هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا
پاڻ وٽ هندو مسلمان يا ڪرسچن سک ته پاڻ ۾ پيا وڙهندا، پر شيعا سني جيڪي هڪ ئي مذهب جا مسلمان ٿيا اهي به پيا ڪڏهن ڪڏهن ڏندين پوندا. خاص ڪري عراق، ايران ۽ گلف جي ٻين ملڪن ڏي ته اهو چڪر هيڪاندو آهي. پر هن پاسي ڏي بنهه ناهي ۽ مختلف مذهبن ۽ ٻولين جي ماڻهن کي ائين گڏ رهندو ڏسي واقعي تعجب لڳي ٿو.
اسان وٽ- ننڍي کنڊ ۾ چيو وڃي ٿو ته هر ٻن سئو ميلن بعد ٻي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي- خاص ڪري ڏکڻ هندستان پاسي ته اهو ڪم هيڪاندو آهي- پر هتي ملاڪا، ڪوالالمپور، جوهوربارو- يا خاص ڪري سنگاپور ۾ ته ان کان به وڌيڪ زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. توهان کي هڪ ئي وقت، هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا ماڻهو ملندا- هندي، اڙدو، سنڌي، تامل، تيلگو، مليالم، بنگالي، ملئي، انگريزي، چيني وغيره. ۽ چيني به وري فقط مئنڊرين نه پر ڪئنٽونيز، هوڪين Hokkian, تيوچيو Techew، هاڪا ۽ هائينانيز وغيره آهن.
هڪ دفعي ڪي. ايل (ڪوالالپور) پئي ويس. (ڪي. ايل جو شهر سلينگر رياست ۾ آهي جنهن لاءِ وچ ۾ ايندڙ نينگري- سيمبيلان، رياست ٽپڻي پوي ٿي) نينگري سيمبيلان رياست جي وڏي شهر سريمبان ۾ اسان جي اڪائونٽ آفيسر مسٽر گونا راجا پنهنجو ننڍڙو گهر ٺهرايو آهي. گونا راجا پاڻ بنيادي طرح ڏکڻ هندستان جو تامل آهي، پر سندس پڙ ڏاڏن يا تڙ ڏاڏن خبر ناهي ڪڏهن پنهنجو اباڻو ديس ڏکڻ هندستان ڇڏي سريلنڪا ۾ اچي پنهنجا ڪک اڏيا، جتان پوءِ سندس ڏاڏو انگريزن جي حڪومت ۾ سريلنڪا کان هتي ملائيشيا آيو، جتي جا پاڻ اڄڪلهه شهري آهن.
سندس پوڙها ماءُ پيءُ ڪجهه ڪجهه پنهنجي اباڻي ٻولي تامل ڳالهائين، پر گونا فقط ملئي ۽ انگريزي ڳالهائي، گونا جهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ اڃا به ”انڊين“ سڏجن ٿا، پر دل جان سان ملئي آهن. هو هر حال ۾ هتي جا ٿي چڪا آن. جيئن اسان وٽ بلوچ قومون يا شڪارپور جا پٺاڻ وغيره، جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا کڻي ڪنهن زماني ۾ بلوچستان، سرحد يا ڪابل قنڌار کان آيا، پر هاڻ سندن اولاد سنڌي ڳالهائي ٿو. سنڌي سڏائي ٿو- جيتوڻيڪ ڪيترن گهرن ۾ هو اڃا به پنهنجي اصلي زبان، بلوچي، سرائڪي يا پشتو پنجابي به ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح ئي اسان جو هي اڪائونٽ آفيسر گونا راجا آهي. ساڳئي وقت سندس مذهب عيسائيت آهي جو ڏکڻ هندستان جا تامل سڀ هندو نه آهن پر مسلمان ۽ عيسائي پڻ آهن ۽ انهن تامل عيسائين ۽ ٻين عيسائين ۾ به وري فرق آهن جيئن ته ڪئٿولڪ (جيڪي پاڪستان ۾ گهڻا آهن)، پروٽيسٽنٽ، ميٿاڊسٽ، سيونٿ ڊي ايڊووينٽسٽ وغيره وغيره جيڪي پنهنجن مختلف گرجا گهرن ۾ عبادت لاءِ وڃن ٿا.
