مهاڳ
پرڏيهي ادب توڙي اتان جي ليکڪن جي ادبي اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، پر بهرحال هو اسان جهڙا ئي انسان آهن، ڪڏهن چڱي شيءِ تخليق ڪندا ته ڪڏهن ڪا ڪمي گهٽتائي به ٿي هوندي. اهو ڪو ضروري ناهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر، رڳو اتان ئي اثر وٺي اڀرندا اسرندا رهيا آهن. ادب جي مختلف صنفن ۾ اسان وٽ نسيم کرل، امر جليل، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي ۽ انهن جهڙا اعليٰ پائي جا ٻيا ڪيترائي ليکڪ آهن. جيڪي اسان لاءِ پرڏيهي ليکڪن کان وڌيڪ فخر جو باعث آهن ۽ اسان جي ادب جي شاهوڪاري جو دليل آهن. سهڻي اخلاق ۽ مِٺي سڀاءُ وارو الطاف شيخ به انهن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سفرنامي جي صنف کي اُوج ڏيئي سنڌي ادب جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
سنڌي ادب ۾ سفرناما هند ۾ به ڇپجي رهيا آهن ته سنڌ ۾ به، پر معيار جي اعتبار کان ٿورائي آهن، جن کي نمايان حيثيت حاصل آهي، ان ۾ اوليت بلاشبه الطاف شيخ جي آهي، ڇو ته شهيدن ۾ نالو ڳڻائڻ وارن جيان هڪ اڌ اتفاقيه سفرنامو لکي بس ناهي ڪئي، بلڪ ان صنف کي پنهنجي مستقل فيلڊ بنائي ڪيترائي ڪتاب تحرير جي دلڪشي، انداز بيان جي رواني ۽ ڀرپور مشاهدي سان لکي پڌرا ڪيا آهن. زير نظر ڪتاب ’مڪليءَ کان ملاڪا تائين‘ به انهن سفرنامن جي رنگ برنگي مالها جو هڪ وڌيڪ موتي آهي، جيڪو پڙهندڙن کي ملائيشيا جي رياستن، شهرن ۽ ان سان لاڳاپيل ملڪن جو سهڻو سير ڪرائيندو ٿو هلي، ته گڏوگڏ اُتي جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ تاريخي حالتن جو به جائزو وٺائي ٿو.
صحيح معنيٰ ۾ مقصد ڀريا ڪامياب سفرناما لکڻ جو ڪريڊٽ جي الطاف شيخ ڏي ٿو وڃي، ان ڪري نه ته هو گهڻُو ڪري ٻاهر رهيو آهي. ٻاهران ته ڪيترائي سنڌي ٿي آيا آهن، ڪي ته اُت ئي گهر ڪري رهي پيا آهن، نه ته جيڪر هر ڪو سندباد سيلاني ٿيو ويٺو هجي ها، اصلي شيءِ آهي تخليقي جذبو ۽ ذهني ذوق، اِهو جي ڪنهن ۾ ناهي ته چاهي سڄي دنيائي ڇو نه لتاڙي هجيس، لکڻ لاءِ نه دل چونديس نه هٿ ورندس.
وڏا خرچ ڪري، جان جوکم ۾ وجهي ملڪن جو سير سفر ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، جس هجي الطاف شيخ کي جيڪو پنهنجو ذهن خرچ ڪري، پڙهندڙن کي سربستا احوال ٻڌائي، اِهي سير سفر گهر ويٺي ئي ٿو ڪرائي. ملڪ سوبرابر اکين کان پري آهن، پر هن جي لکڻيءَ ۾ قدرت اهڙو ڪو سحر ڀريو اثر رکيو آهي، جو پڙهندڙ جو روح پل ۾ اُڏاميو انهن هنڌن ماڳن تي وڃيو پهچي. اِن ڏس ۾ سڀ کان اهم شيءِ آهي، هن جو ان صنف لاءِ بي انتها چاهه، جيڪو هر دلڪش تحرير جو ساهه آهي.
