روئڻ وارو وڻ
۽ پوءِ ايئرپورٽ يا بندرگاهه کان ٻاهر ڪنهن ٻئي شهر ڏي ريل گاڏي يا ڪار ۾ ويندي وقت رستي جي ٻنهي ڪپرن تي سڌين قطارن ۾ پوکيل هي وڻ چٽيءَ طرح ڏسي سگهجن ٿا. رٻڙ جي وڻن جي اها به نشاني آهي ته سندن ٿڙ ۾ هڪ ننڍڙي ٺڪر جي وٽي يا پلاسٽڪ جي ٿيلهي لڙڪندي نظر ايندي. جنهن ۾ ٿڙ کي ڏنل چيهڪ منجهان کير ٽمندو نظر ايندو. هي اڇو کير Latex (لئٽيڪس) سڏجي ٿو. جيڪو ماکيءَ وانگر گهاٽو ٿئي ٿو. مارڪيٽ ۾ رٻڙ جون جيڪي مختلف شيون اسان ڏسون ٿا اهي سڀ هن کير مان ٺهن. هي کير- لئٽيڪس وڻ جي ٿڙ ۽ ڇوڏي جي وچ ۾ ٿئي. ٿڙ پوءِ آهستي آهستي ڄمي ان چهيڪ واري هنڌ تي ائين تهه ٺاهيو ڇڏي جيئن انساني جسم تي رهنڊ اچڻ تي رت ڪڙي ٿو ٻڌي ۽ پوءِ وڌيڪ ٽمڻ بند ٿيو وڃي. ڏکڻ آفريڪا ۾ اميزان نديءَ جي ماٿريءَ جا ماڻهو هن وڻ جي ان رس ڳاڙڻ لاءِ چوندا آهن ته اهو وڻ تڪليف پهچڻ ڪري ڳوڙها ڳاڙي ٿو ۽ اتي جي زبان ۾ رٻڙ جي وڻ جو نالو ئي اهي ڪاهوچو- معنيٰ اهو وڻ جيڪو روئي. اهو نالو جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ پڻ ساڳيو آهي- سواءِ ٿورڙي ڦير ڦار جي. انگريزيءَ ۾ سندس نالو رٻڙ Rubber سندس پهرين ڪم – يعني ڊاهڻ ڪري پيو. ارڙهين صديءَ ۾ انگرين ڏٺو ته وڻ مان نڪرندڙ اهي ڳوڙها- کير، پني تان پينسل جا نشان Rub ٿو ڪري- ڊاهي ٿو. ان ڪري نالو پيس Rubber-رٻڙ.
رٻڙ ملايا کان علاوه برزايل ۾ به جام پوکيو وڃي ٿو. بلڪ برازيل ۾ تمام گهڻو اڳ کان آهي ۽ سائنس جي اوائلي دور ۾ ان کير جهڙي رٻڙ Latex مان پيرن ڍڪڻ لاءِ جوتا ۽ واٽر پروف ڪپڙو ٺاهيو ويو ٿي. جيتوڻيڪ ان ريت رٻڙ ذرا ٽاڪئون ۽ سخت ٿي ٿيو. ان ڪري پوءِ اڳتي هلي هن کير کي ڏامر (ڪول تار- نئفٿا) ۾ ملائي استعمال ڪيو ويو. پر اهو به ٿڌ ۾ سخت ۽ ڀرڪڻو ٿي ٿي پيو ۽ گرميءَ ۾ لِڳ لِڳ ۽ ڌپ ٿي ڪيائين.
1840ع ڌاري انگلينڊ ۾ هئنڪاڪ ۽ آمريڪا ۾ گڊييئر نالي ڪمپنين رٻڙ ۾ سلفر (گندرگ) ملائي ڪهه سڌارو آندو. سلفر کي مختلف مقدار ۾ ملائي رٻڙ جا ڪيترائي قسم، لچڪڻو (نرم گاديلن لاءِ) ۽ سخت (رسين لاءِ) ٺاهيو ويو.
1876ع ۾ انگريز حڪومت برازيل ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻين ملڪن مان رٻڙ جي سٺن وڻن جا ٻج گهرائي ملايا ۽ سلون ۾ تجربي لاءِ پوکيا. ڏسندي ئي ڏسندي هتي جي موسم، ڌرتي ۽ مينهن رٻڙ جي وڻن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ ايتري ته مدد ڏني جو هاڻ رٻڙ ڪري ملائيشيا هن پاسي جي سڀني ملڪن ۾ (جپان ۽ سنگاپور کانپوءِ) ٽيون نمبر اميرملڪ ليکيو وڃي ٿو.
جيئن انب به پهرين جهنگلي ميوو هو. پوءِ آهستي آهستي ان تي تجربا ڪري ڪيتريون ئي عمديون جنسيون ٺاهيون ويون، جيڪي اڄ سواد، سونهن ۽ تازگيءَ ۾ پهرين کان وڌيڪ بهتر آهن، تيئن هتي ملائيشيا ۾ پڻ رٻڙ جي وڻن مان گهڻي ۽ بهتر رس ڪڍڻ لاءِ اڃا تائين نت نوان تجربا ڪيا پيا وڃن. ان ۾ گهڻو هٿ هتي جي ”رٻڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ملائشيا“ (Prim) جو آهي. هي ادارو دنيا ۾ رٻڙ تي کوجنائي ڪمن جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي.