اسان جو گونا راجا پروٽيسٽنٽ آهي ۽ ملاڪا پوسٽ آفيس جي ڀرسان سينٽ زئويئر چرچ ۾ وڃي ٿو. سندس زال پشپا، جنهن جا وڏا پڻ اصل تامل نادو- ڏکڻ هندستان جا هئا سا هندو مذهب جي آهي. پاڻ ملئي ۽ انگريزيءَ سان گڏ تامل به لکي پڙهي ڄاڻي ٿي- جو سڄي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ملئي ۽ انگريزي کان علاوه تامل ۽ چيني اسڪول به آهن. کين ٻه ننڍا ٻار آهن:هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ، پٽ جو هندو نالو ”ڌرميندرا راجا“ رکيو اٿن ۽ ڌيءَ جو ڪرسچن نالو ڪرسٽينا. (گهر ۾ ڪوڏائڻ ۾ ٽينا سڏينس.)
هتي ڏياريءَ جي موڪل ٿيندي آهي ته اسان جو يار- گونا راجا زال جي مائٽن ڏي ڪوٽا ٽرينگانو هليو ويندو آهي. جو سندس زال جا هندو مائٽ اتي ئي رهن ٿا ۽ جڏهن ڪرسمس جي ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي آهي ته زال سميت پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر جوهور بارو ويندو آهي جو اهي هن وانگر عيسائي آهن- بلڪ سندس پيءُ ته عيسائيت جو وڏو تبليغي ليڊر آهي. انهن ئي موڪل جي ڏينهن ۾ گونا راجا جو ٻيو ڀاءُ جيڪو آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو، اهو به پنهنجي چيني زال کي وٺي جوهور بارو ايندو آهي. سندس چيني زال ملائيشيا جو پاسپورٽ ۽ قوميت رکي ٿي. جيتوڻيڪ ان جا چيني ڏاڏا يا پڙ ڏاڏا ڪنهن دور ۾ ضرور چين کان آيا هوندا. پوءِ سڌو کڻي ملائيشيا نه آيا هوندا ته رستي تي انهن جا وڏا تائيوان ڪمبوڊيا يا هانگ ڪانگ ويٽنام ۾ رهندا رهندا هتي پهتا هوندا ۽ هاڻ وري ٿي سگهي ٿو ته گونا جي هيءَ چيني ڀاڄائي ۽ ان جو اولاد آسٽريليا ۾ ئي هميشه لاءِ رهڻ پسند ڪن اڳتي هلي آسٽريلين سڏائين.
گونا جي گهر ۾ پاڻ ۽ سندس زال هڪ ٻئي سان انگريزي ڳالهائين. پٽ ڌرميندرا (ڪوڏائڻ جو نالو راسا) اسڪول ۾ ملئي پڙهي ۽ ملئي ڳالهائي پر ماءُ پيءُ ساڻس انگريزي ڳالهائين ۽ کين شوق آهي ته هو اڳتي هلي انگريزيءَ ۾ گهڻو هوشيار ٿئي. گونا جو اهو اڀياس آهي ته اڄڪلهه جيئن ته ڪمپيوٽر ۽ دنيا جي زبان انگريزي آهي سو ڪنهن به ماڻهو يا ملڪ کي دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ جو سهارو وٺڻ بيحد ضروري آهي- پوءِ ڀلي پنهنجي ملڪ ۽ مذهبي ٻولي پڻ سکي.
سندس ٻن سالن جي ڌيءَ ٽينا اڃا تامل ٿي ڳالهائي جو هوءَ گهر ۾ گهڻو وقت پنهنجي ماءُ کي نوڪرياڻيءَ سان تامل ڳالهائيندو ٿي ٻڌي. ڏهن سالن جي اها نوڪرياڻي- پرمس نالي فقط تامل ئي ڳالهائي ٿي جو سندس غريب ماءُ پيءُ اهڙي هنڌ ڪم ڪن ٿا جتي هنن کي ملئي، چيني يا انگريزي ڳالهائيندڙن سان واسطو نٿو پوي جو سکڻ جي ڪوشش ڪن.
ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن ۽ وڻواهه جي وچ ۾ رهي رٻڙ ڪڍڻ، پام آئل جي وڻن مان تيل جون ککڙيون چونڊڻ يا گهاٽن ٻيلن کي عمارتي ڪاٺ لاءِ وڍڻ ڪٽڻ جو ڪم گهڻو ڪري هي غريب ڏکڻ هندستاني يا انڊونيشي ڪن ٿا- جن جي اڳيان موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪا نالي ماتر وٿي آهي، ههڙي ڏکي زندگي ڪڏهن ڪڏهن هنن لاءِ موت برابر آهي. موت سندس لاءِ آئيندي جي خوشحال زندگيءَ جي اميد آهي. ٻيلن ۽ جهنگلن جي گرمي ۽ اونداهي، گپ ۽ گاهه، جيت جڻن ۽ نانگ بلائن جي وچ ۾ هي غريب ۽ محنتي ماڻهو ئي پورهيو ڪري سگهن ٿا.
جيئن اسان وٽ چونڊي جو ڪم گهڻو ڪري باگڙي ڀيل ڪن ٿا ۽ اهڙن ڪمن ۾ اهي وڏي مدد آهن. تيئن هتي غريب ڏکڻ هندستاني، مدراس جي چوڌاري ڳوٺن جا غريب ۽ اڻ پڙهيل اهڙا ڪم ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن بنا سچ پچ ته هن ملائيشيا جي ملڪ جي وڻن مان ڦڙو ڦڙو ڪري رٻڙ ڪڍڻ ۽ ٻيلن مان ڪاٺ آڻڻ مشڪل ڪم آهي ۽ اهو سڀ هتي جي رهاڪو چيني ۽ ملئي ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي- جيڪي واپار وڙو، دڪانداري، سرڪاري نوڪرين ۽ سياست جهڙا ڪم دل وٽان ڪري سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيئن پنهنجي ملڪ ۾ واپار وڙي تي پهرين هندو ڇانيل هئا ۽ هاڻ ميمڻ، خوجا ۽ بوري تيئن هتي جو سڄو واپار چينين جي هٿ ۾ آهي. هتي جي چينين جو ٻچو ٻچو ڪراچيءَ جي ميمڻن وانگر پورهيت، محنتي، حساب ڪتاب جو پڪو ۽ سياڻو نظر ايندو. چيني ننڍي هوندي کان پنهنجي اولاد کي آرام کان پري رکن ٿا. واپاري جي اٽڪلن. Tricks of Trade کان وٺي واپاري ٺڳيون، مقابلا ۽ ڏنگايون چيني ڄاڻي ٿو. هتي اهو پهاڪو عام آهي ته چينيءَ جي مٿي جو وار فقط سڌو ٿئي ٿو. چيني هتي جي معاشي نظام کي ائين جام ڪري سگهي ٿو جيئن ڪراچيءَ ۾ پٺاڻ ٽرئفڪ کي.
سياست ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ گهڻائي ملئي ماڻهن جي آهي. زمينون پڻ ملئي ماڻهن جون آهن پر ڪم ٻيا هلائين ٿا. مثال طور:ڪنهن ملئيءَ کي رٻڙ جي پوک آهي ته ان پوک کي ڏينهن رات رهي رٻڙ ڪڍائڻ وارو ڪمدار يا مئنيجر چيني رکيل هوندو- جيڪو روزانو وڻن مان رٻڙ ڪڍڻ جو ڏکيو ڪم هندستان جي ڪارن انڊين- يعني مدراسين يا انڊونيشن کان ڪرائي ٿو.
بهرحال اسان جي ڪليگ گونا راجا جي هيءَ نوڪرياڻي پرمس به ٻيلن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙيءَ انڊين فئملي سان تعلق رکي ٿي. ۽ هن کان اڳ يڪو اهڙن هنڌن تي رهي آهي جو فقط تامل ئي ڳالهائي سگهي ٿي، جيڪي سندس ڪڙم قبيلي جا ماڻهو ڳالهائيندا هئا ۽ کيس جيئن ته هتي آئي اڃا ٿورا ڏينهن ٿيا آهن سو اڃا ٻي ڪا زبان نٿي اچيس.
