شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

پيش لفظ

پيش لفظ

ارغونن ۽ مغلن جي زماني ۾، سنڌين جي ويڙھه جي ھڪ حڪمت عملي ھيءَ به ھئي، جڏھن ھنن ڏٺو ته سندن رھيل سھيل قوت به مغليه قھر جي ڪري تباھيءَ جي ڪناري تي اچي پھتي آھي ته اُن وقت ھنن ھڪدم ھيٺاھينءَ وارو رستو اختيار ڪري، معافيون وٺي، وري به ڪنھن آئيندہ جنگ جي تياري ٿي ڪئي. جيتوڻيڪ اھا حڪمت عملي، وقتي طرح ھنن جي اخلاقي شڪست ھئي، پر ھنن پنھنجيءَ اُنھيءَ اخلاقي شڪست کي مادي فتح ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ھر اپاءُ اختيار ٿي ڪيو. اُن وقت جي سنڌ جي تاريخ جي ھِنن مَردن مٿيرن، پنھنجن پيارن جي ھزارھا لاشن جي پُلين تان نئين فتح لاءِ پنھنجا لشڪر روانا ٿي ڪيا. شڪست کاڌل سنڌين جي ڳچين ۾ جيتوڻيڪ ذِلت ۽ رُسوائيءَ طور پَٽڪا پيل ھوندا ھئا، پر اُن وقت به ھنن جي مادر وطن جي حُب سان ٽمٽار دلين ۾ ظالمن ۽ ڦورن جا جگر پنھنجي فولادي ھٿن سان ڪڍي اڇلائڻ جا جذبا جوان ھئا. اُن دور ۾ اگرچه بيشمار سنڌي مادر وطن جي حُب ۾ قتل ٿيا، ليڪن سنڌ جي چپي چپي تي مغل سپاھين جي لاشن کي ڪُتن جو کاڄ بڻائي ڇڏيائون. مغليه دور حڪومت ۾ سنڌين جي اھا شاندار، بھادرانه ۽ حبِ وطن سان معمور جنگ، دُنيا جي تاريخ ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ آھي؛ جيڪا بنا ڪنھن مرڪزي قيادت ۽ بنا ڪنھن بادشاھه، حڪمران، سلطان يا ڄام جي اڳواڻيءَ ۾ وڙھي ويئي. اُن وقت ٺٽي، سيوھڻ ۽ بکر تي جيتوڻيڪ مغلن جا نواب قابض ھئا، پر سرزمينِ سنڌ جا ھزارين ميلن ۾ پکڙيل ميدان ۽ صحرا، درياھه ۽ ٻيلا، کيٽ ۽ تَرايون، ڍنڍون ۽ ڍورا، واھڻ ۽ وستيون، پھاڙ ۽ پيچرا، مادر وطن جي لاکيڻن فرزندن جي جدوجھد ۽ جھاد جا جولان گاھه بڻيل ھئا. اُنھن محاذن ۽ معرڪن ۾ ديس واسي آزاديءَ جون آذانون ڏيندا، وڙھندا ۽ جھيڙيندا رھيا ٿي. شڪست کائڻ ۽ شڪست ڏيڻ، مرڻ ۽ مارڻ، پيش پوڻ ۽ بغاوت ڪرڻ، ڌوڪا کائڻ ۽ ڏمرجي اُٿڻ، ملڪيتون ڦرائڻ ۽ مغلن جي لشڪر، ماڻھن ۽ دلالن کي ڦُري پنھنجي کوٽ پوري ڪرڻ، سنڌي عوام جي روزمرہ جو دستور ھو. ھنن جو ايمانُ ھو ته جنگ ۾ شڪست کائڻ ذلت ناھي. پر شڪست کي تقدير جو لکيو سمجھي، راضي ٿي، حاڪمن جي اقتدار کي ھميشہ لاءِ تسليم ڪري، مادر وطن تان ھميشہ لاءِ دستبردار ٿيڻ ئي اصلي، حقيقي ۽ دائمي ذلت آھي؛ جيڪا قومن کي سدائين پنھنجي ماتر ڀوميءَ ۾ اڇوت ٿي رھڻ تي مجبور ڪندي آھي.

