”ملاڪا ۽ رنگون ۾ پٺاڻ“
ڪئپٽن مخدوم ٻڌايو ته هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي پٺاڻ آهن، جيڪي اصل پاڪستان جا آهن. ڪيترا ته وڏن عهدن تي آهن، جيئن هتي جو ڊي. آءِ. جي پوليس مسٽر زمان خان آهي. هڪ ٽئڪسي اچي لنگهي. نالو ۽ ائڊريس پڙهي چيائين هي به پڪ پٺاڻ هوندو- نينگري سيمبيلان رياست ۾ رهي ٿو. (هتي هر ٽئڪسي ۽ ڀاڙي جي وئگن تي مالڪ جو نالو ائڊريس لکيل ٿئي. ان ٽئڪسي واري جي نالي پٺيان خان لکيل هو.)
مخدوم کي چيم ته پٺاڻ ايشيا ۾ گلف جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن، پر هڪ ڳالهه آهي جو هنن مان مڪاني ماڻهو ڪڏهن به ناخوش نه آهن. هو جتي به رهن ٿا ته اتي جا ٿي رهن ٿا.
اسان جي دوست ڪئپٽن دلدار حسين وراڻيو:”اهو ان ڪري جو پٺاڻ سخت محنتي ايماندار قوم آهي. وڏي ڳالهه ته هو جتي به رهن ٿا ته اتي جي ماڻهن جي مذهب، ٻولي ۽ رسم رواج تان ٺٺولون نٿا ڪن- بلڪ ڪوشش ڪري، هو انهن جي ٻولي سکي اهائي ڳالهائين ٿا.“
چيف انجنيئر عبدالله چيو:”اسان جڏهن ننڍي هوندي بنگلاديش ۾ پڙهندا هئاسين ته رستن تي پٺاڻن کي ڪم ڪندي ڏسندا هئاسين. هو نه سياست ۾ وچڙهندا هئا ۽ نه ڪا ٻي کٽ کٽ، هر وقت پنهنجو منهن پنهنجي مهاڙ هوندي هين. نتيجي ۾ ايڪهتر واري لڙائيءَ ۾ بهارين، پنجابين ۽ ٻين مغربي پاڪستانين تي ته بنگالي چڙ ڪندا رهيا پر بوهرين، کوجن ۽ پٺاڻن جو ڪوشش ڪري نالو نٿي ورتائون ۽ هو اڃا تائين اتي رهيا پيا آهن.“
انڊين چيف انجنيئر ببر کي چيم ته، ”اسان وٽ ته پٺاڻ سڀ مسلمان آهن بلڪ مذهب جي معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرا آهن پر جيڪي پٺاڻ انڊين فلمن ۾ وياج ڏيندي ڏيکاريا ويندا آهن، اهي مسلمان آهن يا هندو؟“ ببر ٻڌايو، ”پر ڊريس انهن جي به ساڳي آهي. ساڳيو پٽڪي جو نمونو، ساڳيو وارن جو نمونوو-پٺاڻ سڌي ليڪ ۾ وار ڪٽيل، ساڳي نموني جي صدري ۽ هٿ ۾ ڏنڊو.“
پٺاڻ نه فقط ملائيشيا ۽ بنگلاديش ۾ ملندا، پر ٿائلينڊ ۾ پڻ. جيڪي مسلمان گهراڻا آهن، انهن ۾ ڪيترا ته پٺاڻ آهن- اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ملڪ ۾ رهڻ ڪري هو هڪ سٺي شهريءَ وانگر پاڻ کي ٿائي ٿا سڏائين- جيئن شڪارپور سنڌ ۾ رهندڙ پٺاڻ سنڌي ڳالهائين ٿيا ۽ سنڌي رسم رواج اپنائين ٿا. ٿائلينڊ ۾ رهندڙ پٺاڻ اصل ۾ ڪشمير، سرحد ۽ افغانستان کان پورهئي ۽ واپار ڪارڻ آيا ۽ اتي ئي ترسي پيا.
