتيءَ جي اندر به وجهي ڇڏي جو ڪڏهن ڪڏهن اڌ ٽئگ ۽ توهان جو ائڊريس وارو چنبڙيل پنو ڦاٽيو پيو. ان صورت ۾ اهو گم ٿيل سامان دنيا جي مختلف هوائي اڏن تي رلندو رهي ٿو. اڄڪلهه جتي ڪٿي ڪمپيوٽر سسٽم آهي ۽ گم ٿيل سامان جو ڪمپيوٽر ذريعي سڀني اهم هوائي اڏن تي اطلاع ڪيو وڃي ٿو ۽ هو پيتيءَ جي ٻاهران يا اندران مسافر جو نالو ڳولي اهو سامان گهربل هنڌ تي چوويهن ڪلاڪن اندر پڄايو ڇڏين.
جيڪڏهن اڏام ڊئريڪٽ آهي- مثال طور: ڪراچي کان لنڊن تائين ساڳي هوائي جهاز ۾ ته پوءِ سامان گم ٿيڻ جا گهٽ امڪان آهن. پر جي مختلف اڏامون آهن جيئن ته هڪ اڏام آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ کان مسافر چڙهيا ۽ مصر جي هوائي اڏي قاهره ۾ سڀ لٿا. اتي ڪن مسافرن کي ڪي. ايل. ايم جهاز ذريعي ڪوپنهيگن وڄڻو آهي، ڪن کي لفٿنسا هوائي جهاز رستي- جيڪو ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اچڻو آهي- فرئنڪفرٽ (جرمني) وڄڻو آهي، ڪن کي ٿائي ايئر لائين ذريعي پئرس وڃڻو آهي. باقي چند مسافر اهڙا آهن جن کي ساڳئي جهاز ۾ اڳتي لنڊن وڃڻو آهي. ان ردوبدل ۾ هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ مزدور ڪڏهن ڪڏهن سامان کي غلط هوائي جهازن ۾ چاڙهي ڇڏيندا آهن، ويتر جي ٽئگ يا چنبڙيل ائڊريس وارو پنو ڦاٽي پيو آهي ته پوءِ غلطيءَ جا گهڻا امڪان ٿيو پون. ان ڪري ضروري آهي ته بئگ جي اندر پڻ هڪ ائڊريس رکجي جيئن اڳتي هلي ڳولا ۾ هوائي اڏن کي سهوليت ٿئي.
بورڊنگ ڪارڊ
جهاز ۾ ويهڻ جو ڪارڊ جنهن تي سيٽ نمبر به ٿئي، ان کي بورڊنگ ڪارڊ سڏجي ٿو. ايئرلائين ڪمپنيءَ وارا سامان وٺڻ بعد توهان جي ٽڪيٽ جو مٿيون ڪوپن ڦاڙي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏيندا آهن. جهاز ۾ ويهڻ لاءِ گهڻو ڪري ٽي ٽي سيٽون ٿين. هڪ دريءَ واري، ٻي وچين ۽ ٽين پاسي واري. جي دريءَ کان ويهي جهاز جي لهڻ چڙهڻ وقت نظارو ڏسڻ ٿا چاهيو ته پوءِ دريءَ واري سيٽ بهتر آهي. باقي جيڪڏهن ذري ذري باٿ روم لاءِ اٿ ويهه ڪرڻ ٿا چاهيو ته ٻين جي سک ڦٽائڻ بجاءِ پاسي واري سيٽ وٺي ويهجي. هوائي ڪمپني ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ وارا چپڙي ڪري وچئينءَ سيٽ تي ويهي رهندا آهن.
اڄڪلهه هر جهاز ۾ سگريٽ پيئندڙن کي ڌار- گهڻو ڪري پٺين سيٽن تي ويهارين ٿا. بورڊنگ ڪارڊ تي توهان جو سيٽ نمبر هئڻ وقت توهان کان اهو ضرور پڇندا ته سگريٽ ڇڪيو ٿا يا نه.
اميگريشن
هر ملڪ ۾ اميگريشن کاتو ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن جو رڪارڊ رکي ٿو ته ڪهڙا ٻاهر ويا ۽ ڪهڙا ملڪ اندر گهڙيا ۽ ڪٿي رهيل آهن. هر ملڪ مان وڃڻ وقت يا اچڻ وقت اميگريشن کاتي جو هڪ ڪارڊ- ايمبارڪيشن/ڊسئمبارڪيشن ڪارڊ- ڀري کين ڏيڻو پوندو آهي. جنهن بعد هو پاسپورٽ تي Exit ملڪ کان ”ٻاهر“ وڃڻ يا Enter – ”اندر“ گهڙڻ جو ٺپو هڻي ڏيندا آهن.
