ملائيشيا جو ملڪ
خدا استوا جي ويجهو هجڻ ڪري ملائيشيا ۾ پڻ آفريڪا جي خط استوائي ملڪن جهڙي گرمي ٿيڻ کپي، پر ڪن جاگرافيائي حالتن ڪري هتي جي موسم ايتري گرم ناهي. انهن مان ڪجهه هي آهن:هندي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ کان هر وقت چوماسي جون هوائون لڳن ٿيون (هي اهي هوائون آهن جيڪي اونهاري ۾- خاص ڪري سانوڻيءَ ۾ سنڌ ۾ لڳن ٿيون، جن لاءِ چئبو آهي ته ڏکڻ جي هير پئي لڳي.) سٺو سال هتي مينهن جهڙ لڳا پيا آهن، جيڪي ڌرتيءَ کي ٺارين ٿا. ملائيشيا سامونڊي سطح کان مٿڀرو آهي ۽ ڪن ڪن حصن تي ڪوئيٽا وانگر تمام مٿي هجڻ ڪري مٿن چڱي ٿڌ پوي ٿي. گهڻي مينهن وسڻ ڪري سڄو ملائيشِيا ڊگهن ساون وڻن سان ڀريو پيو آهي ۽ گهڻن وڻن ۽ ساوڪ ڪري به ملڪ ٺريل رهي ٿو. ان کان علاوه چوڌاري سمنڊ ڪري ڪناري واريون هوائون:سي بريز پڻ ٿڌڪار بخشين ٿيون.
ملائيشيا هڪ ڊگري کان ست ڊگريون ويرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ۽ 100 ڊگرين کان 119 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ Longitude تي آهي. ملائيشيا جا پاڙيسري يا ويجها ملڪ آهن: اتر ۾ ٿائيلينڊ- جيڪو ملائيشيا جي بارڊر سان ڳنڍيو پيو آهي. ڏکڻ ۾ سنگاپور جو ننڍڙو ٻيٽ جيڪو سنهي رستي (Cause-Way) ذريعي ملائيشيا سان خشڪي رستي ڳنڍيل آهي. ملاڪا نار جي اولهه ۾ انڊونيشيا جي وچ ۾ چار سئو ميل ڏکڻ چيني سمنڊ جا آهن. (پاڪستان ۽ بنگلاديش-اڳوڻي ايسٽ پاڪستان جي وچ ۾ هزار ميلن جو ويڇو هو ۽ سمنڊ بدران زمين- هندستان جو ملڪ هو.) بهرحال پاڪستان کان علاوه هي ٻيو ملڪ آهي جنهن جو هڪ حصو ٻئي کان چڱي فاصلي تي آهي. اولهه ملائيشيا (جنهن ۾ ڪوالالمپور جو شهر به اچي ٿو) اوڀر ملائيشيا (صباح ۽ سرواڪ) کان وڌيڪ سڌريل، وڌيڪ امير، وڌيڪ ترقي يافته آهي. اڄڪلهه جي حڪومت گذريل چند سالن ۾ ٻنهي کي ملائڻ ۽ برابر ڪرڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪري رهي آهي. هونءَ اها ڳالهه آهي ته ٻنهي حصن ۾ ساڳيو مذهب، ساڳي زبان ۽ ساڳي ملئي قوم رهي ٿي ۽ گذريل چند سالن ۾ صباح ۽ سرواڪ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، رستا، ڪارخانا وغيره ڌڙاڌڙ کلندا وڃن. ملڪ ۾ پئسو آهي. ايمانداري آهي، سچائي آهي- جيڪا اڄ جي دور ۾ تيل ۽ رٻڙ کان به وڌيڪ اهم آهي.
سڄي ملائيشيا جي پکيڙ سوا لک چورس ميل کن ٿيندي ۽ آدمشاري فقط يارهن ملين! اها آدشماري تمام گهٽ آهي ۽ ملائيشيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. سڄي ملائيشيا جيترو آدم ته فقط ڪراچيءَ شهر ۾ اسان وٽ رهي ٿو. ڪراچيءَ جي اڄڪلهه آدمشماري پڻ يارهن ملين آهي. (سڄي پاڪستان جي پکيڙ ٽي لک کن چورس ميل آهي ۽ آدمشماري ستر ملين کن.)
