ملائيشيا ۾ مندر ۽ ٽڪاڻا
مٿيون ڳالهيون لکڻ مان منهنجو مطلب آهي ته هن ڌرتيءَ جي تختي تي، ٻين هنڌن تي دنيا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي هئي، پر ملايا ۾ ان جي ڀيٽ ۾ اڃا شروع جا ڏينهن هئا ۽ جيتوڻيڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي آدمشماري به ڪا خطرناڪ حد تائين نه پهتي هئي، پر هتي ملائشيا ۾ ته انهن جي مقابلي ۾ آدمشاري تمام گهٽ ۽ نه برابر هئي. ڏٺو وڃي ته ٻين جي مقابلي ۾ اها اڃا تائين گهٽ آهي، هتي ماڻهن جي رهائش گهڻي دير بعد ٿيڻ جو هڪ اهو به سبب اهي ته هي سڄو ملڪ گهاٽن ٻيلن جي صورت ۾ هو۽ هتي جي جانورن ۽ زهريلن جيت جڻن ماڻهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪري وڌو هو ويندي چاليهه پنجاهه سال اڳ تائين به هتي رهڻ جون اهي سهوليتون نه هيون جهڙيون اسان وٽ يا يورپ ۾ هزار کن سال اڳ تائين هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل ڏهاڪو سالن اندر عرب ملڪن وانگر ملائيشيا کي به تيل، ڌاتوءَ ۽ رٻڙ مان ايڏو ته پئسو ملڻ شروع ٿي ويو آهي، جو ڏسندي ئي ڏسندي ترقيءَ جي راهه ۾ چڱن ڀلن ملڪن کان به گوءِ کڻي ويو آهي.
هڪ دفعي ڳالهين ڪندي ڪئپٽن نندڪر کي چيو ته يار ڏکڻ هندستاني جيڪر ملائيشيا بدران انڊيا ۾ هجن ها ته سندن ڀائرن وانگر ڏکيا ڏينهن گذارين ها. پر هاڻ هتي ملائيشيا ۾ سندن مزا آهن. هتي جا شهري ٿيو ويٺا آهن. ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ پاڻ به اوترائي ڀاڱي ڀائيوار آهن جيترو چيني يا ٻيا.
”پر اهو سوچجي.“ ڪئپٽن نندڪر چيو، ”ته جڏهن هو انڊيا کان هتي ملايا ۾ آيا ته ان وقت ملايا ۾ ڪهڙيون ته ڏکيون حالتون هيون. نه رهڻ سک جهڙو نه کائڻ پيئڻ! مڇر ۽ مليريا، نانگ بلائون ۽ ڀٽون، زهريلا جيت ۽ گدلو پاڻي- ۽ ٻيا ڪيترا اهنج جن ڪري گهر گهر ۾ موت عام هوندو هو. اهوته اتفاق سان ڏسندي ئي ڏسندي رٻڙ، پام آئل ۽ پيٽرول ملڻ ڪري هي ملڪ امير ٿي ويو- يا هن صديءَ جي شروعات کان جهازن جي آمدرفت ملاڪا نار ۾ وڌڻ ڪري هتي جي ماڻهن جي ڏکئي زندگيءَ ۾ ڦيرو آيو، نه ته ڏٺو وڃي ته هنن ملڪن جي مقابلي ۾ پنهنجا ملڪ ته صدين کان سکيا ستابا هئا ۽ جڏهن پاڻ سکيا ستابا هئاسين ته هي ويچارا ڏکڻ هندستان جا رهاڪو پنهنجو وطن ڇڏي هتي هليا آيا. ان ڪري جو سندن پنهنجي وطن- ننڍي کنڊ ۾ سک هوندي به هنن غريبن لاءِ سک نه هو. ان ڪري هنن هي پرديس جا وڻ اچي وسايا، نه ته وطن ڪير ٿو ڇڏڻ چاهي. پر ڏکن پٺيان سک ٻين شهرين وانگر کين به نصيب ٿيندا وڃن.“
