”بفر اسٽيٽ يا ڊفر اسٽيٽ“
هتي ملائشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪافي سک رهن ٿا. جن جا ابا ڏاڏا سالن کان هتي ٽڪيل آهن. گهڻو ڪري انگريزن جي حڪومت ۾ هنن جا وڏا هتي پورهئي ڪارڻ آيا هئا. سنگارپور ۾ ته لفٽ- مئن، هوٽل جو بئرو يا ٽئڪسي ڊرائيور گهڻو ڪري سک نظر ايندو. پر هتي ملائيشيا ۾ پڙهيل ڳڙهيل سک به ڪافي آهن. ڪيترائي جج، مئجسٽريٽ، وڪيل، ڊاڪٽر آهن، جن بابت اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو. خاص ڪري ڪو پوڙهو سک گذاري ويندو آهي ته ان جي ڪانڌپي جي مانيءَ جو اطلاع اخبار ۾ سندس فوٽي سان گڏ ڏنو ويندو آهي ته ”پينانگ يا ڪوالالمپور جي فلاني گوردواري ۾ شام جو فلاڻي وقت ڀوڄ آهي.“ ان سان گڏ وفات ڪندڙ جي پٽ، ڌيئن، ناٺين، نهن، پوٽن، ڏهٽن جي وڏي لسٽ پڻ هوندي آهي ته مرحوم پٺيان ڪهڙو اولاد ڇڏيو ۽ اهي ملائيشيا ۾ ڪهڙي نوڪري يا ڌنڌي سان لڳل آهن. ٽي. ويءَ جون خبرون ٻڌائڻ وارو پڻ هڪ سک آهي ۽ ٻين ملئي پروگرامن ۾ پڻ سک نظر اچن ٿا. هتي رهڻ ڪري هو ملئي لس ئي لس ڳالهائين. پنجابي پڻ ڳالهائين ٿا. پر سندن ننڍي ٽهي مادري زبان ايترو ڳالهائي جيترو ملئي.
هونءَ هتي ڪنهن به سک کان پڇيو ته ڪير آهين ته هو اهو نه چوندو ته هندستاني آهيان پر چوندو ته پنجابي آهيان. ملاڪا شهر جي هڪ مشهور چيني ڊپارٽمنٽل اسٽور لئن فئاٽ ۾ جتي سڀ چيني ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون اتي سنهري منهن ۽ سانوري رنگ جي هڪ ڇوڪريءَ کان پڇيم. ”آر يو ائن انڊين”“
وراڻيائين: ”نو ائم اي پنجابي.“
۽ هي جا ملئي رهاڪو به اڪثر چوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه انڊين آهن، پاڪستاني آهن، پنجابي آهن. يعني هندو سنڌي، هندو يا مسلم تامل، گجراتي ۽ ملباري وغيره هندستاني (انڊين) سڏائيندا، پر سک، ڪڏهن به انڊين نه چوائيندو. انگلينڊ ٽي. ويءَ جو مشهور پروگرام Mind Your Language – جيڪو پاڪستان ۾ به اچي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه هتي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ پيا ڏيکارين- ان ۾ به ٻيا ته سڀ پنهنجي قوميت ملڪ سان وابستگي ٿا ڏيکارين پر سک- رنجيت سنگهه کان جڏهن قوميت پڇي ٿي وڃي ته پنجابي ٻڌائي ٿو.
سک جيتوڻيڪ آدمشماريءَ جي حساب سان ڪي گهڻا نه آهن، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي نموني، مذهب، ڏاڙهي ۽ پٽڪي، عادتن ۽ هلت چلت ڪري هو جتي ڪٿي نمايان ۽ الڳ ٿلڳ لڳن ٿا. هو هندستان جي سڄي آدمشماريءَ جو ٻه سيڪڙو مس ٿيندا. پر پنهنجو هڪ پختو گروپ / ٽولو ٺاهين ٿا. هندستان ۾ ٻين اقليتن (مسلمانن، ڪرسچنن، پارسين) وانگر سک ٽڙيل پکڙيل نه آهن پر سندن آدمشماريءَ جو وڏو حصو (پنجاسي سيڪڙو) هڪڙي ئي هنڌ هندستان ۽ پاڪستان جي بارڊر واري صوبي اوڀر پنجاب ۾ ڳهت ٿيل آهي.
