ملائيشيا جي ڄاڻ
پوءِ اڳتي هلي ملائشيا بابت سڀ کان گهڻو پنهنجي انگريزي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کان ٻڌوسين. ڪرنل جي. ايڇ. ايڇ ڪومبس (Col.J.H.H.Coombes) برٽش آرميءَ جو رٽائرڊ ڪرنل هو ۽ اسان جي پراڻي ڪاليج، ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص/پيٽارو جو 1959ع ۾ پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ ٻي وڏي لڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ انگريز فوج طرفان ملائيشيا ۾ ڪمانڊنگ آفيسر هو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ وانگر ملائيشيا، سنگارپور ۽ هانگ ڪانگ تي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هنن ملڪن ۾ فوجي آفيسر سڀ انگريز هئا، باقي سپاهين ۾ ڪجهه ته هنن ئي ملڪن جا ملئي ۽ چيني هئا ۽ ڪجهه ننڍي کنڊ جا پنجابي (مسلمان ۽ سک) هئا ۽ ڪجهه گورکا (نيپال، ڀوٽان ۽ اتر هندستان جي جابلو علائقي جا رهاڪو) هئا.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سگهو ئي ملائيشيا کي به آزادي (خودمختياري) ملي ۽ تنڪو عبدالرحمان پهريون پرائيم منسٽر ٿيو، جنهن جي آزادي ۽ ملڪ جي مان مٿانهين ڪرڻ لاءِ جاکوڙ کي دنيا مڃي ٿي. هينئر هو اسي سالن کن جو ٿيندو، کيس هتي جا باشندا پيار ۽ عزت مان باپا سڏين ٿا- يعني محترم پيءُ، بابو.
تنڪو عبدالرحمان ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ فوجي سکيا دوران ڪرنل ڪومبس جو ڪلاس ميٽ ٿي رهيو هو ۽ ان بعد ڪرنل ڪومبس جڏهن ملائيشيا ۾ هو ته به سندس ساٿ رهيو ۽ سرڳواسي ڪرنل ڪومبس جيڪو ٻي جنگ عظيم تائين ملائيشيا جي اهم شخصيت هو، تنڪو عبدالرحمان کان متاثر هو ۽ تنڪو عبدالرحمان، الله شل وڏي حياتي ڏيئس- ڪرنل ڪومبس مان.
ٻي جنگ عظيم ۾ جپانين ملائيشيا تي به قبضو ڪيو. هنن ملئي ۽ انگريزن مان ڪن کي قيدي بڻائي ملائيشيا ۾ رکيو ۽ ٻين کي جپان جي جيلن ۾ موڪليو ويو. قيدين ۾ ڪرنل ڪومبس جپانين وٽ تيستائين مهمان هو جيسين آمريڪن ناگاساڪيءَ ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائي جپانين جي ٽانءِ نه ڀڳي.
جنگي قيدين جو جيڪو نالي ماتر هنيئر خيال رکيو ٿو وڃي، ان جو فيصلو ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ قيدين سان ڪيل ظلمن بعد ئي جنيوا ڪانفرنس ۾ ٿيو هو. نه ته جنگي قيدين سان ٿيل ظلم جو ڪهاڻيون- خاص ڪري جيڪي ظلم جپانين ڪيا- دنيا ۾ مشهور آهن.
