پتر گهسيڙو ۽ پيتي سيجوڪ
Negeri (نگري) رياست کي چون، Minta (منتا) منٿ، Nanas (ناناس) انناس، Malang (ملنگ) بدنصيب، Kaca (ڪاچا) معنيٰ ڪانچ يا شيشو، ملئيءَ ۾ چ جي اچار لاءِ CH لکن. ڪ ۽ ق لاءِ K پر قرآن Q سان لکن. انگريزيءَ جا سڀ اکر اي بي سي وغيره ملئي الفابيٽ ۾ استعمال ٿين- سواءِ X, Q ۽ Vجي. Cadar (چادر) معنيٰ چادر، Curi چوري لاءِ، Baldi (باندي) باردي، Alat (آلات) اوزار، Bahasa (بهاسا) معنيٰ ٻولي، Badan بدن، Suwami (سوامي) مڙس، Baki (باقي) معنيٰ بچيل، رهيل، Cuti (چوٽي) معنيٰ ڇُٽي موڪل، وغيره شادي ڪارڊن يا ٻين دعوت نامن ۾ مٿان ئي لکيل هوندو پئان/ تئان.... فلاڻو..... ۽ استري/سوامي- معنيٰ مسز/مسٽر فلاڻو ۽ زال/ مڙس. (پئان معنيٰ مسز يا محترمه ۽ تئان معنيٰ جناب يا محترم.)
انگريزن جي حڪومت رهڻ ڪري انگريزيءَ جا به ڪيترائي لفظ ملئي ۾ آهن- بلڪ انگريزيءَ جا ته اڃا تائين ڪيترائي لفظ طهر ڪرايو ملئي ٿيندا وڃن- يا ته ڪي بنا وڍڪٽ جي هوبهو ساڳي شڪل ۾ داخل ٿيندا وڃن. مثال طور، گلاس، پينسل، ڊاڪٽر، بئنڪ، بس، جئم، جيلي، فئشن، ڪئمپ، ڪئبن، سرڪس، بئگ، بلاڪ، رش، البم، ڪاربن، سيمنٽ، ڊرائيور، گورنر، جوڪر، لاري، مئجسٽريٽ، پروفيسر، ٽائر، ٽيليفون جهڙا لفظ ته ڄڻ اصل کان ملئي زبان ۾ هئا جيئن سنڌيءَ ۾ پڻ اهڙا لفظ لڳندو آهي ته انگريزيءَ جا نه پر ڄائي ڄم کان سنڌي هجن. ٻئي نمبر تي انگريزيءَ جا اهي لفظ آهن جن کي ٿورو مروڙو ڏيئي ملئي ڪيو ويو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ انگريزي لفظ جگ جڳ ٿي ويو يا اسٽيشن ٽيشن ٿي وئي ۽ پسٽل پستول ٿي ويو آهي، تيئن انگريزي لفظ بُڪ ملئيءَ ۾ بوڪو، لئمپ لئمپو. ٽي تيح، سينٽ سين، ايجنٽ ايجن ٿي ويو آهي. ڪي ڪي لفظ ته کلي عام کنيا ويا آهن ۽ لڳي ٿو ويجهڙائيءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. مثال طور ائسٿيڪ، ڪامپليڪس، ڪريڪيوليم، امينسيشن، ايڪسپلائيٽيشن، فئنٽاسٽڪ، گريجئوٽي، فارمولا، ماراٿان، مسڪارا، فوٽو جينڪ، ائپول وغيره وغيره. خير ائپول (ائپل- صوف) ته کڻي ٺهيو جو اهو ميوو هتي ملائيشيا ۾ ناهي ۽ هنن کي ان لاءِ پنهنجو نالو ناهي، جيئن پڪوڙن کي انگريز پڪوڙا ئي چون ٿا، پر ٻيا لفظ اهڙا آهن جن هروڀرو کنيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙا مشهور ٿي ويا آهن جو ڳوٺن ۾ پوڙهيون جهور عورتون به چونديون وتنديون:اني گئمبار فئنٽاسٽڪ، (هي فوٽو واهه جو آهي.) يا ”جنگن پتاح فيلنگ سايا“ (منهنجي جذبات کي نه ٺڪراءِ). وغيره.