پکيڙ ۾ ملائيشِا جو الهندو حصو ايڪونجاهه هزار چورس ميل آهي ۽ اوڀر ملائيشيا جي هڪ رياست ايراضيءَ ۾ اوڀر ملائيشيا اولهه کان ڏيڍوڻو وڏو آهي، پر آدمشماري بنهه گهٽ اٿس. اڄڪلهه تيل نڪرڻ ڪري ملائيشيا ٻين ايشيائي ملڪن کان امير ملڪ نه ٿيو آهي. پر اڳ ۾ به امير هو، جنهن جو هڪ وڏو سبب آدمشماري جي ٿورائي آهي. ذرا سوچيو ته پاڪستان يا هندستان جي آدمشماري ان حساب سان ڪيتري ته گهڻي آهي. بمبئي يا ڪلڪتي جهڙي هڪ هڪ شهر ۾ ته ٻه ٻه- بلڪ اڍائي ملائيشيائون اچي وڃن.
ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿيو وڃي ته عوام گهٽ آهي. چٽگانگ، ڪلڪتو،پيڪنگ، شنگهائي، حيدرآباد جهڙا وڏا شهر ته پري، پر ٽنڊوآدم، چيچه وطني، شهدادپور، سئمڪانگ، ڀوپال، بريلي، فيني، سلهٽ جهڙن ننڍن شهرن يا ان کان به ننڍن ڳوٺن ۾ به وڃبو ته صبح جي وقت پڻ رستن، هوٽلن، چونڪن، مارڪيٽن اڳيان ڪئين واندا مرد ۽ ٻار نظر ايندا. جيتوڻيڪ صبح جو ته اسڪول، آفيس ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪري ماڻهو نه برابر هئڻ کپن. هيڏانهن ملائيشيا م صبح توڙي شام ڪنهن به رستي يا ڳوٺ مان لنگهه ته بس اسٽاپن ۽ دڪانن اڳيان به ايترا ماڻهن ۽ ٻارن جا ميڙ نظر نه ايندا. بقول اسن جي هڪ هندستاني چيف انجنيئر مسٽر ببر جي ته ملائيشيا جي اڄ به اسان جيتري آدمشماري ٿي پوي ته ٻن سالن اندر گوڏن ڀر وڃي ڦهڪو ڪري. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ به ڀليون زمينون کاڻيون آهن. ماڻهو به هنرمند، ڪاريگر ۽ پورهيت آهن پر هڪ هڪ ماڻهوءَ پٺيان ايترا پيٽ آهن جو هر هڪ جي حصي ۾ ايترو گهٽ ٿو اچي جو ان مان زندگيءَ جون آسائشون ته پري، رڳو ضرورتون به پوريون نه ٿيون ٿي سگهن. اسان جي يار چيف انجنيئر کي گهڻي آدمشماريءَ واري ڳالهه هرگز نه وڻندي آهي، جنهن سبب ڪري- سندس خيال موجب- اسان جا ملڪ غريب ٿيندا وڃن. هر وقت ليڪچر ڏيندو ته گهڻا ٻار پيدا ڪري ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ بدران هڪ يا ٻه ٻار ڄڻي، انهن کي سٺي تعليم ڏجي، صحتمند بڻائجي- ته سڄو ملڪ ڏسندي ئي ڏسندي خوشحال ٿي وڃي.
هڪ ڏينهن چوڻ لڳو: ”پنهنجي ملڪ ۾ نه ڊيموڪريسي ٿي هلي ۽ نه ڊڪٽيٽر شپ. وڃجي سو وڃجي ڪيڏانهن. دنيا چئي ٿي ائٽم بم نه ٺاهيو. آئون ته دعا پيو ڪريان ته پاڪستان به ائٽم بم جلد ٺاهي. هڪ بم جي ضرورت اسان کي به آهي جو هندستان جي آدمشماري توهان کان به وڌي ويئي آهي. ڀلي ان بم جو شڪار آئون. ريتا (سندس زال)، مامتا ۽ گئورف (ڌي پٽ) به ٿين.“
ملائيشيا جون رياستون صباح ۽ سرواڪ جنهن وڏي ٻيٽ تي آهن ان جو نالو بورنيو آهي. يعني ان بورنيو ٻيٽ جو اتر وارو حصو صباح ۽ سرواڪ آهي ۽ ڏکڻ وارو حصو- ڏکڻ بورنيو ”ڪليمنٽ“ سڏجي ٿو، جيڪو انڊونيشيا جوحصو آهي. سرواڪ ٻيٽ جي اندر هڪ ننڍڙي سلطنت ”برونائي“ نالي آهي جيڪا ملائيشيا کان سياسي طرح الڳ آهي.
ملايا کي انگريزن کان 1963ع ۾ خودمختياري ملي. ان وقت ملائيشيا ۾ ملايا (اڄڪلهه جي اولهه ملائيشيا)، سنگاپور، سرواڪ ۽ صباح اچي ٿي ويا. پوءِ آگسٽ 1965ع ۾ سنگاپور رياست الڳ ملڪ وڃي ٺاهيو.