الطاف کي روزگار سانگي نِت نوان ملڪ گهمڻ جو وجهه ملندو رهيو آهي. اِها هن جي خوشنصيبي چئبي جو کيس پنهنجو سورهن آنا سيلاني طبيعت جي مطابق، جذبن جي اظهار لاءِ اهڙو وسيع ماحول مليو آهي، جنهن سان هن جي قدرتي ڏات جي تسڪين ٿيندي رهي ٿي. وطن کان دور رهي به هن اهو فرض نڀايو آهي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي سچي فرد هئڻ جي حيثيت ۾ مٿس عائد آهي. اڄ جڏهن چار ڏينهن ولايت ۾ رهي ايندڙن کان پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ ئي هاسڪار وسريو وڃي، تڏهن الطاف، جيڪو سالن جا سال ٻاهر رهي به پرديس ۾ نالي جي تختي سنڌيءَ ۾ لڳايو ويٺو آهي، تنهن جا سنڌ ۾ لاڳيتا سفرناما لکڻ يقينن اسان لاءِ فخر جو باعث آهن. هن نه رڳو ٻاهريون ٻوليون سکي اُتي جي رهواسين جون دِليون جيتيون آهن، پر پنهنجي ٻوليءَ کي به سفرنامن وسيلي ورسايو آهي.
سمنڊ ۽ جهاز سان تعلق رکندڙ الطاف، جنهن ملاڪا کي زمين جو بهشت ڪوٺيو آهي، ’مڪلي کان ملاڪا‘ جو سمورو مواد پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي جي روشنيءَ ۾ گڏ ڪري، ملاڪا جي ساوڪ ڀري جهڙالي ۽ دلفريب فضا ۾ نهايت آرام ۽ سڪون سان ويهي لکيو آهي.
اسان وٽ محض وقت گذاري ۽ رئونشي خاطر آئي ڏينهن ثقافتي پروگرام ٿيندا رهن ٿا، پر عملي قدم گهٽ ٿو کڄي، الطاف ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي پنهنجي سفر نامي ۾ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي لاءِ جنهن جذبي جو اظهار ڪيو آهي سو قابِل داد آهي. هڪ هنڌ ملاڪا جي قديم قلعي جي غير معمولي سنڀال ڏسي حيدرآباد وارو خسته حال قلعو ياد پيو، جنهن جو عضوو عضوو ڍرو ٿي ڍرڪي پيو آهي، ملائيشيا جي سرسبز شاداب زمين تي خوشحال ۽ متارا مال ڏسي کيس پنهنجي وطن جون نير وهائيندڙ نماڻيون ۽ بکايل ڍڳيون ياد آيون، جيڪي گگدام امر اِلاهي ڄاڻي، ٻوٿ ٻڌرائي سپر هاءِ وي تي ٽرڪن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پيون ڊُهبيون گِهلبيون آهن.
اسلامي ملڪن جي عربن جون زور آوريون ظاهر ڪري، هن هندستاني ۽ پاڪستاني پورهيتن جي غيرت کي للڪاريو آهي، جن کي عرب سڳورا، مسلمان ته ٺهيو انسان به نٿا سمجهن، بلڪ زرخريد ٻانهون ڄاڻي ساڻن نفرت ڀريو ۽ غير اخلاقي رويو اختيار ڪن ٿا. ان جي برعڪس هن عرب توڙي ٻين ڪيترن ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملائيشيا کي تهذيبي ۽ اخلاقي طور مٿاهون ڏيکاريو آهي، جن وٽ پئسو ۽ گهڻي خوشحالي هوندي به عربن جهڙي غرور يا تڪبر جو تصور ئي ناهي، جيڪي ٻاهران آيل پورهيتن کي بيحد عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا.
