”ڪردار Verified ناهي“
اڪيڊميءَ جي اڪائونٽ آفيسر صلاح ڏني ته ائين ڇو نه ڪيو وڃي جو کين بئنڪاڪ کان باءِ روڊ ملاڪا وٺي اچجي. اجايو هو بئنڪاڪ کان ڪوالالمپور تائين وڌيڪ اڏام جو ڀاڙو ۽ وقت وڃائيندا. ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿي چيائين: ”الطاف هينئن ڪر جو سڌو بئنڪاڪ هليو وڃ. رات جو ڏهين تائين پهچي ويندين. رات رهي صبح جو جيئن ئي مهمان ايئرپورٽ تي لهن ته اتان سڌو کين هتي وٺي اچ- ائين ڪرڻ سان تنهنجو ڪو خاص وقت ضايع نه ٿيندو.“
مون لمحي ٻن لاءِ سوچي چيومانس: ”نه يار مون کي ڏي معافي. ڪوالالمپور يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ چئين ته هليو وڃان، باقي بئنڪاڪ جهڙي شهر ۾ وڃي اجايو گلا جو گهانگهرو مفت پنهنجي ڳچيءَ ۾ کڻڻ نٿو چاهيان. سو به فقط هڪ رات لاءِ!- اهو ته ان مثال وانگر ٿيو ته ڪتو به کائجي ڪک به نه ڀرجي.“
”فڪر ڇو ٿو ڪرين. ڪو ڪجهه نه سوچيندو. رهجانءِ به پاڪستان- هائوس ۾. باقي ڇا.“
”پاڪستان هائوس ۾ ڇا، کڻي مسجد ۾ رهي اچان، پر هتي اڪيڊميءَ ۾ ڪهڙو ڪافر مون تي ويساهه ڪندو؟“
”نه نه آئون ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي به ٻڌائي ڇڏيندس ته چيف انجنيئر الطاف بئنڪاڪ ڪنهن بري نيت سان نه پر اهم سرڪاري ڪم سان ويو هو.“ اڪائونٽ آفيسر مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”تون چوندين؟!“ مون کلندي وراڻيومانس، ”تنهنجو ئي ڪردار Verified ناهي. هونءَ نه شڪي ٿين ته ائين ٿين! ۽ هي منهنجا ساٿي جهازي! اهڙا استاد آهن جو سڄو مندر مسجد مٿي تي رکين ته به يقين نه ڪن.“