ويسٽ (اولهه) ملائسيا ۾ يارنهن رياستون (صوبا) آهن ۽ايسٽ (اوڀر) ملائشيا ۾ ٻه- صباح ۽ سرواڪ هر هڪ رياست جا الڳ الڳ سلطان آهن جن مان هڪ ڄڻو سڄي ملائيشيا جو پنجن سالن لاءِ حاڪم (بادشاهه) چونڊيو ويندو آهي- جنهن کي يانگ دي- پرتئان اگانگ Yang Di-Pertuan Agong سڏجي ٿو.
اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن/صوبن جا نالا هن ريت آهن:اتر ۾ ٿائلينڊ جي بارڊر سان چار صوبا مليل آهن. هڪڙو ”پيريلس“، ٻيو ”ڪيداح“ – جنهن جو مسٽر تنڪو عبدالرحمان- اڳوڻو پرائيم منسٽر رهاڪو آهي. ٽيون ”پيراڪ“ جنهن جي گاديءَ جو هنڌ مشهور شهر ”ايپوح“ آهي ۽ چوٿون ”ڪيلانتان“- جنهن جي گاديءَ جو هنڌ- ”ڪوٽابارو“ پڻ مشهور تاريخي شهر آهي. ملئي زبان ۾ ڪوٽ (قلعي) کي ”ڪوٽا“ سڏجي ٿو ۽ ”بارو“ معنيٰ نئون. انهن چئن صوبن بعد پوءِ آهي پنجون صوبو ”پينانگ“، سندس گاديءَ جو هنڌ ”جارج ٽائون“ آهي ۽ پينانگ شهر وارو ملائيشيا جو تمام وڏو بندر گاهه ۽ سنگاپور وانگر ڊيوٽي فري شهر ۽ جهازين لاءِ دلپسند جڳهه آهي.
پينانگ صوبي بعد ڇهون صوبو ”پهانگ“ آهي. پهانگ پکيڙ ۾ سڀن کان وڏو صوبو آهي. پهانگ جي مٿان ستون صوبو ”ترينگانو“ آهي جيڪو مهاڻن جي ڳوٺن ۽ هٿ جي هنرن کان مشهور آهي ۽ پهانگ صوبي جي هيٺين پاسي اٺون صوبو ”سيلانگر“ آهي- جنهن ۾ ڪوالالپور شهر ۾ اچي وڃي ٿو، جيڪو نه فقط هن صوبي سيلانگر جي گاديءَ جو هنڌ آهي. پر سڄي ملڪ ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هوائي اڏو پڻ آهي. ڪوالالپور بندرگاهه ته نه آهي، پر پورٽ ڪلانگ جو بندرگاهه کانئس فقط ويهه ميل کن پري آهي.
ويسٽ ملائيشيا جو نائون صوبو ”نينگري سيمبلان“ آهي، جنهن جي هيٺان ڏهون صوبو ”ملاڪا “ آهي، جيڪو پينانگ کان وڏو آهي. باقي ٻين سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو صوبو آهي. سندس پکيڙ ساڍا ڇهه سئو کن چورس ميل ٿيندي. ملاڪا صوبي جو ملاڪا شهر ملائيشيا جي جهونن شهرن مان آهي، جتي اڄ به عربن جون ٺهيل مسجدون ۽ پورچو گيزن ۽ ڊچن جا ٺهيل ڳاڙهي رنگ جا قلعا ۽ ڪليسا گهر موجود آهن. هتي جي اها جهوني مسجد جتي هتي جو بادشاهه اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو هو، اها پڻ ٽنگڪيرا روڊ تي موجود آهي.
ان بعد يارهون ۽ ويسٽ ملائيشيا جو هيٺون پڇڙيءَ وارو صوبو ”جوهور“ آهي، جنهن بعد سنگاپور جو ٻيٽ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ بعد منهوڙو ٻيٽ ۽ جيئن ڪراچيءَ سان منهوڙو ٻيٽ ماڙي پور واري رستي ذريعي ڳنڍيل آهي. تئين سنگاپور جو ٻيٽ (جيڪو ملاڪا رياست جيڏو مس ٿيندو) جوهور صوبي سان سنهي رستي Cause- Way ذريعي ڳنڍيل آهي. جوهور صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ”جوهوربارو“ آهي جيڪو پڻ ملائيشيا جو تمام مشهور ۽ ماڊرن شهر آهي.