ان تان هڪ ٻي ڳالهه ياد ٿي اچي. ويجهڙائيءَ ۾ اسان جو هڪ دوست ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن جو ڪلاس ميٽ- ڪموڊور اشفاق بيگ ڪويت ۾ جڏهن ٽي سال رهي آيو ته ڳالهين ڪندي چيائين:”يار ڪويت جي گرمي ڇا ته عذاب آهي. آهي ته سنڌ ۾ به گرمي پر درياءَ هجڻ ڪري جتي ڪٿي وڻرا ۽ ڇانورو ته آهي ۽ رات جو ته ٺار ٿئي ٿو. پر ڪويت جي لڳاتار ظالم موسم ماڻهوءَ کي پچايو رکي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هينئر ڪويت امير ملڪ ٿي پيو آهي، ان ڪري هر آفيس، هر گهر، هر بس ۽ دڪان ايئرڪنڊيشنڊ آهي ۽ ٻاهر جي گرم موسم جو احساس به نٿو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ٻاهر بيهي گرمي محسوس ڪري سوچيندو آهيان ته ڇا ته هتي جي گرمي آهي. هتي جي عربن اها گرمي ڪيتريون ئي صديون صبر سان برداشت ڪئي ۽ هاڻ شايد کين صبر جو مٺو ڦل ڏيڻ لاءِ رب پاڪ هنن تي اهڙي طرح ٻاجهه ڪئي آهي جو سندن پيرن هيٺان تيل جا درياءَ جاري ڪري ڇڏيا اٿس، ته ڀلي هي موج ڪن جن جي وڏن ڪيتريون ئي صديون ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو.“
سو هتي ملائيشيا ۾ مولا ائين مهر ڪئي آهي ۽ هاڻ هتي جي اصلي ملئي باشندن (ملايو) سان گڏ ڏکڻ هندستان کان لڏي آيل غريب تاملن جا به عيش ٿي ويا آهن، جو هن ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ سندن به اوترو ئي حصو آهي جو آخر هو به هتي جا رهاڪو ۽ شهر واسي ٿيا. هاڻ ته سائين ڪنهن به تامل يا ملباريءَ کان کڻي پڇ ته بابا واپس پنهنجي اصلي وطن ڀارت ڏي ويندين، ته پهرين گهوري ائين ڏسندو ڄڻ توهان گار ڏنس ۽ پوءِ ڪنڌ ۽ وات سان ڪا دير نهڪار ڪندو رهندو.
هي ڪنهن زماني ۾ انڊيا کان لڏي آيل همراهه فقط انڊين فلمون ڏسي فخر محسوس ڪن ٿا ته هي اميتاڀ، راکي، راجيش، ششي ۽ سنيتا پاٽل جون فلمون سندن اباڻي يا ڏاڏاڻي ڏيهه جون آهن- ۽ انڊيا سان فقط ايترو ئي وجهه واسطو رکڻ پسند ڪن ٿا، وڌيڪ ذرو به نه. هو واپس انڊيا وڃڻ کان هاڻ هتي رهڻ ۽ هتي مرڻ پسند ڪن ٿا.
هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏکڻ هندستاني ٽئڪسي ڊرائيور کان پڇيم:”تون اصل ڪٿي جو آهين؟“
”آئون انڊين نسل جو آهيان جو منهنجا ابا ڏاڏا ڏکڻ هندستان جي ڳوٺ کان هتي آيا هئا.“ هن وراڻيو.
”ڀلا تون هتي خوش آهين يا واپس انڊيا وڃي رهڻ پسند ڪندين؟“
ڪا دير جواب نه ڏنائين، ته وري پڇيومانس ته آيا هو انڊيا وڃي رهڻ پسند ڪندو.
ٿوري دير ٻي سوچي وراڻيائين:”نه“.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيامانس پر هو جواب ڏيئي نه سگهيو. شايد پنهنجن خيالن کي لفظن جو روپ ڏيئي نه سگهيو. آخر ٻڌايائين ته هو هتي وڌيڪ خوش آهي.