حِسام الدين راشدي، سنڌين جي انھيءَ حڪمت عمليءَ متعلق لکي ٿو:
”خون ڪرڻ ۽ خون ٿيڻ، مارڻ ۽ مارجڻ،
شڪست کائي توبھه ڪرڻ ۽ اُن بعد وري شورش
برپا ڪرڻ، سميجن (سنڌين) جو
رات ڏينھن جو دستور ھو.“

اِن عبارت ۾ پير صاحب، پنھنجي ھيرو، مير ابوالبقا جي شان کي بُلند رکڻ لاءِ سنڌين جي آزاديءَ جي تڙپَ کي يوسف ميرڪ (مصنف مظھر شاھجھاني) جي پيرويءَ ۾ ”شورش“ برپا ڪرڻ لکيو آھي. پر يوسف ميرڪ کي ڪھڙي خبر ته ايندڙ وقت ۾ اَھڙيون دِليون به پيدا ٿينديون، جيڪي اُنھن شورشن جي عظمتن محرابن ۾ سجدا ڪنديون؛ ۽ اھڙيون اکيون به ھونديون، جيڪي اُنھن گسن جي مِٽيءَ کي پنھنجي لاءِ سُرمو ڪنديون!
سنڌ ۾ ڪنھن مرڪزي حڪومت نه ھئڻ سبب، سنڌي عوام جنگ جي باقائدي صِفبنديءَ واري صورت ڇڏي، ڇڙوڇڙ جنگ ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. اھڙي قسم جي جنگ کي اسان موجودہ دور جي ”گوريلا جنگ“ سان ڪنھن حد تائين ڀيٽي سگھون ٿا؛ پر گوريلا جنگ ۾ جنھن ترتيب، تنظيم ۽ منصوبي بنديءَ کي مدنظر رکيو ويندو آھي، سا ترتيب، تنظيم ۽ منصوبي بندي، منتشر جنگ ۾ نه ھوندي آھي. ھن جنگ جو نه ڪو ھيڊ ڪوارٽر ھوندو آھي، نه ھڪ سربراھه، ۽ نه ئي ھڪ تنظيم. مُلڪ جو ھر محب وطن ماڻھو وٽس موجود معمولي ھٿيار به دشمن جي خلاف استعمال ڪرڻ جو موقعو ھٿان نه وڃائيندو آھي. مُلڪ جي وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھزارين لکين ڳوٺ، اُنھيءَ جنگ جا مرڪز ۽ ھيڊڪوارٽر ھوندا آھن- ۽ لکين عوام مان ھر ھڪ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي مڪمل مورچو ۽ سپھ سالار ھوندو آھي. اھڙي قسم جي جنگ، جيڪا ڇڙوڇڙ صورت ۾ وڙھي ويندي آھي، سا ڪامل فتح جا نتيجا پيدا ڪري نٿي سگھي، پر اُن جنگ سان حاڪم ٽولن کي آرام سان حڪومت ڪرڻ ۽ مفتوح مُلڪ جي دولت محفوظ جاين ڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ سخت دشواريون پيش اينديون آھن ۽ ھو ڏينھون ڏينھن وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رھندو آھي. سنڌين به مخالف حاڪمن خلاف اھڙي ئي جنگ وڙھي. اِھا سنڌي عوام جي ڇڙوڇڙ جنگ ئي ھئي، جنھن مغل شاھيءَ کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو، جو اُن ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، نه صرف سنڌي عوام ڪلھوڙن جي دور ۾ آزادي حاصل ڪئي؛ پر پنجاب، بنگال، دکن ۽ ميسور جي عوام به مغل آقائيت کان پنھنجي جانِ آزاد ڪرائي ورتي. اِھا آزادي اڳتي ھلي، مختصر ثابت ٿي، پوءِ به آزاديءَ جو ھڪ ڏينھن، غُلاميءَ جي سؤ ساله خوشحاليءَ کان بھتر آھي. اِن ڪري اِھو چوڻ ته مغلن جي خلاف سنڌين جي ڇڙوڇڙ جنگ ڪوبه نتيجو پيدا نه ڪيو، سو غلط آھي.