ملئي ماڻهو ف ۽ پ کي هڪ ٻئي سان منجهائيندا رهن ٿا. کين ف جي مقابلي ۾ پ سولو ٿو لڳي. ان ڪري ڪافيءَ کي ڪاپي چون ۽ فڪر کي پڪر. ويندي نالن ۾ به گهپلو ڪن. مثال طور: ڪيترا ملئي يوسف بدران يوسپ لکن. معروف بدران معروپ. اسان جي آفيس جي ٽيبل ٽينس جي ڪئپٽن رڌ پچاءَ سيکاريندڙ ليڪچرار شريپان آهي (ظاهر آهي سندس صحيح نالو شريفان هوندو). ڪئڊٽن جي مانيٽر جي نالو محمد عارب اهي. جيڪو محمد عارف هجڻ کپي. جوي زبان ۾ نڪرندڙ ملئي اخبار ۾ فلپ کي پلپ لکن. (هونءَ P جي اچار لاءِ هو اسان وانگر پ نه لکن، پر ف مٿان هڪ نڪتو ڏيڻ بدران ٽي نڪتا ڏين ۽ F جي اچار لاءِ جويءَ ۾ ڪو اکر نه اٿن.)
ملئي زبان تي عربي زبان جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي، جو هتي جا ماڻهو- خاص ڪري ملئي سڀ مسلمان آهن. هتي اسلام محمد بن قاسم جهڙي جرنيل شرنيل ملڪ فتح ڪري نه آندو، پر ملاڪا نار جي سانتيڪي پاڻيءَ چين ويندڙ جن عرب واپارين کي پاڻ ڏي ڇڪيو، انهن جون سٺيون ڳالهيون، خيال ۽ عمل ڏسي هتي جا ماڻهو مسلمان ٿيا. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا تمام مشغول ۽ مشهور شهر هو ۽ بغداد، بصري، ٺٽي (ديبل)، ممباسا، دارالسلام، سڪندريا وانگر بلي بلي هو. جيئن ته اهي واپاري عربي ڳالهائيندا هئا ان ڪري ملئي زبان تي عربيءَ جو وڏو اثر ٿيو.
اسان وٽ عربيءَ کان علاوه ايرانيءَ (فارسيءَ) جو به وڏو اثر آهي- بلڪ ڪنهن زماني ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جو درجو رسيل هو ۽ فارسي ڳالهائيندڙن جو وڏو مان هو ۽ مثال مشهور هو ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ يعني فارسئي ڄاڻندڙ کي وڏو رتبو/ نوڪري ملندي هئي. فارسيءَ جو سياسي اثر هجڻ کان علاوه ادبي ۽ مذهبي طور پڻ اسان وٽ اهم سمجهي ويندي هئي. (بلڪ 1960ع تائين فارسي ۽ عربيءَ جو اسڪولن ۾ برابر جو درجو هو.) ان ڪري اسان وٽ ماڻهن جا نالا پڻ ٺيٺ سنڌي (صوبائي زبانن) کان علاوه عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. جيئن منهنجي نالي جو اڌ (الطاف) فارسيءَ جو آهي ته ”احمد“ عربيءَ جو. يا اسان جي ٻئي چيف انجنيئر ساٿي- محمد آصف جو پڻ اڌ عربي ٿيو ته اڌ فارسي. پر هتي ملائيشيا ۾ ماڻهن جا نالا ملئي زبان کان علاوه باقي ٻين زبانن جا آهن. هتي فارسي نالا بنهه نه ملندا ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ جنهن جو نالو عربي آهي اهو مسلمان ٿيو. هنن جا نالا گهڻو ڪري عبد سان آهن جئين ته: عبدالرحمان، عبدالرزاق، عبدالغني، عبدالستار وغيره. ٻئي نمبر تي ذوالفقار، حمزو، تاج الدين، محمد اسحاق، صبر الدين، محمد ڪامل، محمد نعيم، زين العابدين نموني جا آهن. ٽي نمبر تي ڏينهن مهينن جا اسلامي نالا: رمضان، جمعو، شعبان وغيره آهن. ملئيءَ ۾ خميس جي ڏينهن کي خميس ئي چون ۽ ڇنڇر کي سبتو- ۽ اهي ٻئي نالا:خميس ۽ سبتو مردن جا اهن ۽ تمام عام نالا آهن. اسان جي هڪ بس ڊرائيور جو نالو سبتو آهي ۽ خلاصين کي ٻيڙي هلائڻ سيکارڻ واري استاد جو نالو انچڪ خميس آهي. (انچڪ معنيٰ مسٽر. ٺلهو چڪ Cik معنيٰ مِس ۽ پئان معنيٰ مسز.) ڪجهه ملئي نالا گلن، موسمن ۽ ميون تي به آهن. جيئن سنڌ ۾ انب، ڪرڙ، چڀڙ، ليمون، صوف نالا ڪنهن زماني ۾ مشهور هئا. هينئر به ڳوٺن ۾ ڪوڏائڻ طور اهي نالا رکيا وڃن ٿا.
