”ملايا ۾ هندستان واري ايسٽ انڊيا ڪمپني“
آهستي آهستي ڊچن اهو محسوس ڪيو ته ملاڪا ۾ هاڻ اهو کڙ تيل نه رهيو آهي. ملاڪا پٺيان اجايو هاڻ وقت وڃائڻ بدران سماترا، جاوا ۽ مسالي کان مشهور ٻين اهڙين ٻيٽن ڏي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ کپي. کين ڪمزور ڏسي اوڀر جي ٻيٽن سيليس وغيره کان بوگي نالي هڪ سلجهيل قوم دلچسپي وٺڻ لڳي. جوهور ۽ سلينگر جي ترقي انهيءَ قوم جي ڪري چئي وڃي ٿي. 1784ع ڌاري ملاڪا سندس مڪمل قبضي ۾ آيو. ان کان اڳ بوگي قوم جي سردار راجا حاجيءَ 1770ع ۾ پيراق ۽ ڪيداق ۽ ڪيداح کي فتح ڪري ورتو هو. هونءَ بوگي قوم جو واپار ۽ اچ وڃ ته ملايا ۾ گهڻي عرصي کان هئي ۽ 1700عيسوي سن کان وٺي سلينگر رياست جو ته سلطان به هنن مان ئي ٿيندو هو. (سلينگر اها رياست آهي جنهن ۾ ڪوالالپور آهي) ڊچن جو رعب ۽ ملاڪا تي قبضو نه فقط بوگين جي ڪري ختم ٿي ويو. پر انگريزن جي اچڻ ڪري پڻ ڊچن تي اثر ٿيو.
1786ع ۾ انگريزن چين ۾ مال جي وڪري لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي پينانگ ٻيٽ خريد ڪيو ۽ 1795ع ۾ حملو ڪري ملاڪا فتح ڪيو. 1819ع ۾ سر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس سنگاپور ٻيٽ تي بيٺڪ ٺاهي ۽ ملاڪا نار جي ٽي اهم بندر ۽ شهر:پينانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور 1867ع ڌاري مڪمل طور، انگريزن جي هٿ ۾ اچي ويا. سنگاپور هڪ آزاد ٻِيٽ/ بندرگاهه جي حيثيت ۾ ايڏي ترقي ڪئي جو دنيا جي ڪيترن پراڻن شهرن کان گهڻو اڳيان نڪري ويو.
1869ع ۾ جڏهن سئيز ڪئنال کليو ته يورپي ماڻهن جي اچ وڃ ڪري ايِشيا جي ٻين ملڪن سان گڏ سنگاپور جهڙا هنڌ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان واقف ٿيڻ لڳا. اوڻهين صديءَ جي اڌ کان پوءِ ملائيشيا ۾ چينين جي اچ وڃ به هيڪاندي وڌي ويئي- خاص ڪري ملائيشيا ۾ ٽين، قلعي (Tin) جي کاڻين لڀڻ کان پوءِ.
ان وقت کان اڄ تائين ملئي ۽ چيني ماڻهن جو دلي طرح پاڻ ۾ ڪو گهڻو ٺاهه ناهي جو ٻنهي ۾ مذهبي، رسمي ۽ تهذيبي ويڇا تمام گهڻا آهن. ايڏو اچي تڪرار پيدا ٿيو، جو انگريز وچ ۾ ٽپي پيا. ان چڪر ۾ ڪجهه نينگري سيمبيلان، سلينگر ۽ پهانگ تي پنهنجو اثر ڄمائي ورتو ۽ انهن چئن رياستن کي 1896ع ۾ گڏي فيڊريشن ٺاهيائون ۽ ڪوالالمپور کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيائون. ملائيشي جون باقي جيڪي رياستون هيون تن جا سلطان پڻ انگريزن کي طاقتور ۽ ”سمجهو“ مڃڻ لڳا، پر ساڻن گڏجڻ کان پري رهيا. انڊيا ۽ ٻين زبردست ملڪن وانگر انگريزن هتي ملائيشيا ۾ به مقامي ماڻهن جي ڪن ڳالهين ۾ هٿ چراند بلڪل نه ڪئي. مثال طور: سلطانن کي سلطان ٿي رهڻ ڏنو جيئن خيرپور رياست، حيدرآباد دکن ۽ ٻين هنڌن تي انگريزن ڪيو. مسلمانن يا ٻين کي پنهنجي مذهب جي آزادي ڏني ۽ فرينچن ۽ پورچو گالين وانگر انگريزن پنهنجي تهذيب ۽ رسم رواج زبردستي هڪدم ٿاڦڻ بدران هتي جي مڪاني ماڻهن جي زندگيءَ جو ساڳيو طور طريقو رهڻ ڏنو- جيئن انڊيا، نائيجيريا، ڪينيا- يا ويندي اڄڪلهه هانگ ڪانگ يا برونائيءَ ۾ نمونو رکيو اچڻ.
انهن ڏينهن ۾ ترينگانو، ڪيلنتان ۽ ڪيداح رياستون سيام (ٿائلينڊ) جي اثر هيٺ هيون. انهن کي 1902ع ۽ 1909ع جي وچ ۾ انگريزن پنهنجو ڪري ورتو ۽ جوهور رياست به 1914ع ۾ انگريزن کي پنهنجو ”صلاحڪار“ قبول ڪيو.