تاريخ ۾ سنڌ ڪئين دفعا غلام ٿي آھي ۽ ڪيترا ڀيرا سنڌي عوام انتھائي بھادريءَ سان وڙھي آزادي پئي حاصل ڪئي آھي، ته ڪڏھن وري ڪنھن حڪمت عمليءَ جي ذريعي سنڌ جي خودمختياريءَ جو جھنڊو بُلند ٿيندو رھيو آھي. تاريخ ۾ سنڌ جي سرسبزي ۽ شادابي، بي پناھه دولت ۽ زراعت، ڌارين قومن جي حملي جو باعث رھي آھي ۽ سنڌين ۾ ڪنھن مرڪزي قوت جو موجود نه ھئڻ، سندن غلاميءَ جو سبب ٿيندو رھيو آھي. سنڌي، بنيادي طرح قبائلي نظام تحت ڇڙوڇڙ ڳوٺن ۾ رھندا ھئا. وقتي ڪن ڳوٺن ۾ سَون ميلن جو مفاصلو به ھوندو ھو. وڏن ۽ پَڪن شھرن ۾ گڏجي نه وھڻ جو سبب ھيءُ ھو ته مُلڪ زرعي ھو ۽ ماڻھو مالوند ھئا. اُن ڪري، جتي چراگاھه ۽ پوک لائق زمين نظر آئي، اُتي ويھي رھندا رھندا ھئا. اِھي ٻئي شيون، شھري زندگيءَ جي اُبتڙ ھيون. اُن کانسواءِ سنڌو درياھه به گاھي بگاھي وھڪرو بدلائي،، شھرن جي تباھيءَ جو ڪارڻ بڻبو ھو. ان ڪري، سنڌي عام طرح شھرن ۾ گھٽ ويھندا ھئا. شھر گھڻو ڪري سنڌو درياھه جي ڪناري، ھِن ڪري آباد ڪيا ويندا ھئا، جو اتي پاڻيءَ جي سھولت سان گڏ ٻيڙين رستي واپار ۽ اچ وڃ ۾ آساني ھئي. اِھي سبب ھئا، جنھنڪري سنڌين ۾ مرڪزيت ۽ اجتمائيت پيدا ٿي نه سگھي ۽ ھُو ڇڙوڇڙ پنھنجي جدوجھد ڪندا رھيا. اِھا جدوجھد ارغونن جي اچڻ کان وٺي مغلن جي خاتمي تائين جنھن ڍنگ ۽ رنگ سان ھلندي رھي، سو بجاءِ خُود سنڌ جي تاريخ ۾ بي مثال ڪيڏارو آھي. ھڪ طرف فاتح جو ظلم ۽ غارتگري، پنھنجي اوج ۽ عروج تي آھي، ته ٻئي پاسي ھِن ڌرتيءَ جي ڌڻين جو جوش ۽ خروش به پنھنجو مُٽ پاڻ آھي. ھيءُ دور، جيڪو اٽڪل رُوءِ ھڪ صديءَ تي پکڙيو پيو آھي، سو سنڌين جي سنئين سِڌي ۽ واضح جدوجھد جو ڊگھو داستان آھي. ھيءُ اُھو دور آھي، جنھن ۾ سنڌي قومَ پنھنجي تاريخ پاڻ ٺاھڻ جو حق، پنھنجي ھٿ ڪرڻ لاءِ ھڪ تاريخ کي جنم ڏنو. اُن تاريخ ۾ رتُ آھي، باھه آھي، آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ ماڻڻ جا جذبا آھن. بيوسيءَ ۽ ڌارين جي طاقت تي جَڪَ آھن. ڪٿي ديس واسين ۽ ڪٿي ديس دروھين جي لاشن جا ڍير آھن. ھر چؤواٽي تي ڦاسين جا ٽياس آھن، جن تي اھڙا ماڻھو زبانون ٻاھر نڪتل لٽڪيا پيا آھن، جيڪي حڪومت ۽ تخت جا حقدار ھئا. جن جي سدا ملوڪ ۽ باھمت مھانڊن تي موت کان پوءِ به ديس- دروھين لاءِ حقارت ۽ نفرت جي ڄڀين سان گڏ عقابِي اکين ۾ آخري ۽ دائمي فتح جي اُميد جا ڪرڻا، موتئي جي مُرڪ وانگر بکي رھيا ھئا.