هندستان ۾ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ سک سڀ کان اڳتي آهن. فوج ۾ پڻ سکن جو ڏهون حصو آهي ۽ تعداد جي حساب سان سرڪاري نوڪرين ۾ به تمام وڏو حصو اٿن. هندستان جي سڀني اقليتن مان سڀ کان گهڻو سکن کي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جو خيال آهي ۽ فطرتاً ڪجهه تکي طبيعت جا هجڻ ڪري، ٿوري ٽيڪر تي به جوش ۾ اچيو وڃن. ان ڪري هندستاني حڪومت جي انتظاميا به هنن کان ڪن هڻي ٿي. ڏسندي ئي ڏسندي چند سالن کان سکن جي هڪ ٽولي خالصتان نالي هڪ الڳ حڪومت هلائڻ جي مهم شروع ڪري ڏني آهي. جيتوڻيڪ اڃان ان مهم ڪو گهڻو زور نه ورتو آهي، پر اندر ۾ ڪافي شر رکي ٿي، جنهن کان هندستان جي حڪومت گهڻو فڪرمند آهي.
گرونانڪ سکن جو پهريون اڳواڻ ۽ مذهبي رهنما هو جنهن سک ڌرم شروع ڪيو. پاڻ 1469ع ۾ ڄائو هو ۽ 1539ع ۾ گذاري ويو. شروع شروع ۾ سک تمام امن پسند ۽ سانتيڪي طبيعت جا هئا. پر پوءِ گرو گوبند سنگهه- جيڪو ڏهون ۽ آخري گرو ٿي گذريو آهي، تنهن کين جنگي برادريءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. گرو گوبند سنگهه 1677ع ۾ ڄائو هو ۽ 1708ع ۾ گذاري ويو. 1699ع ۾ گرو گوبند سنگهه سکن کي خالصن جو لقب ڏنو- معنيٰ ”خالص نج“ اڄ به سنڌ ۾ سکن کي گهڻو ڪري خالصو سڏين. ان بعد گردوارن (سکن جي مندرن) ۾ هر پوڄا پاٺ بعد اها دعا ڳائي وڃڻ لڳي ته: ”راج ڪريگا خالصا“ – (خالصو ئي راڄ ڪندو.)
دراصل سکن پنجاب تي فقط پنجاهه سال (1849ع تائين ئي) راڄ مس ڪيو، ته انگريزن اچي قبضو ڪيو ۽ پنجاب کي به هندستان جو هڪ صوبو/ پرڳڻو بنائي ڇڏيو. ان کان پوءِ راڄ ڪرڻ جي شوق جي دعا فقط اميد تائين ۽ مذهبي ساٺ سوڻ/ رسم رواج تائين هلندي اچي.
1947ع ۾ جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ هندستان پاڪستان ٿيو ته پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ سکن جي اڌ کن آدمشماري ۽ ڪجهه مذهبي ادارا پاڪستان ۾ پڻ اچي ويا. جهڙوڪ حسن ابدال وارو گوردوارو- جتي اڄ به زيارت لاءِ هندستان کان سک هر سال اچن ٿا. خون خرابين بعد پاڪستان ۾ بچيل سک اوڀر پنجاب ڪڍيا ويا ۽ اوڀر پنجاب جا مسلمان پاڪستان اماڻيا ويا. ان بعد زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سکن محسوس ڪيو ته هو پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ تمام گهڻائيءَ (مئجارٽي) ۾ آهن.
زبان جي بنياد تي سکن پنجابي ڳالهائيندڙن لاءِ الڳ صوبي جي گهر ڪئي ۽ 1966ع ۾ پنجاب صوبو الڳ ڪيو ويو، جنهن ۾ سکن جو پنجونجاهه سيڪڙو ٿيو ٿي ۽ هندن جو پنجيتاليهه سيڪڙو ۽ ان کان پوءِ ذري گهٽ سمورو ٽائيم پنجاب جي چيف منسٽري سک جي ئي هٿ ۾ رهي. سکن جي نامحرومي ۽ ڏکن جي احساس کي هندستان جون سياسي جماعتون بنيادي طرح فقط سياسي پروپئگنڊا طور ئي استعمال ڪنديون اچن.
ورهاڱي کان اڳ سک زميندار ۽ جاگيردارن جي ڪميونٽي هئي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترائي وڏا زميندار ننڍا ٿي ويا- جن مان ڪيترن کي ته پاڻ هر هلائي هارپو ڪرڻو پيو. انگريزن جي حڪومت ۾ هنن کي ڪيتريون ئي سهولتون مليل هيون. برٽش انڊين آرمي جو چوٿون حصو سک هئا ۽ انگريز راڄ جي پوليس به سندن چڱي خاصي نمائندگي هئي. آزاديءَ کان پوءِ هنن جو ان ۾ حصو صفا گهٽايو ويو.