ملائيشيا جي هن اداري جي ڪري رٻڙ جي خاصيت ۽ اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. اڄ رٻڙ نه رڳو گاديلن، گاڏين جي ڦيٿن ۽ بوٽن ۾ پر جپان جهڙن ملڪن ۾ جاين کي زلزلي جي لوڏن کان بچائڻ لاءِ سندن پيڙهه ۾ پڻ وڏو وڃي ٿو.
ملائيشيا کان علاوه رٻڙ سريلنڪا، هندستان جي رياست ڪيرالا، برازيل ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿورو گهڻو ٿئي ٿو، پر ملائيشيا ۾ سڀ کان گهڻو ۽ عمدي جنس جو ٿئي ٿو ۽ دنيا ۾ رٻڙ جي اڌ ضرورت ملائيشيا پوري ڪري ٿو. ملائيشيا جي رٻڙ جي سالياني پيدائش ڏيڍ ملين ٽن آهي. رٻڙ جو وڻ پنجويهه سال ڪمائي ڏئي ٿو. ان بعد وري نئون وڻ پوکڻ کپي. Prim وارا هر سال وڻن جي بيهڪ ۽ منجهائن نڪرندڙ مال تي پڻ ايترو ڌيان ڏيئي رهيا اهن جو اڄ کان ٽيهه سال اڳ في ايڪڙ فقط ويهه مڻ کن لئٽيڪس ڏنو ٿي. پر هاڻي اهو چاليهه مڻن تائين وڃي پهتو آهي.
هينئر پرهه ڦٽيءَ مهل جڏهن هي مضمون رٻڙ بابت لکي رهيو آهيان ته سامهون دريءَ مان صبح جي هلڪي سوجهري ۾ گوڏين ۾ ملئي مرد وٽين ۾ ٽميل رٻڙ جو کير هڪ وڏي دٻي ۾ لاهي رهيا آهن. اهو کير سج اڀرڻ کان اڳ گڏ ڪرڻو پوي ٿو نه ته ڄميو وڃي. ان رٻڙ کي پوءِ چوويهن ڪلاڪن اندر ڇاڻي منجهس پاڻي ملائي ۽ پوءِ فارمڪ يا ائيٽڪ ائسڊ (تيزاب) مڪس ڪيو وڃي ٿو جيئن رٻڙ صاف سٿرو رهي. پوءِ اهو رٻڙ اٽڪل ٽي. ويءَ جي ماپ جيڏن بلاڪن ۾ سڪايو وڃي ٿو يا سنهين چادرن جي شڪل ۾. ڪيترا دفعا جهاز رستي اهو رٻڙ ملايا مان کڻي جپان پهچائڻ جو موقعو مليو هوندو. رٻڙ جيڪو هونءَ ڪيڏو هلڪو لڳي ٿو سو ڪپهه جي ڳٺڙين وانگر ايترو ته پريس ٿيل ۽ نهرو هوندو آهي جو اهو ٽي. ويءَ جي ماپ جيڏو بلاڪ چار ماڻهو به کڻي نه سگهندا آهن.
رٻڙ ڪيميائي طرح ڇڊو هائڊرو ڪاربن آهي- جيڪو ڪاٺ، تيل، کنڊ وغيره ۾ پڻ آهي. سندس ڪيميائي قاعدو N(C5Hg) آهي. يعني ڪاربن جا پنج ۽ هائڊروجن جا اٺ جزا- اين دفعا (۽ ان اين ”N“ جو مقدار اٽڪل ٽي هزار کن سمجهڻ کپي.) رٻڙ جي جزي جو بنيادي ڏاڪو آئسوپرين CH2 آهي. جيڪا شيءِ ٽرپينٽائين تيل ۾ به ٿئي ٿي. 186وع ۾ پهريون دفعو رٻڙ کي ڳاري ثابت ڪيو ويو ته آخر ۾ آئسوپرين وڃيو ٿي بچي.
دنيا جي ڪن ملڪن ۾ اڄڪلهه ان ڪيميائي معلومات جي مدد سان هٿرادو (Synthetic) رٻڙ پڻ ٺاهي رهيا آهن- جنهن موجب وڻن مان کير ڪڍي رٻڙ ٺاهڻ بدران سندس ڪيميائي جزا- ڪاربن ۽ هائيڊروجن وغيره قدرتي رٻڙ واري نموني موجب ملائي رٻڙ ٺاهيو وڃي ٿو. ان هٿرادو رٻڙ ملائيشيا جهڙن رٻڙ پئدا ڪندڙ ملڪن لاءِ چڱو خطرو پيدا ڪيو آهي. پر ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هتي جا ماڻهو ان ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن ته ڀلي کان ڀلا وڻ پوکي انهن کي بيمارين ۽ خرابين کان بچائي صحيح طرح رٻڙ ڪڍجي جيئن رٻڙ جي پيداوار ايتري ته گهڻي، سٺي ۽ سستي ٿي پوي جو ماڻهو نقلي رٻڙ کي ڇڏي قدرتي رٻڙ کي ئي وٺن ۽ ان ۾ هي ملئي چڱي حد تائين ڪامياب به ويا آهن.