اِنھيءَ دور ۾ سنڌي محب وطن ماڻھن، سنڌ جي پوري سرزمين کي جنگي ميدانن ۽ مورچن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سرزمين جو ھڪڙو انچ به اھڙو نه ھو، جتي فاتح يا مفتوح، پر آزاديءَ لاءِ وڙھندڙن جو رتُ نه وھيو ھجي. اھو سارو دور، ھن سرزمين تي آزاديءَ ۽ غلاميءَ، موت ۽ زندگيءَ جو ڊيڄاريندڙ پر روح ريجھائيندڙ ناچ جاري رھيو؛ جنھن ۾ جيتوڻيڪ وقتي طرح غلاميءَ ۽ موتَ جو ديوُ سوڀارو ٿيندو رھيو، پر اُن ناچ ۾ آزادي ۽ زندگيءَ جي روشنيءَ جا جھَڪا ۽ جھيڻا ڪرڻا، جيڪي اُڀريا، سي ئي تاريخ جي اصلي روشنيءَ ۽ سچائيءَ جا منارا آھن. جن جي بُلندي ۽ دِلڪشي وقت گذرڻ سان گڏ پائيدار ۽ دائمي ٿيندي ويندي، جنھن کي وقت جي ڪابه لھر ۽ ڪوبه لوڏو، مِٽائي ۽ ، ميساري نٿو سگھي. اھڙن محب وطن ماڻھن جا جيتوڻيڪ زمين تي يادگار نه به ٺھن، پر وقت جي دز ھٽڻ وقت اُنھن جا يادگار انساني ذھنن ۾ ٺھندا آھن.
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن خلاف سنڌين جي ويڙھه، نافرمانيءَ، سرڪشيءَ، حملن ۽ ھلائن کي فاتحن جي نمڪ حلال تاريخ لکندڙن، ھر جاءِ تي چورين، ڌاڙن ۽ ڦُرن جي نالي سان لکيو آھي. جنھن جو مقصد، سنڌي محب وطن ماڻھن کي بدنام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه ھو. اِن سڀ لکڻ سان گڏ اِھو به لکيو اٿن ته اُنھن ڌاڙيلن وٽ اٺ ھزار ماڻھن جو لشڪر آھي، ڪٿي ڏھن ھزارن جي فوج آھي، ته ڪٿي ٽي ھزار سپاھه. مثال طور مغل دور ۾، حاڪمن سان وڙھندڙ سنڌين جو تعداد سرسري طور ھن ريت معلوم ٿئي ٿو.