يعني هڪ ئي گهر ۾ جيتوڻيڪ زال مڙس ٻار ۽ نوڪرياڻي انڊين نسل جا آهن، پر سندن مذهب به جدا آهن ته زبانون به جدا جدا ڳالهائين ٿا. هتي مون وانگر، آفيس طرفان مليل گهر ۾ رهن ٿا. سندن پنهنجو گهر جيڪو نينگري سيمبيلان Negri- Seblian رياست جي شهر سريمبان Sremban ۾ ٺهي راس ٿيو آهي، اهو هڪ ٽڪريءَ تي نئين اڏيل بستي ”تمن راسا“ ۾ آهي. (تمن ملئي لفظ آهي معني چمن يا باغيچو) جيئن پاڻ وٽ گلشن اقبال، گلستان جوهر وغيره آهي، تيئن هتي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ”تمن“ لفظ سان شروع ٿيندڙ علائقا نظر ايندا، جيئن اسان جو هڪ ٻيو ڪليگ ڪئپٽن ستيش هرداس ملاڪا جي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، ان جو نالو تمن محبا آهي. اهڙي طرح تمن جايا، تمن ڪيمونچاڪ، تمن راس، وغيره.
مون کي ان پاسي ويندي ڏسي گونا راجا ڪجهه ڪم ڏسيا ته رستي تي دڪان تان ڪجهه بلب ۽ پنکا وٺي سندس ان نئين گهر ۾ ڇڏيندو وڃان، جيئن ٻئي آچر تي لائيٽ وارو اتي انهن جي فٽنگ اچي ڪري وغيره.
مون سمجهيو ته ان نئينءَ بستيءَ ۾ سڀ ڏکڻ هندستان جا تامل هندو هوندا، جيئن پاڻ وٽ گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته نين ڪالونين ۾ ڪٿي رڳو کوجا رهيا پيا هوندا ته ڪٿي پنجابي سوداگر، ڪٿي سنڌي سرڪاري آفيسر ته ڪٿي ڪوئيٽا ۽ زيارت جا بلوچ، ڪٿي بنگالي ته ڪٿي سوات جا پٺاڻ، پر گونا راجا جي نئين ٺهندڙ گهر جي سامهون بنگالي فئملي رهيل هئي. ڀر ۾ هڪ پاسي چيني فئملي هئي ته ٻئي پاسي فلپيني. پوءِ ٽي گهر کن پڪا تامل نادو مسلمانن جا هئا، جو سندن در ٻاهران بسم الله جي ڀرت جو فريم ٽنگيل هو. ان بعد هڪ ٻه گهر ملئين جو هو، جو در جي ٻاهران بوٽ، چئمپل ۽ سئنڊل لٿل هئا. گهٽيءَ ۾ هڪ ٻيو گهر به چيني ماڻهن جو هو، جنهن جي ٻاهران ”شينهن-ديوتا، جو بت رکي. چار ماڻهو نغارا وڄائي رهيا هئا. لنگهندڙ پوڙها چيني سندن چندي جي پيتيءَ ۾ خيرات طور سڪا وجهي لنگهي ٿي ويا. گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ٻه چار هندو تامل يا گجراتين جا به گهر هئا. جو انهن اڳيان جيڪي زالون بيٺيون هيون تن جي نرڙ تي ڳاڙهو تلڪ هو ۽ سينڌ ۾ سينڌرو- تنهن جي معنيٰ هنن جو هندو ڌرم سان واسطو آهي ۽ انهن ۾ ڪي صفا ڪاريون هيون جيڪي ڏکڻ هندستان جي صوبي ”تامل نادو“ سان واسطو رکنديون هونديون ۽ ٻيون جيڪي هنن وانگر ڪاريون ڪوجهيون نه هيون، پر ڪڻڪ رنگيون ۽ پيلاڻ پاسي مايل هيون سي گجراتي يا مرهٽي لڳيون ٿي.