”ڪهڙين ڳالهين ڪري خوش آهين؟“ مون پڇيومانس، مون کي به وقت گذارڻو هو، جيسين منزل اچي عيد ميلادالنبي جو ڏينهن هو. ڪوالالمپور جي رستن تي جلوس لنگهڻ ڪري ٽرئفڪ جام ٿيل هئي ۽ ٽيڪسي آهستي آهستي هلي. غريب ٽئڪسي ڊرائيور مرڪندي، پنهنجي عقل موجب سبب ٻڌايا:
”هڪ ته هتي مينهن ٿو پوي. انڊيا ۾ گرميءَ ۾ ڪير رهندو. هتي جي ڪنهن ڏينهن گرمي ٿئي به ٿي ته ٿوري دير بعد ۾ مينهن شروع ٿيو وڃي ۽ مزو اچيو وڃي. ٻي ڳالهه ته انڊيا ۾ نوڪريون ڪٿي آهن؟ هتي ٽئڪسي هلايان ٿو، مالڪ کي مسواڙ ڏيڻ بعد به پنجويهه ٽيهه ڊالر بچن ٿا. جي ٽئڪسي هلائي نه سگهان ها ته به ٺلهي هٿين رڳو مزوري ڪريان يا پرايون ڪارون ڌوئان ته به روزانو ڏهه پندرهن ڊالر ڪمائي سگهان ٿو. يا گاهه ڪٽڻ جي مشين وٺي روزانو ستن اٺن گهر جي آڳنڌن جوگاهه ڪٽيان ته به ويهه ڊالر روز ٿي وڃن. ٻي ڳالهه ته آئون ته پڙهي نه سگهيس، پر هتي منهنجا ٻار مفت ۾ بهتر نموني جي پڙهائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جو STPM (انٽر) تائين داخلا ۽ ڪتاب مفت آهن. ان بعد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اسڪالرون آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ ٻار پڙهي ڪا سرڪاري نوڪري درزڪو، واڍڪو ڌنڌو، يا بيڪري هلائڻ جهڙو ڪم ڪري سگهن ٿا.“
سندس نالو سرديش ڪمار هو. مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو پر سندس مادري زبان ڪاناڊا هئي- جيڪا پڻ مليالم، تامل، تيلگو جيان ڏکڻ هندستان جي هڪ مشهور زبان آهي.
سرديش ڪمار جهڙن جي وڏن جو ملائيشيا ۾ اچڻ سئو سال کن اڳ ٿيو. اهو ڪو وڏو عرصو ناهي. انڊيا- ننڍي کنڊ کان ملائيشيا ڏي ماڻهن جي چرپر ان کان به پراڻي ۽ اڳ کان هلندڙ هئي. چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن ملايا ڏي رخ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٻه سئو سال کان اڳ شروع ڪيو. نه فقط ملائيشيا ڏي پر ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪيترن ملڪن:برما، ٿائلينڊ، ڪمپوچيا وغيره ڏي پڻ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ رسم رواج تڏهن کان اثر انداز ٿي ويو هو.
چيو وڃي ٿو ته انڊي ملايا ۾ پهرين ڪيداح رياست ۾ پهتا هئا. ڇو جو تن ڏينهن ۾ سمنڊ رستي اچ وڃ ٿيندي هئي ۽ خليج بنگال وارو سمنڊ ٽپڻ بعد ڪيداح رياست جو ئي الهندو ڪنارو ۽ جابلو حصو نظر اچي ٿو. وهمي انڊين لاءِ ڪيداح جبل جي چوٽيءَ روحاني ڪشش پيدا ڪئي. هنن پڪ ان هنڌ کي ديوتائن جوگهر سمجهيو هوندو. ڪيداح پيدا جبل جي قدمن ۾ سنگائي مربوڪ ڪيچل (ننڍي مربوڪ ندي) وهي ٿي. اتي اڄ به هڪ قديمي هندو مندر جا نشان کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن.
ائين مندر ته ڪيترن ئي هنڌن تي موجود آهن. ڪي ته ويجهڙائيءَ ۾ - سئو سوا سئو سال کن اڳ جا ٺهيل آهن. ڪي تمام قديمي هلندا اچن. نه فقط هندن جا مندر پر سکن جا گوردوارا پڻ ملائيشيا ۾ تمام گهڻا آهن. تازو ڪالهه ملاڪا جي مشهور روڊ- جالان ”منشي عبدالله“ وٽ ٺهيل سکن جو پنج هزار وال کن وڏو گوردوارو ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي هڪ نوجوان چيلي گروديو سنگهه ٻڌايو ته سڄو ملائيشيا:ڪيداح کان وٺي جوهور تائين گوردوارن سان ڀريل آهي.
بهرحال ملائيشيا توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڄ به هندن جي تهذيب ۽ تمدن جي هلڪي يا چٽي جهلڪ هر ملڪ جي مقامي رسم رواج مان ضرور ملي ٿي.