1021ع ڌاري چاڪر ھالا پرڳڻي ۾ مغلن سان وڙھندڙ سنڌ جي ٽِن قبيلن؛ ٻَٻرن، دَلن ۽ شورن جي لشڪر جو تعداد ڏھه ھزار ھو. اِنھيءَ عرصي دوران ساڪري واري حصي ۾ مُغلن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ڪرمتين ۽ جوکين جو تعداد ٽي ھزار ھو. اُنڙن جي ھڪڙي شاخ سارين وٽ پنج ھزار سپاھي وڙھڻ جھڙا موجود ھئا، جن ۾ ھڪ ھزار سوار ۽ چار ھزار پيادا ھئا. چانڊين جي مُجاھدن جو تعداد ٻه ھزار ھو، جنھن ۾ ھڪ ھزار ٽي سؤ سوار ۽ ست سؤ پيادا ھئا. نُومڙيا به پنھنجي فوج رکندا ھئا، جيڪا پندرھن سؤ سوارن ۽ ساڍن چئن ھزار پيادن تي مشتمل ھئي. پنھورن وٽ ٻه ھزار پيادا ۽ ھڪ ھزار سوار سپاھي ھوندا ھئا. باقي سنڌ جي مشھور ويڙھاڪ قبيلي اُنڙن ۽ سميجن جي ٻين مختلف شاخن وٽ اَٺ ھزار جنگي جُوانَ موجود ھئا.
ھاڻي سُوال ٿو پيدا ٿئي ته دُنيا جو ڪھڙو مشھور ڌاڙيل ٿي گذريو آھي، يا ھن وقت موجود آھي، جنھن جي ٽوليءَ ۾ ايترا ھزار ماڻھو ھڪ ئي وقت موجود ھجن- جن جا گھر گھاٽ، ٻنيون ٻارا ۽ راڄ ڀاڳ به موجود ھجن! پر حقيقت ۾ ائين نه آھي. اُھي سنڌي، محب وطن ۽ آزاديءَ جا متوالا ھئا. اُھي اھڙا ئي ڌاڙيل ھئا، جھڙا ڌاڙيل چي گويرا ۽ سندس ساٿي. اُھي وطن دوست سنڌي اھڙا ئي رھزن ھئا، جھڙا لين پيائو ۽ سندس سُرخ سپاھي. اُھي مادر وطن جا لاکيڻا پُٽ اِھڙائي ئي ڦورو ھئا، جھرا ڪبرال جي ڪمان ۾ وڙھندڙ آفرڪي حُريت پسند. اُھي آزاديءَ جا ڪوڏيا اھڙا ئي فسادي ھئا، جھڙا سامورا ماشيل جا جانثار دوست. اُھي اھڙا ئي لُٽيرا ھئا، جھڙا جنرل گياپ جا ويٽ نامي؛ - ۽ اُھي اھڙا ئي فسادي ھئا، جھڙا فسادي ڀڳت سنگھ ۽ دت!
انھن سڀني عظيم محب وطن ماڻھن کي به ته پنھنجي دور ۾ قابض قُوتن ۽ سندن دلال دانشورن، صحافين ۽ ڏاھن، چور، رھزن ۽ قاتل پئي سڏيو آھي. اُن ڪري اسان کي اِن ڳالھ تي حيرت يا اچرج ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه آھي.
اُنھيءَ ساڳئي دور ۾ ڪجھ ماڻھو اھڙا به ھئا، جن کي درٻاري مورخن طرفان امن پسند ۽ وفادار شھرين جا لقب مليل ھئا. سامراج ۽ اُن جا دلالَ، اھڙا سُھڻا لقب، اُنھن ماڻھن کي ڏيندا آھن، جن جي وطني غيرت مري ويندي آھي. جن جي دلين مان آزاديءَ جو احساس اِئين ختم ٿي ويندو آھي، جيئن ھڪ وئشيا جي ذِھن مان حياءَ جو تصور. قومن جون ايندڙ پِيڙھيون، پھرئين قسم جي فسادين جي پيرن جي مِٽيءَ کي پنھنجي پيشانيءَ تي تِلڪ طور لڳائينديون آھن، ۽ ڌارين جي دلالن جي شرافت ۽ اَمن پسنديءَ تي لعنت وجھنديون آھن؛- ڇو ته اِھا شرافت ۽ اَمن پسندي جي سَندَ مادر وطن جي وِڪري ۽ نيلام جي قيمت ھوندي آھي- ۽ ھر باغيرت پِيڙھي، پنھنجيءَ ڌرتيءَ جو ڪنھن کي دانُ به نه ڏيندي آھي. حالانڪ اُنھن شريف ۽ پُر امن شھرين ته پنھنجي مُلڪ جي تباھيءَ برباديءَ لاءِ آقائن کي پنھنجي رضامنديءَ جا دستاويز لکي ڏنا ھئا- ۽ اُھي ڏُور ڏيھي آقا، جيڪي ڪجھ ھتي ڪندا رھيا، سو انسانيت جي نالي تي ھڪ شرمناڪ داغ ۽ پوري انساني تاريخ تي ڪَوڙھه جو چُٽو آھي. ھنن سنڌين تي اُھي اُھي ظلم ڪيا، جن کي ڏسي ھلاڪو ۽ چنگيز به پنھنجي فرشتي ھجڻ جي دعويٰ ڪن ته مٿن ڪابه ميار ڪانه آھي. وري ظُلم ته اِھو جو اِھي وحشيانه حرڪتون ڪندڙ حاڪم ۽ آقا، مذھب جا ٺيڪيدار ۽ اسلام جا سپاھي ھجڻ جا دعويدار ھئا. مثال طور شاھه بيگ ارغون ۽ سندس پُٽ شاھه حسن کي سڀني تاريخ لکندڙن، نماز روزي جا پابند، خير خيرات جا شوقين ۽ پرھيزگار لکيو آھي. پر ھنن ھتي (سنڌ ۾) ڪيو ڇا، تنھن جو مختصر قِصو ھن ريت آھي- جيتوڻيڪ اُن وقت جي تاريخ لکندڙن، اُنھن ظالم بادشاھن جي قھري ڪارواين جو پورو تفصيل نه ڏنو آھي:
1. تاريخ سنڌ ۾ آھي ته شاھه بيگ ارغون، 11-محرم 927ھ جو ٺٽي ۾ تباھي ۽ موت جي ديو جي صورت ۾ داخل ٿيو. ارغون ۽ تُرخان سپاھي، قرون وسطيٰ جي وحشي درندن ۽ آفريڪا جي آدم خور قبيلن جو روپ وٺي، موت، قتل ۽ غارتگريءَ جو مقدس ناچ ڪرڻ لڳا. ھنن جون ڏاڙھيون کنڊريل، چھرا جنن جھڙا، اکين ۾ نشي، شَھوت ۽ لُٽ مار جي ھَوَس جي وحشانيت. ھُو 20 محرم تائين ٺٽي کي نڌڻڪو سمجھي لُٽ مار ڪندا رھيا. ھنن سنڌ جي ماڻھن کي ھر طرح ذليل ڪيو، ڪيترن ماڻھن جي ٻارن ٻچن کي قيد ڪيو ۽ بيشمار قتل ۽ خونريزي ڪئي. تاريخ طاھريءَ ۾ لکيل آھي ته جيڪي ھولناڪ تباھيون، ٺٽي وارن تي شاھه بيگ ارغون ھٿان نازل ٿيون، اُھي ٺٽي وارن جي خواب خيال ۾ ڪين ھيون.
2. ھن ٽلٽيءَ جي جنگ کٽڻ بعد پوري ٽلٽيءَ جي شھر کي نه صرف لُٽيو ۽ ڦُريو، پر سوڍن، سھتن ۽ سمن جي محب وطن لشڪر جي بچيل سپاھين سان اُھا ڪار ڪئي، جيڪا سڪندر يونانيءَ سانگلا ۽ مينا نگر کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪئي. شاھه بيگ آخر ۾ سڄي ٽلٽي شھر کي باھه ڏياري ڇڏي.
3. باغبان پرڳڻي جي ماڇين، جن شاھه بيگ جي غاصبانه فتح کي سنڌ جي جائز قانوني حڪومت طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو، تن کي شاھه بيگ نه صرف قتل ڪيو، پر اُنھن جا گھر ۽ قلعا ڊھرائڻ کانپوءِ، ھن سرسبز ۽ شاداب زرعي پرڳڻي کي ڀڙڀانگ بڻائڻ لاءِ نارَن ۾ وھندڙ ھڪ ھزار اُٺ به ڪاھي ويو.