اسان جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن جي هجرت ڏکڻ طرف گهڻي ٿي آهي. ڪشمير ۽ سرحد جا پنجاب ڏي آيا هوندا، پنجاب جا جيترو هيٺ اتر سنڌ جي شهرن: جيڪب آباد، سکر، روهڙي، خيرپور وغيره جا هيٺين سنڌ جي شهرن:حيدرآباد، نوابشاهه، ڪراچيءَ ۾ گهڻا آيا هوندا. اهڙي طرح هندستان ۾ به ڪشمير شملي پاسي جا دهلي لکنو پاسي آيا هوندا. ۽ اتي جا ماڻهو مٿي ڪشمير ڏي وڃڻ بدران وڌيڪ هيٺ ڏکڻ هندستان جي شهرن: مدراس، بمبئي وغيره ڏي وڌيا هوندا، جيتوڻيڪ مٿي اتر ۾ پنجاب ۽ ڪشمير تمام سهڻو آهي. اهڙي طرح بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ پڻ ٿيو آهي. اهو ئي وهڪرو ندين جو به آهي. يعني اتر کان ڏکڻ طرف. ۽ ماڻهن جي چرپر ان اسٽائيل ۾ نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر سڄيءَ ايشيا ۾ صدين کان ائين رهي آهي. ان جدول هيٺ وچ ايشيا جي روسي شهرن، بخارا سمرقند کان ماڻهو لڏي افغانستان، سرحد ۽ ڪشمير ڏي ايندا رهيا ۽ اتان پوءِ پنجاب، سنڌ يا ڏکڻ هندستان ڏي. ڪيترا برزگ دين عالم اديب ان قدرتي لڏ پلاڻ هيٺ اسان تائين پهتا. جيئن قلندر لعل شهباز يا مرزا قليچ بيگ- جنهن جا وڏا روس کان هيٺ اسان ڏي آيا. ۽ وري هيٺ جيڪي ننڍي کنڊ جي آخري صوبن: ڪيرالا، تامل نادو وغيره جا هئا- سي مٿي اچڻ بدران، سمنڊ ٽپي اڃا به هيٺ سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور کان وڃي نڪتا. ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سمنڊ پار لڏ پلاڻ ۾ انگريزن جو به وڏو هٿ هو جوهنن کي آفريڪا ۽ ايشيا جي بيٺڪي ۽ ٻيٽن لاءِ محنتي، سڌريل، پورهيت ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو کتا ٿي، جيڪي هنن جا ڪلارڪي (منشيگيري) ڪمن کان وٺي رستا ۽ ريل جا پٽ وڇائڻ جهڙا ڏکيا ۽ دڪانداريءَ جهڙا حرفتي ڪم ڪري سگهن.
هڪ دفعي پنهنجي ڪليگ چيف انجنيئر ببر کي چيم ته يار هي ڏکڻ هندستان جا تامل، ٻين پاڙيسري صوبن جي ماڻهن يعني مهاراشٽرين، گجراتين، بهارين، سنڌين، پنجابين، گجراتين، پٺاڻن وغيره کان رنگ ۾ ته ڪارا آهن پر شڪل ۾ به صفا سادا ۽ ڪوجها آهن. ڍ
کلي وراڻيائين:”پر دراصل اهي ئي ماڻهو هندستان جا اصل رهواسي آهن. پاڻ ته سڀ مٿان اتراهن ڏيهن کان آياسين، پوءِ ڪي سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ ته ڪي ويجهڙائيءَ ۾، محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾. ڪي ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾، ته ڪي غورين ۽ غزنوين جي ڏيهن ۾. ڪي ته عيسوي سن کان به گهڻو اڳ آيا. ۽ پوءِ جيئن مٿان ماڻهو ايندا ويا ته اصلي ماڻهو ڏکڻ ڏي ڌڪبا رهيا. هاڻ اصلي هندستان ڏسڻا آهن ته ڪجهه ڏکڻ هندستان ۾ ملندا ته ڪجهه سريلنڪا، ملائيشيا، سنگارپور ۽ فجيءَ جهڙن ٻيٽن تي. هيڏيءَ ترقيءَ جي باوجود به هي ويچارا اڃا تائين اهي هيٺين ڪلاس جا گهٽ ۽ ڏکيا پورهيا ڪن ٿا. جيئن پاڻ ۾ به موچڪو، ڪاڪوس ميڙڻ جو ڪم ۽ گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ پوک جو ڪم هي ڪن ٿا.“
پوءِ ببر ٻڌايو ته هتي ملائيشيا پاسي عام ماڻهو انڊين کي سٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڇو جو هي اصلي انڊين رهاڪو هتي گهڻو ڪري هيٺاهان ۽ نيچ پورهيا ڪن ٿا. ان ڪري ماڻهو اهوئي سمجهن ٿا ته انڊين معنيٰ نيچ ۽ ڪارا.