ورهين کان ملائيشيا ۾ آباد، ڏکڻ هندستان جي مليالم ۽ تامل ڳالهائيندڙ هيٺئين طبقي جو به الطاف شيخ ذڪر ڪيو آهي، جن جو رت ست پڻ ملائيشيا کي سکيو ستابو بنائڻ ۾ شامل آهي. ڌارينءَ ڌرتيءَ تي آباد ٿيندڙ ۽ اتي جي ريتن رسمن جي عزت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾، هن جيڪي پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا آهن سي بلاشڪ ته ساراهڻ جوڳا آهن، جن تي جذبات کان هٽي ڪري ٿڌي دل سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
ڊگهين ڪچهرين کان لهرائيندڙ ٿور ڳالهائو الطاف، اجاين سجاين ڳالهين ۾ وقت برباد ڪرڻ بدران پنهنجا ويچار ۽ مشاهدا سهڻي سيبائتي نموني قلم بند ڪيا آهن، جنهن ۾ ڪٿي به ڪا اجائي لٻاڙ ٻٽاڪ ناهي. سفرنامي ۾ هن جون فطري خوش مزاجيون به پنهنجي جاءِ تي قائم آهن. ان ڏس ۾ ”اهڙي به ڇا جلدي آهي“. ”گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون“. ”هوائي جهاز ۾“، ”ڊرائيونگ لائسنس هٿ ڪرڻ“ ۽ ”ڪردار ويريفائيڊ ناهي“، جهڙا بابت نهايت ئي دلچسپ آهن، باقي سمجهائڻ ۽ معلومات پهچائڻ وارو انداز ته ڄڻ الطاف تي ئي ڇيهه ٿو ڪري. هونءَ ته ان جو مثال اهو سڄو سارو ڪتاب ئي آهي پر هڪ ننڍو مثال مان به ڏيندس.
هن مون کي ملاڪا اچڻ جي سڪ ڀري دعوت ڪجهه اهڙي پڪي سمجهاڻيءَ سان ڏني، ڄڻ مان ڪو اوڏانهن وڃڻ لاءِ بنهه سنبري ويٺي هئس، رڳو ملائيشيا ايئرپورٽ تي لهڻ جي دير هئي. ان گهڙيءَ اهو خلوص محسوس ڪري ايترو سو ضرور سوچيو هئم ته ”ڪاش مان ايڏانهن وڃي سگهان“.
داڻي پاڻي جي ڳالهه ڀل کڻي نصيب جي هجي، پر اهو خاطريءَ سان چوندس، ته ان ۾ الطاف جي سچي سڪ ۽ سمجهاڻي ڪنهن ازغيبي طاقت جو روپ ڌاريو هو، جو جهٽ ۾ اوٽ موٽ ملائيشيا وڃي، ڪوالالمپور ۾ چڱا ڏينهن رهي، وري اتان گهُت ڏيئي ملاڪا به وڃي نڪتس، جتي وڃڻ جو نه خواب خيال هو، نه ئي وري ڪا جن ڪن، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته الطاف جيڪر اهو سڪ جو سڏ، سئٽزرلينڊ مان موڪلي ها ۽ ساڳي ريت نقشو ڪڍي سمجهاڻي ڏي ته ”فلاڻي هنڌ اچي فون ڪجو.... نه هجان ته هن نمبر تي نياپو ڇڏجو... اڪيڊميءَ کان هيترا ميل پري گهر آهي... مان پاڻ وٺڻ ايندس...... نه ته ٻار اچي وٺي ويندا..... ته اهڙي اعتماد ڀري سمجهاڻي، بلاشڪ ته سئٽزرلينڊ به آڻي رسائي ها.
هي سفر نامو پڙهندي مون کي بيحد مزو آيو، مون ائين محسوس ڪيو ته هڪ وار وري ملائيشيا پهچي وئي هجان ۽ اهي جايون جڳهيون جن کي مٿاڇري طرح ڏٺو هئم، تن کي وڌيڪ بهتر نموني ڏسي ۽ سمجهي سگهي آهيان. مان هن خوبصورت سفرنامي لکڻ تي الطاف شيخ کي مبارڪون ڏيندي يقين سان چونديس ته هي ڪتاب سندس ٻين سفرنامن جيان مقبوليت ماڻيندي، سنڌي ادب ۾ وڏو مان پائيندو.
ماهتاب محبوب
24 فيبروري 1986ع