ان کان علاوه سکن کي هندستاني حڪومت سان ٻين به ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، جئين ته ڀر وارا پنجابي تعلقا پنجاب سان ملائڻ بدران هريانا، هماچل پرديش ۽ راجستان صوبي سان ملايا ويا آهن. چاندي گره کي نه فقط پنجاب جو، پر ٻئي صوبي لاءِ به گاديءَ هنڌ مقرر ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ لاءِ سکن کي پنهنجي صوبي بدران هريانا وڃڻو پوي ٿو. اتر پرديش جو علائقو نيپال ترائي- جيڪو مليريا، دلدل ۽ جهنگ سان ڀريل هو. تنهن کي سکن صاف ڪري جڏهن رهڻ لائق بڻايو ته کين اتان لوڌيو ويو. درياهه جيتوڻيڪ پنجاب مان لنگهن ٿا، پر پنجاب کي گهرج آهر پاڻي ڏيڻ بدران ٻين صوبن کي ڏنو وڃي پيو. هيڊرو اليڪٽرڪ ڪامپليڪس جيڪو آهي ته پنجاب ۾ پر ان جو ڪنٽرول ٻين جي هٿن ۾ آهي، ان کان علاوه پنجاب ۾ هندستاني حڪومت فقط نالي ماتر ڪي ڪارخانا يا فئڪٽريون لڳايون آهن- سو اهي چند اهڙيون ڳالهيون آهن، جن سکن ۾ نامحروميءَ جو احساس پيدا ڪيو آهي. ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون آهن، جن ڪري سک بيتاب آهن ته هنن کي الڳ ملڪ هجي ته هو چڱو. انهن ننڍين ڳالهين ۾ ڪجهه اهي به آهن ته حڪومت سندن مذهبي ڳالهين ۾ به دخل انداز ٿي رهي آهي. گوردوارن کي جيڪا ملت ٿيندي هئي اها سک پنهنجي برادريءَ جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ پنهنجن لاءِ اسڪول، يتيم خانا ۽ خيراتي اسپتالون هلائيندا هئا. هاڻ اها لکها رپين جي اپت حڪومت کنيو وڃي.
سکن جي الڳ حڪومت جي گهر پهرين 1971ع ۾ پنجاب حڪومت جي اڳوڻي وزير جڳجيت سنگهه چوهان ڪئي هئي. ان وقت هندستان ۾ ڪنهن به ان ڏي ڌيان نه ڌريو هو. چوهان وڌ ۾ وڌ اهو ڪيو جو آمريڪا، انگلينڊ ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سکن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو، جيڪي ان جي حق ۾ هئا. چيو وڃي ٿو ته هن کي ڪجهه ٻين حڪومتن طرفان به امداد ملي هئي.
اها هلچل آهستي آهستي وڌڻ ويجهڻ لڳي. خاص ڪري سکن جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو ان کان متاثر ٿي شامل ٿيڻ لڳو ۽ ان پٺيان پوءِ ٻيا پڻ. اڪالي دل سکن کان علاوه سکن جا ٻيا ٽولا پڻ- خاص ڪري ڀنڊرا والا جي جرنيل سنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ حمايت ڪرڻ لڳا. پاڻ 1981ع ۾ قيد به ڪيو ويو هو. سندس ماڻهن هن جي آزادي ۽ خالصتان کي تسليم ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز به اغوا ڪيو هو. پر کيس پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو هو.