اهڙا ئي ڪجهه قصا اسان کي ڪرنل ڪومبس ٻڌائيندو هو، خاص ڪري جڏهن رات جي مانيءَ تي ٻي وڏي لڙائيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي. ڪرنل ڪومبس انهن چند خوشنصيب انگريزن مان هو جيڪي اتفاق سان جپاني قيدين مان جيئرا بچي آيا، پاڻ ٻڌائيندو هو ته ڪيئن جپانين کين اڃيو، بکيو ۽ اگهاڙو رکيو.....”اسان انگريز قيدين کي ڊوڙائڻ وقت چوندا هئا ته دنيا تي راڄ ڪرڻ وارئو ڊوڙو، پوءِ پيرن اگهاڙو اس ۾ ميلن جا ميل ڊوڙڻو پوندو هو. بک ۽ اڃ ڪري ڪمزور ٿي ويل جسم سان ڪيترو ڊڪي سگهجي ٿو، پر ڊپ ۾ ڊوڙڻو ئي پوندو هو. پوءِ جيڪڏهن ڪو ڍرو ٿيندو هو ته ان کي چهبڪ هڻندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڪِري پوندو هو ته ان کي بندوق جي گوليءَ سان اتي ئي ڍير ڪري ڇڏيندا هئا.“
اسان جو هڪ ڪلاس ميٽ، قاضي احمد جو محمد سميع اهڙن گنڀير موقعن تي اڪثر بي ڊپو ٿي کلي ڪرنل ڪومبس کان پڇندو هو: ”سائين هن ڪئڊٽ ڪاليج کان به جپاني جيل خراب هوندو هو ڇا؟ هتي به اسان کي پي ٽي پريڊ ۾ حوالدار حيات ۽ سعيد اڪبر ايترو ئي ڊوڙائي ساهه ڪڍن ٿا.“
يا لاڙڪاڻي جو علي رضا ميمڻ پڇندو هوسِ”سائين ڀلا ڪنهن ٻئي جيل يا جرم ۾ توهان ڪڏهن ڦاٿائو؟“
ڪرنل ڪومبس سگار جو ڊگهو ڪش هڻي، اڌ ڪوپ جيڏو چانهه جو ڍڪ ڀري ٻڌايئندو هو: ”ها هڪ دفعي مون تي ڪورٽ مارشل ٿيو هو- ملائيشيا ۾. مون کان هڪ ماڻهو مري ويو هو- هونءَ نه پر حادثي ۾.“
پوءِ ملائيشيا جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏيندو هو ته ڪيئن اتي اونداها گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل آهن جن مان سنها پيچرن جهڙا رستا لنگهن ٿا. هڪ ڏينهن هو هڪ جيپ هلائي رهيو هو ته هڪ ڳوٺاڻو جلدي ۾ رستو ٽپندي سندس جيپ هيٺان اچي مري ويو هو. ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪيس هليو ۽ پوءِ اهو ثابت ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو ته کانئس ڄاڻي ٻجهي نه پر حادثي ۾ اهو ماڻهو مارجي ويو.
پاڻ ملائيشيا جي گهاٽن ٻيلن کان علاوه، هر وقت جي مينهن ۽ مينهوڳي واري موسم بابت پڻ ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي ماڻهن ۽ ڀٽارين مينهن ڍڳين بابت ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي نين ندين ۽ ڍنڍن ڍورن بابت ٻڌائيندو هو- ظاهر آهي ته ڪهڙو به ملڪ، محلو ۽ ماڻهو هجن- پر اتي رهي ان کي ڇڏڻ وقت اهو زمان ۽ مڪان ياد ٿو اچي. ۽ ڪرنل ڪومبس ته ملائيشيا ۾ ڪافي وقت- بلڪ بقول هن جي- پنهنجي زندگيءَ جو بهترين وقت ملائيشيا ۾ گذاريو هو. ان ڪري ملائيشيا جون هر وقت ڳالهيون ڪرڻ هن لاءِ فطري ڳالهه هئي ۽ اسان کي جاگرافيءَ ۾ پڙهڻ کان علاوه هن کان پهرين نمبر تي انگلينڊ ۽ ٻئي نمبر تي ملائيشيا جي چڱيءَ طرح خبر پيئي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ ملائيشيا (ملايا) آزاد ٿيو هو ۽ تنڪو عبدالرحمان جي پرائيم منسٽر ٿيڻ ڪري اسان جي پرنسپال جي به ڪافي لئه ويهي ويئي جو هو سندس دوست هو. سندس دوستي ايتري ته سٺي ۽ پڪي هئي جو پرائيم منسٽر هجڻ جي باوجود تنڪو عبدالرحمان پنهنجن ڪمن ڪارين مان وقت ڪڍي ڪرنل ڪومبس کي خط لکندو هو. بلڪ جڏهن ملائيشيا ۾ ايمرجنسي ٿي هئي- جو جهنگلن ۾ رهندڙ چيني گوريلا هنگاما ڪرڻ لڳا هئا- ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرنل ڪومبس کان پڻ صلاح ورتي ويئي هئي، جو کيس ان بابت ڪافي تجربو هو.
تنڪو عبدالرحمان جو جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيندو هو يا ٻئي ملڪ لاءِ ويندي ويندي ڪراچي هوائي اڏي تان لنگهه ٿيندو هوس ته اسان جو پرنسپال پڻ هن سان ملڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويندو هو. هڪ ٻه دفعا ائين به ٿيو ته اسان به سي اسڪائوٽنگ يا تعليمي ٽئر خاطر ڪراچيءَ ۾ ڪرنل ڪومبس سان گڏ هئاسين.