4. ارغونن، ڌاريجي قبيلي جي 47 سردارن کي گَجر مُوريءَ وانگر وڍائي، بکر جي بدنام زمانه خوني بُرج تان ھيٺ اُڇلائي ڇڏيو.
5. ھن جتوئي بلوچن جي 42 ڳوٺن جي سڀني مَردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻُڍن کي نه صرف قتل ڪيو، پر اُنھن ڳوٺن کي باھه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.
6. ارغونن، وطن دوستيءَ ۽ قوم پرستيءَ جي ڏوھه ۾ مخدوم بلاول جھڙي ولي الله ۽ عظيم محب کي گھاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. عام طرح چيو ويندو آھي ته مخدوم بلاول جي گھاڻي ۾ پيڙجڻ واري روايت جو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي. اِھو تاثر غلط آھي. سڀ کان پھريائين رکيل شاھه جي ھڪ ڪلام ۾ مخدوم صاحب جي گھاڻي ۾ پيڙجڻ جو ذڪر ٿيل آھي. جيئن چوي ٿو: (شاھه بلاول گھاڻي پيڙايو.) ”اُن کان سواءِ سنڌ جي ھڪ برک تاريخدان، رحيم داد مولائي شيدائيءَ پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ” جنة سنڌ “ ۾ اِھو واقعو تفصيل سان لکيو آھي.
7. مرزا شاھه حسن تخت تي ويھڻ شرط ٺٽي تي حملو ڪرايو. اِن حملي جي ڪيفيت، تاريخ طاھريءَ ۾ ھن ريت آئي آھي: ٺٽي ۾ شاھه حسن ايتري قدر قتل ۽ غارت ڪيو، جو حامله عورتن جي پيٽن مان ٻار ڪڍي، اُنھن کي نيزن جي اَڻين ۾ ٽُنبيو ويو. نالي ماتر به ڪو ماڻھو ارغونن کي مليو ٿي ته اُن کي قتل ڪرڻ ۾ ارغونن دير ڪانه ٿي ڪئي. شاھي خاندان جون عورتون ۽ ٻار گھڻي ڀاڱي مُغلن جي ڊپ کان درياھه ۾ ٻُڏي مئا ۽ رھيلن کي قيد ۽ بند ۾ تڪليفن جا اُھي ڏينھن ڏسڻا پيا، جو خُدا اھڙا ڏينھن ڪنھن ڪافر يا مسلمان کي نه ڏيکاري. نه رڳو ٺٽي شھر جو اھو حال ٿيو، پر پوري مُلڪ جي اڳوڻي آبادي ۽ شادابي، تباھي ۽ برباديءَ ۾ بدلجي ويئي. اُن ڏانھن کان ”خرابيءَ سنڌ“ ھن مُلڪ جي تاريخ ٿي.
8. شير شاھه سُوريءَ کان شڪست کائي، ھمايون جڏھن سنڌ ۾ آيو، اُن وقت مرزا شاھه حسن ارغون، سنڌ جي غاصب حاڪم، سڄي سنڌ مُلڪ جي عوام کي مُلڪ جي ويرانيءَ جو حُڪم ڏنو. اُنھيءَ حڪم تي ايتري سختيءَ سان عمل ڪرايو ويندو ھو، جو جيڪڏھن ڪوبه ھاري ڪنھن به قسم جي اَنَ جي پوک ڪرائيندو ھو ته ارغون بادشاھه اُن ھاريءَ جي جيئري کَلَ لھرائي، اُن ۾ بُھه ڀرائي ڇڏيندو ھو. اھڙي قھري حڪم سبب سڄو زرعي مُلڪ ويران ٿي ويو. ھولناڪ ڏُڪار اچي مُنھن ڪڍيو، ۽ ھزارين ماڻھو مري ويا.