سکن جي تحريڪ اڃا تائين هلندي اچي، جيتوڻيڪ ان تحريڪ ۾ پنجاب کان ٻاهر هندستان يا هيڏانهن ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سريلنڪا، سنگاپور پاسي رهندڙ سک ايترو دلچسپي نٿا وٺن. ان جو هڪ اهو به سبب آهي جو ڪيترائي سک اصل پنجاب جا پنجابي به نه آهن. ڪيترا هندن مان سک ٿيا آهن، جن کي پنجاب جي سکن جي مسئلن سان ڪا به دلچسپي ناهي. ويجهِڙائي تائين اتر اولهه پنجاب ۽ سنڌ جي هندن ۾ اهو رواج هو ته هو پنهنجن پٽن مان هڪ کي خالصو بڻائيندا هئا ۽ پنهنجون ڌيئون پڻ سکن سان پرڻائيندا هئا. ڪيترائي هندو پوڄا لاءِ پنهنجي هندو ڌرم جي مندر ۾ وڃڻ بدران سکن جي گوردواري ۾ ويندا هئا. اڄ به سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ سريلنڪا جي سنڌي هندو واپارين جي دڪانن ۾ گرونانڪ يا ڪنهن ٻئي سک مذهبي رهنما جي تصوير ٽنگيل نظر ايندي. (ان بابت لوڪرام ڏوڏيجا پڻ پنهنجي ڪتاب سڪارٿو سفر ۾ لکيو آهي.) ساڳي وقت هندوءَ مان سک ٿيل رڳو ڏاڙهي ۽ وار ڪوڙائڻ سان وري هندو ٿيو وڃي. ان ڪري صحيح خبر نٿي پوي ته ڪهڙا سچي دل سان سک آهن.
هڪ مشهور مذهبن جي ڄاڻو انگريز پروفيسر انگلينڊ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اتر هندستان جي مذهبن تي ليڪچر ڏيئي رهيو هو. ڪنهن پڇيس: ”سائين، اسان هندن ۽ مسلمانن بابت ٻڌو آهي ته اهي سک ڪير آهن جن بابت توهان ٻڌائي رهيا آهيو؟“
عالم پروفيسر وراڻيو:
”It is Awfully Hard to define a Sikh is Kind of Vicious Hindu.“
آزاديءَ کان پوءِ جيئن ته هندستان جي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ سيڪيولرزم آندو آهي، ان ڪري مذهبي بنيادن تي جيڪي برٽش راڄ ۾ سکن کي سهوليتون مليل هيون سي بند ڪيون ويون آهن. ڪيترا نوجوان سک داخلا يا نوڪريءَ جي فارمن تي خالصو (سک) لکڻ بدران اڄڪلهه ”هندو“ لکڻ لڳا آهن. پراڻي خيال جي سکن کي اها ڳالهه هرگز پسند نه آهي جو هندو هميشه سکن کي ڄٽ ۽ بيوقوف سمجهن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته جيئن ته سک وار نٿا ڪوڙائين ۽ ان مٿان هيڏو سارو پٽڪو ٿا ٻڌن، ان ڪري گرمي سندن دماغ تي اثر ٿي ڪري ۽ منجهند ڌاري صفا هٿن مان نڪريو وڃن.
سک ”سردار جي“ جي لقب سان سڏجن ٿا ۽ سکن بابت ڪيترائي لطيفا ”سردار جي“ جي عنوان سان دنيا ۾ مشهور آهن. جن مان ڪيترائي چرچا سکن پاڻ ٺاهيا آهن، جيڪي هو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ٻڌائيندا آهن، پر مجال آهي جو ڪو ڌاريون سندن موجودگيءَ ۾ اهڙو چرچو ڀوڳ ٻڌائي. مٿو ڦاڙي رکندس. هتي هڪ تازو لطيفو ٻڌائڻ بي مهلو نه ٿيندو، جيڪو ڪنهن ٻئي جو نه پر خوشونت سنگهه جو ئي ٻڌايل آهي ۽ انگريزي هفتيوار رسالي ٽائيم ۾ به اچي چڪو آهي. خوشونت سنگهه دهليءَ مان نڪرندڙ اخبار ”هندستان ٽائيمس “ جو ايڊيٽر آهي ۽ مشهور ليکڪ ۽ سکن جو تاريخ نويس پڻ. لطيفو خالصان جي سلسلي ۾ آهي، جيڪو جيڪڏهن الڳ ملڪ ٿي ويو ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ايئن بفر اسٽيٽ Buffer- State ٿي پوندو، جيئن افغانستان، روس ۽ پاڪستان وچ ۾ آهي.
لطيفو: هندو۽ سک جي وچ ۾ گفتگو آهي، ته هڪ هندوءَ سک کان پڇيو:توهان سک الڳ ملڪ خالصتان ٺاهڻ لاءِ ڇو گهر ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اهو نٿا سمجهو ته ائين ڪرڻ سان هندستان کي نقصان رسندو؟“
”هرگز نه،“ سک وراڻيو، ”خالصتان توهان جي اتر اولهه واري باڊر کي پاڪستان جي حملي کان بچائيندو.“
”اهو وري ڪيئن؟“ هندوءَ پڇيو.
”ڇاڪاڻ جو خالصتان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊفر اسٽيٽ Duffer- State جو ڪم ڏيندو.“