انهن ڏينهن ۾ ڪرنل ڪومبس اسان لاءِ فقط هڪ پرنسپال يا ماستر جي اهيمت رکي ٿي، پر اڄ سوچيان پيو ته هو ڪيڏي نه اهيمت جي شخصيت هو. هو هڪ وڏي تجربيڪار فوجي آفيسر ۽ پرنسپال کان علاوه ايماندار، يار ويس ۽ نيڪ انسان پڻ هو.
هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ هائوڪار ڪرڻ- بلڪ هن ملڪ ملائشيا کي پسند ڪرڻ لاءِ منهنجي دل ۾ محبت جي پهرين پيڙهه ڪرنل ڪومبس ئي وڌي.
ملائيشيا لاءِ وڌيڪ محبت ۽ پسند 1973ع ۾ ٿي جڏهن جهاز رستي ڪراچي ڇڏڻ وقت سمنڊ تي اسان کي اوچتو نياپو مليو ته ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ۾ هليا وڃو، جتان سڄي جهاز کي تونا مڇيءَ سان ڀري آمريڪا جي بندرگاهه لاس ائنجلس ۾ پهچائڻو آهي.
پينانگ ٻيٽ-ڪوالالمپور کان ٻه سؤ ميل کن اتر ۾ آهي. بلڪ ملاڪا نار ۾ پهرين پينانگ ٿو اچي پوءِ پورٽ ڪلانگ. پورٽ ڪلانگ ڪنهن زماني ۾ (انگريزن جي ڏينهن ۾ پورٽ سئيٽ نام به سڏبو هو) ۽ ڪوالالمپور کان ويهه ميل پري آهي.
ملائيشيا جي انهن بندرگاهن ۽ نظارن سان ڀرپور اوسي پاسي کي ڏسي دل کي ڳالهه وڻي ويئي. ملائيشيا جيتوڻيڪ خط استوائي ملڪ آهي، پر مينهن جهڙ ڪري گرم ناهي. جهاز جي انجڻ روم ۾ به رکي رکي ٿڌي هير ٿي لڳي ۽ انجڻ روم کان ٻاهر ڪڪرالو اڀ، ساوڪ واري سائي سائي ڌرتي ۽ پرسڪون ماحول ڏسي سڀ جهازي متاثر ٿيا هئاسين- پر ان زماني ۾ ٿوري جهٽ لاءِ. اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ ڪناري تي هڪ هنڌ رهي نوڪري ڪرڻ جهڙي ڪافراڻي خيال کي ته دل جي چانئٺ به ٽپڻ نٿي ڏنيسين.
انهن ڏينهن ۾ جهاز تي رهي ملڪ ملڪ جو سير ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه هو. بهرحال پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ئي اهڙيون جايون هيون جتي جي خاموشي ۽ سڪون ڏي ڪجهه گهڙين لاءِ ڌيان ڌرڻ جي پڻ توفيق ملي سگهي نه ته اتي جي رنگينين، ڪلبن ۽ ميوزڪ جي گوڙ گهمسان ڏي وڌيڪ لاڙو هو .
تعليم دوران مئرين انجنيئرنگ جي ليڪچرار-چيف انجنيئر محمد عاقل قريشيءَ تي تعجب کائيندا هئاسين ته ڪمال آهي جهاز ۽ دنيا گهمڻ ڇڏي چٽگانگ ضلعي جي هڪ خاموش ترين ٻِيٽ ’جلديا‘ ۾ اسان کي پاڙهڻ لاءِ رهي پيو آهي. پاڻ چوندو هو ته هڪ اهڙو وقت به اچي ٿو جڏهن انسان سامونڊي زندگيءَ کان-جيڪا هڪ غير فطري زندگي آهي-بيزار ٿي واپس ڪناري ڏي ڀڄي ٿو.
۽ هينئر اسان شايد ان زندگيءَ جي Latitude (ڦاڪ) ۾ گهڙي چڪا آهيون ۽ جڏهن ڪناري تي رهي نوڪري ڪرڻ لاءِ دنيا جو ڪو ملڪ سوچڻو پيو ته ڪرنل ڪومبس کان ملائيشيا بابت ٻڌل ڳالهين ۽ اکين سان ڏٺل پيانگ ۽ پورٽ ڪلانگ جي نظارن ۽ خاموشين دل تي ايڏو ته واسو ڪيو جو جپان، انگلينڊ، آمريڪا، سعودي عرب جي سياسي، سماجي ۽ قدرتي نظارن جي مقابلي ۾ ملائيشيا جو مان منهنجي وائڙي من کي مٿاهون لڳو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران ملائيشيا جي شهر ملاڪا ڏي اٺ وانگر سڌو رُخ کڻي رکيم.