ذاتي چڪاس
جهاز تي وڌندڙ هاءِ جئڪنگ جي حادثن ڪري اڄڪلهه هر مسافر جي اليڪٽرانڪ مشين (اسڪئنر) ذريعي چڪاس ٿئي ٿي، ان پڪ ڪرڻ لاءِ وٽس ڪو پستول، خنجر، بم يا لوهي هٿيار ته نه آهي. مسافر سان گڏ سندس بريف ڪيس يا ٿيلهي جي به چڪاس ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلهه جون اليڪٽرانڪ مشينون تمام جلد ڪم اڪلايو ڇڏين ۽ جيڪي ڪجهه بئگ ۾ يا ماڻهوءَ وٽ لوهي سامان آهي ان جو فوٽو اچيو وڃي. نه ته شروع ۾ جيڪي مشينون هونديون هيون، اهي چقمقي طاقت تي الارم وڄائينديون هيون، ان ۾ ڪافي دقت ٿيندي هئي. مثال طور: ماڻهو مشين مان لنگهيو ته مشين الارام وڄايو. خبر پئي ته هن وٽ پسٽل يا خنجر ته نه آهي، پر سندس صدريءَ جا ٻيڙا ڪنهن ڌاتوءَ جا ٺهيل آهن، ان ڪري مشين الارم پئي ڏئي يا غريب جي ڪڇي جو ٻيڙو ٽٽل آهي سو ڪانٽو هنيو پيو هلي. عورتن جي باڊين ۾ لوهي ڪڙا هجڻ ڪري اڪثر الارم وڄندو هو- يا آءِ. يو. ڊي ڪري.
انتظار گاهه
مٿئين چڪاس بعد مسافر انتظار گاهه (لائونج) ۾ اچي ويهندا آهن. جهاز جي اڏام کان ڏهه پنڌرهن منٽ اڳ لائوڊ اسپيڪرن تي اعلان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسافر جهاز ۾ چڙهن. ڪڏهن جهاز پري بيٺل هوندو آهي ته ان هوائي جهاز جي ڪمپنيءَ وارا مسافرن کي بس ۾ چاڙهي جهاز تائين وٺي ايندا آهن.
هوائي جهاز
جهاز جي ڏاڪڻ وٽ مسافرن کان سندن بورڊنگ ڪارڊ وٺي، کين مقرر جاين تي ايئرهوسٽسون يا اسٽيورڊ ويهاريندا آهن. پوءِ جهاز جي مٿي اڏامڻ مهل سيٽ ۾ لڳل پٽو چيلهه سان ٻڌڻ ۽ سگريٽ نه ڇڪڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيئن ئي جهاز مٿي اڏامڻ واي ليول تي پهچندو آهي ته بيلٽ کولڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ اعلان ڪيو ويندو آهي. جهاز جي لهڻ وقت پڻ اهو عمل ورجايو ويندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهاز هلندي ڪنهن اهڙي حصي Air-Pocket ۾ به اچي ويندو آهي، جتي ساهه کڻڻ لاءِ هوا جي کوٽ هوندي آهي. ان لاءِ ايئر هوسٽس توهان کي چڙهڻ مهل ئي ٻڌائيندي ته جي اهڙي حالت درپيش اچي ته توهان جي سيٽن مٿان رٻڙ جا ٻوٿاڙا هيٺ لڙڪايا ويندا جيئن اهي نڪ ۽ وات تي رکي جهاز ۾ رکيل آڪسيجن استعمال ڪري سگهو.
ڪڏهن ڪڏهن جهاز سمنڊ جي مٿان لڳاتار هلندو آهي، جيئن سنگاپور کان منيلا تائين سڄو وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان هلندو آهي. اهڙن موقعن تي ايئرهوسٽس مسافرن کي سمجهائي ڇڏيندي آهي ته جي خدانخواسته حادثو ٿئي ته سيٽن هيٺان رٻڙ جون لائف جئڪيٽون (صدريون) ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏجن جيئن ٻڏڻ بدران سمنڊ جي مٿان تري سگهجي. ان رٻڙ جي جرسيءَ ۾ هوا ڀرڻ لاءِ ان جي هيٺان ڌاڳو ٻڌل هوندو آهي ان کي سٽ ڏيڻ سان اها هوا سان ڀرجي ويندي آهي.
جهاز ۾ اڏام جي وقت موجب مسافرن کي چانهه يا ماني کارائي وڃي ٿي. جي رات جي وقت وڏي اڏام اٺن ڏهن ڪلاڪن جي آهي ته فلم شو به ڏيکاريووڃي ٿو، ۽ جي ڪو ڏسڻ نه چاهي ته پنهنجي سيٽ کي پٺيان لاڙي سمهي رهي يا بتي ٻاري ڪتاب/اخبار ويهي پڙهي.
هر جهاز جي باٿ روم ۾ ڪاڪوس ۽ هٿ منهن ڌوئڻ جي بندوبست کان علاوه مردن لاءِ شيو جو سامان يا اليڪٽرڪ شيور لاءِ سئچ، صابڻ، يوڊي ڪولون ۽ هٿ اگهڻ لاءِ پنا ۽ ٽشو پيپر ٿين ۽ عورتن لاءِ سينيٽري ٽئال- ڪوٽيڪس، ٽئمپيڪس وغيره پڻ.
ڪيترن جهازن ۾ سيٽن جي مٿان وهاڻا ۽ بلاڪيٽ رکيل ٿين، جيئن ڪنهن کي سيءُ لڳي يا ننڊ اچي ته مٿان بلاڪيٽ يا وهاڻو کڻي استعمال ڪري.
(نوٽ:اڄڪلهه پاڪستانين لاءِ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور وڃڻ لاءِ پڻ ويزا اڳواٽ وٺڻ ضروري ڪئي وئي آهي.)