عربي نالن تان ڳالهه ياد آئي ته ڪوالالمپور کان ملاڪا شهر پهچڻ تي هتي جي هڪ هوٽل- ”تريولرس اِن“ ۾ جڏهن ڪمرا بڪ ڪرائي رهيا هئاسين ته رسيپشن تي ٻئي ملئي ڇوڪريون عزيزان ۽ نوريزان مسلمان هيون. اسان کان پڇيائون ته ڪٿي جا آهيو.
”پاڪستان جا.“ وراڻيوسين.
”پاڪستان ۾ ته سڀ مسلمان هوندا؟!“
”ها. هتي ملئي سڀ مسلمان آهن. انڊين ۽ چينين ۾ به ڪجهه مسلمان آهن، باقي هندو، سک، ڪرسچن، ڪنفيوسٽ وغيره.“
هو هڪ ڏورانهين ڏيهه کان ساڳي مذهب جا ماڻهو ڏسي ۽ ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لاءِ اسان کان اسان جي ملڪ ۽ نوڪريءَ جون خبرون پڇڻ لڳيون. جيسين روم بئا، اسان جو سامان ٽئڪسيءَ مان لاهي ٽراليءَ ۾ ڪنهن کي هجائتو ٿيندو ڏسي، کل جهڙي ڳالهه هجي يا نه ڏند ٽيڙي پاسپورٽ نمبر ۽ نالو ورتو. جڏهن اسان کين پنهنجا نالا: الطاف ۽ آصف ٻڌايا ته ٻئي وائڙيون ٿي چوڻ لڳيون: ”You can not be Muslims“ توهان ته مسلمان ٿي نٿا سگهو؟
”اڙي ڇو؟“ اسان ٺهه پهه پڇين.
”Because Altaf and Asif are not Muslim name“ ڇو جو الطاف ۽ آصف ڪي مسلمانن جا ته نالا نه آهن.“
پوءِ جڏهن کين سڄا نالا: محمد آصف ۽ الطاف احمد ٻڌايوسين ته رڙ ڪري چوڻ لڳيون.
”Then say Like that “ ته پوءِ ائين چئو نه.“
بهرحال ملئي ۾ ٻي ڏورانهين ٻولي عربيءَ جا تمام گهڻا لفظ آهن. جيئن ته سلامت معنيٰ سلامتي ۾، حفاظت ۾، سلامت داتنگ ۽ سلامت جالان ته تمام گهڻا ٻڌبا- يعني ڀلي ڪري آيائو (اچڻ جي سلامتي) ۽ وڃڻ جي سلامتي- معني خدا حافظ، الله کي پرتين. سلام لاءِ السلام عليڪم به چون ته ايرانين ۽ انگريزن وانگر صبح منجهند شام رات جا ڌار ڌار سلام به ڪن. مثال طور: ”سلامت پاگي“ معنيٰ صبح جو سلام، سلامت پيتانگ“ معنيٰ شام جو سلام ان کان علاوه ٻِا به ڪيترائي عربي جا لفظ ملئي زبان ۾ آهن. مثال طور: ڪرسي، عسڪر، (فوجي)، نصيب قصا، Wajib (واجب) معنيٰ ضروري Tadbir(تدبير) معنيٰ بندوبست يا انتظام، صفت، صحت، نصيحت، مسجد، Maaf (ماف) معنيٰ معاف، Mahkamah (ماحڪاماح) معنيٰ ڪورٽ، Kertas (قرطاس) معنيٰ ڪاغذ، خدمت، جواب، Jenis (جنس) معنيٰ قسم. موڪل جي درخواست تي هڪ ڪالم هوندو آهي: جنس چُٽي- Jenis Cuti معنيٰ عرضدار کي ڪهڙي قسم جي موڪل کپي:پگهار سان، بنا پگهار سان، ميڊيڪل..... وغيره. Daftar (دفتر) معنيٰ نوٽ بڪ. ان کان علاوه رجسٽر، عادل، زمين، زمان، ظالم، وقت، وڪيل، زمرد، طبيعت، عزت، وليما، تاريخ، تواريخ، تمر (ڪتل)، تاج، ڪتاب (مذهبي ڪتاب)، بوڪو (عام ڪتاب)، لائق، ڪشمڪش، ڪنجي، قحط، (ڏڪار)، بهادري، عمر (ڄمار)، لغام، عذاب، عوام، اولياءِ، ازل، عظمت، يقين- اهي ۽ ٻيا ڪئين هزارين ملئي لفظ جيڪي عربيءَ تان کنيل آهن. ويندي ڏينهن جا نالا: احد، اثنين، اربعين، خميس، جمعته، سبت وغيره عربيءَ تان کنيل آهن.