”اها ٻي ڳالهه آهي،“ ببر وڌيڪ ٻڌايو، ”ته پاڻ پنجابين، سنڌين، گجراتين، اترپرديش وارن جو رنگ ۽ قدبت ڏکڻ هندستانين کان وڌيڪ بهتر آهي ان ڪري ڪيترائي هتي جا ملئي ۽ چيني سمجهن ٿا ته اسان ڪو ٻئي ملڪ جا آهيون. ڪالهه هتي ملئي دڪاندار پڇيو ته آئون ڪٿي جو آهيان. چيومنس ته انڊيا جو.چوي ته اهو ناممڪن آهي. انڊين ته ڪارا ۽ ڪوجها آهن. تون کليل رنگ جو ۽ قداور آهين. تنهن تي سمجهايو مانس ته توهان جن کي انڊين سمجهو ٿا، اهي ماڻهو سڄي دنيا جي نمائندگي نٿا ڪن، پر هندستان جي فقط هڪ ٽڪري- ڏکڻ هسندستان- بلڪ ڏکڻ هندستان جي به آخري پڇڙيءَ وارن صوبن جا رهاڪو آهن. ڪشمير، سرحد يا پنجاب پاسي جا ته اسان کان به ڊگها، موچارا ۽ کليل رنگ جا آهن.“
اها واقعي حقيقت آهي ته ڪيترائي ملئي ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا. ته فقط ايترو پر هنن لاءِ تامل زبان ئي انڊين آهن ۽ ٻئي نمبر تي هندي جنهن جون فلمون هفتي ۾ ٻه دفعا کن ملائيشيا جي ٽي ويءَ تي ڏيکاريون وڃن ٿيون. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مهيني ۾ ڏهه کن ملئي فلمون ڏيکارين، ڏهه کن چيني ۽ ڏهه کن انڊين ۽ ويهارو کن انگريزي. انهن ڏهه انڊين فلمن ۾ ڇهه تامل هونديون ۽ چار کن هندي. ڪڏهن ڪڏهن انهن چئن هندي فلمن مان به هڪ پنجابي يا پاڪستاني اڙدو فلم هوندي آهي.
اسان جا هتي جا ملئي دوست، اسان جي انڊين ڪيلگ: ڪئپٽن نندڪر، ڪئپٽن هرداس ۽ چيف انجنيئر ببر جن کي چوندا آهن ته توهان ڪهڙا انڊين آهيو جو تامل فلمون نٿا ڏسو، جن کي سڄي ملاڪا جا انڊين ڏسن ٿا.
پوءِ ملئي دوستن کي سمجهائڻو پوندو آهي ته اهي فلمون انڊين ضرور آهن، پر هندستان جي فقط هڪ ننڍڙي حصي- ڏکڻ هندستان سان تعلق رکن ٿيون- جتي جا ماڻهو اتفاق سان توهان وٽ ئي گهڻا آهن.
ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تامل ڳالهائيندڙن بعد هندي يا اڙدو به ٻئي نمبر تي نه آهن- جيتوڻيڪ هندي فلمن جي وي. سي. آر ڪري خوب ريل پيل آهي، پر تامل بعد ٻئي نمبر تي انڊيا جون:تيلگو، مارواڙي، مليالم، ملباري، ڪاناڊا زبانون ڳالهائيندڙ گهڻا آهن- جيڪي پڻ ڏکڻ هندستان جا رهاڪو آهن. هيڏانهن ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جا ڇانئيا پيا آهن. سک، پنجابي، پٺاڻ پاڪستاني، دهلوي، لکنوي، ڪشميري، ميرپوري به آهن. پر تمام ٿورا- اٽي ۾ لوڻ برابر، ننڍي کنڊ جا اهي ماڻهو وري گلف جي رياستن ۽ انگلينڊ، جرمني پاسي جام ملندا. انهن جو رخ انگلينڊ، آمريڪا ۽ عربستان پاسي گهڻو آهي. ڏکڻ هندستانين جو سالن کان سنگارپور ملائيشيا ڏي آهي. ان ڪري انگريزن به سهوليت خاطر سنگاپور جي ننڍڙي ٻيٽ کي مدراس پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو هو- جهڙيءَ ريت سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان 1935ع تائين ملائي حڪومت هلائي.
بهرحال اهو سڄو احوال لکڻ مان اها مراد آهي ته هتي ملائيشيا (توڙي سنگاپور ۾- جيڪو پڻ 1965ع تائين ملائيشيا جو حصو هو) ۾ مختلف مذهب، زبانن ۽ رسمن رواجن جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ امن امان ۽ سڪون ۾ رهن ٿا.