اڄ به دڪانن. ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ هر قسم جي سوارين هوندي به ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به پٺاڻن کي ٿانون جون هڙون کڻي گهٽيءَ گهٽي ۾ شيون وڪڻبو ڏسبو آهي. اهڙي طرح اڳئين زماني ۾ پٺاڻ مختلف شيون- خاص ڪري سڪو ميوو ۽ ٿانو کڻي نه فقط انڊو پاڪستان ۾ پر بنگال، برما، ٿائلينڊ تائين وڪڻڻ ايندا هئا. هڪ اهڙي ڪابل واري پٺاڻ جي ڪهاڻي نوبل انعام کٽندڙ بنگالي شاعر- رابندر ناٿ ٺاڪور (ٽئگور) پڻ لکي آهي، جيڪو بنگالي ۾ هر سال مقرر موسم ۾ اچي ڪشمش، اخروٽ، نيزا وڪڻندو هو.
ڪوبي (جپان) ۾ هڪ سک سردارجيءَ جو ڪپڙي جو دڪان آهي. هڪ ڏينهن دڪان ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي هڪ وڏي کوکي تي نظر پيئي، جنهن ۾ تاڪين مان بچيل ڪپڙن جا ٽڪر پيل هئا. سردارجيءَ کان پڇيم ته هي ٽڪرا تنهنجي ڪهڙي ڪم اچن؟
چوڻ لڳو:”هي ٽڪر هنن کوکن ۾ ڍير ڪندو ويندو آهيان، پوءِ سياري جي موسم ۾ افغانستان کان پٺاڻ اچن ۽ اهي يڪا خريد ڪري پنهنجي ملڪ وڃي وڪڻن.“
اسان جي برمي دوست ڪئپٽن فريڊ پيٽر ٻڌايو ته هن کي ياد آهي ته هو جڏهن ننڍو هو ته سندس شهر رنگون (برما) ۾ پڻ هڪ پٺاڻ هر سياري ۾ سڪو ميوو اچي وڪڻندو هو. ڪڏهن پئسا نه هوندا هئا ته اڌار به ڏئي ويندو هو، جيڪي هو ٻئي سال ياد ڪري ان ماڻهوءَ کان وٺي ويندو هو.
پڇيومانس: ”ياد رهندو هوس ته ڪنهن کي ڪيتري اڌار ڏنائين ۽ جي ڪو برمي اهو شهر ڇڏي هليو وڃي ته؟“
”اهوئي ته ڪمال هوندو هو،“ ڪئپٽن فريد پيٽر چيو، جو ٻئي سال ان همراهه کي هو ڳولي اچي لهندو هو- چاهي ڪٿي به هجي. پٺاڻ اوڌر ضرور ڏيندو آهي، پر هو پنهنجا پئسا ڪڏهن به ڪنهن کي معاف نه ڪندو آهي. برميءَ ۾ ته اها چوڻي مشهور آهي ته ”پٺاڻ پنهنجو قرض قبر کان به اچي اوڳاڙيندو آهي“ اسان کي ننڍي هوندي ڏاڏي ڊيڄاري چوندي هئي، ”متان ڪنهن پٺاڻ جا پئسا کاڌا اٿانو، جيڪو ماڻهو پٺاڻ جي اوڌر واپس نه ڪندو پٺاڻ قبر مان ان جا هڏا به ڪڍي انهن کي لٺ سان ماريندو.“
”واقعي پٺاڻ جنهن ماڻهوءَ کي اوڌر ڏيندو آهي ته ان جي شڪل اهڙي ياد ڪري ڇڏيندو آهي جو ڪڏهن به نه وسريس.“ چيف انجنيئر ببر ٻڌايو، ”هڪ ڀيري جڏهن بمبئي جي مئسي گان ڊاڪ ۾ آئون انجنيئر سپرينٽينڊنٽ هوس، هڪ ڏينهن ڏسان ته مکيه دروازي وٽ هڪ پٺاڻ صدري ۽ پٽڪي ۾، اکيون ڦاڙي، هڪ هڪ ماڻهوءَ کي پيو جانچي. پوءِ خبر پيئي ته هو انهن مزدورن کي پيو ڳولهي جن هن کان گذريل سال اوڌر ورتي هئي. سو پٺاڻ جو کلئي دل سان اوڌر ڏئي ٿو ته هو واپس وٺي به ڄاڻي ٿو.“