مردن جي نالن کان علاوه عورتن جا نالا پڻ گهڻي ڀاڱي عربيءَ تان کنيل آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻين نالن وانگر هي نالا به صحيح عربيءَ بدران ٿورو ڦري ويا آهن، جيئن اسان جي آفيس جي هڪ ٽائپسٽ ڇوڪريءَ جو نالو Puan Siti Zaleha Bte Yakoop آهي، جيڪو دراصل ضالحا (Zaleha) بدران صالحا هوندو. نالي جي اڳيان لکيل پئان معنيٰ مسز (بيگم) آهي ۽ ڪيترين ڇوڪرين جي نالي ۾ سيتي عام طرح اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو هن نالي جو واسطو هندي لفظ ستيءَ سان هجي- معنيٰ پاڪ، وفادار وغيره. جيئن پاڻ وٽ مارئي، سورٺ، سسيءَ جهڙا نالا آهن. مٿين نالي ۾ لکيل Bte بنت جو شارٽ فارم آهي.معنيٰ ڌيءَ. هتي بنت ۽ بن (پٽ) لکڻ عام آهي. بنت يا ڪوپ معنيٰ ياڪوپ جي ڌيءَ- دراصل اهو ياڪوپ يعقوب آهي. پر ب جا اکر به ملئي ۾ ڪٿي ڪٿي پ اچارجن. جيئن زينب زنيپ سڏجي. ٻيا ڪجهه نالا هن ريت آهن:فريده بنت حاجي محمد شاهه، ام ڪلثوم، قمرياه، سالمياه، فاطمه، حميده، خاويه، صبارياه (جيڪو پڪ اصل ۾ صابره هوندو). سادياه، ظهاراه (جيڪو ٿي سگهي ٿو ظهرا هجي)، حاجاڻي بصراه، حانياه، روحائداه، سائمان، صوپيا (جيڪو صوفيا هوندو) وغيره وغيره.
ڪن ڪن ڌارين لفظن کي پنهنجائپ جو چوغو پائڻ لاءِ سندن هوبهو لفظي ترجمو ڪيو ويو آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ هندستان ۾ انگريزي لفظن کي هنديءَ ۾ آندو ويو هو. جهڙوڪ: پوسٽ مئن (خط ورهائيندڙ- ٽپالي) کي پتر بکيڙو ۽ ليٽر باڪس کي پتر گهسيڙو وغيره ٺاهيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ملئي لفظ ائين پڻ ٺاهيا ويا آهن. جيئن ريفريجريٽر جو ملئي لفظ Peti- Sejuk (پيتي- سيجوڪ) معنيٰ ٿڌي ڪرڻ جي پيتي يا دٻو. جيئن فارسيءَ ۾ بئالر کي ديگِ بخار (ٻاڦ جي ديگ) سڏيو ٿو وڃي.
بهرحال ان نموني جي ترجمي مان ٻيو ڪو متاثر هجي يا نه. پر اسان جو درٻيلي جو پير- ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ضرور آهي. ڪيترا دفعا مون کي چيو هوندائين:”ڪيڏي نه سٺي ڳالهه آهي، اها. سنڌيءَ ۾ به ڌاريان لفظ ائين ترجمو ڪرڻ کپن.“
ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ايندو آهي ته چوانس درويش تون ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين. جيڪا سنڌي زبان رهي آهي ان جي جيئري رهڻ جي حق ۾ ته پهرين دعا گهر. تون 1962ع ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪري ٻاهر ويو آهين ته وري توکي ڪو شايد سنڌ ۾ اچڻ جو موقعو مليو آهي جو چڱيءَ طرح خبر پونئي ته سنڌيءَ تي ڪهڙا ارٽ پيا هلن. ٻين حڪومتن ۾ ته ٺهيو پر عوامي حڪومت ۾ به سنڌيءَ جو ساهه نپوڙيو ويو هو. تون ڌارين لفظن جا سنڌيءَ ۾ لفظ ڳولڻ جا خواب پيو لهين. هتي سنڌيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي به همت افزائي ڪا نه پئي ڪئي وڃي.