اِھو ھو ارغونن جي اوج ۽ عروج جو زمانو، جنھن ۾ ھنن ھتي جي عوام کي ظلم ۽ ستم جي گھاڻي ۾ پيڙيو. ھنن جو اِھو عروج جلد ئي ختم ٿي ويو. مرزا شاھه حسن، پڇاڙيءَ عمر ۾ صفا چريو ٿي ويو ۽ بنا ڪنھن نرينه اولاد جي خارش زدہ ڪُتي وانگر ڀونڪندو مري ويو. کانئس پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي. اپر سنڌ تي سلطان محمود ڪوڪلتاش قبضو ڪيو ۽ ڏکڻ سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان قبضو ڄمائي ورتو. ھاڻي وقت اچي ويو ھو، جو ارغونن کان تاريخ جو وھڪرو پورو پورو حساب وٺي ۽ اھا محشر واري گھڙي، سڄيءَ سنڌ تي مرزا باقيءَ جي روپ ۾ اچي نازل ٿي. مرزا باقيءَ سنڌي عوام سان جيڪي ڪلور ڪيا، سو پنھنجي جاءِ تي جُدا موضوع آھي. پر ھتي صرف مرزا باقيءَ جو ارغونن سان سُلوڪ وارو واقعو نقل ڪجي ٿو، جيئن خبر پوي ته اُنھن ظالمن سان تاريخ ڪھڙو سلوڪ ڪيو، ۽ سنڌي عوام جو خون چوسيندڙ رھزنن جو ڪھڙو حشر ٿيو.
تاريخ طاھريءَ ۾ آھي ته: ”جڏھن مرزا باقي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، تڏھن ارغون اميرن ھڪ لشڪر گڏ ڪري، مرزا باقيءَ کان مطالبو ڪيو ته مرزا شاھه حسن جو خزانو اسان جي حوالي ڪر، ٻيءَ صورت ۾ توکي مٽيءَ ۾ ملايو ويندو. مرزا باقيءَ کي جڏھن ارغونن جي انھيءَ شورش جي خبر پئي ته ھن فيصلو ڪيو ته ھاڻي وقت اچي ويو آھي، جو حڪمت عمليءَ جي ڳالھين کي ڇڏي ڏجي، ڇوته اُنھن سان ڪم نه ھلندو. اُن ڪري ھاڻ اھڙو طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي، جنھن سان ارغونن جي فتني جو ھميشہ لاءِ خاتمو ٿي وڃي. اُن ڪري ھن ارغونن کي گھرائي چيو ته توھان گھٻرايو نه، آءٌ فلاڻي ڏينھن خزاني کي تقسيم ڪندس. پوءِ ھن پنھنجي خاص چمچن حبش خان، شبرنگ خان، مُلا صالح کي گھُرائي، ڳُجھ ڳوھه ۾ حڪم ڏنو ته: آءٌ جڏھن فلاڻي ڏينھن ارغونن کي خزاني جي ورھاست لاءِ گھرايان، تڏھن توھان مان ھر ھڪ ڪجھ سپاھين سان ديوان خاني جي فلاڻن فلاڻن ڪمرن ۾ لڪي ويھي رھي ۽ تيار ھجي، جو موقعو ملندي ئي ارغونن تي حملو ڪري ڏئي. مرزا باقيءَ جي اِنھيءَ ھدايت موجب مُلا خميسو ۽ ٻيا اُھي ماڻھو جن کي حڪم مليل ھو، سي مقرر ڏينھن تي ڏَسيل جاين تي لڪي ويھي رھيا. مرزا باقي سلاميءَ واري جھروڪي ۾ اچي ويٺو ۽ خزانچين کي حُڪم ڏنائين ته خزاني جون پيتيون ڪڍي ڍير ڪري ڇڏيو ۽ عام خاص ارغونن کي دعوت ڏني ويئي ته ننڍا وڏا سڀ اچي حاضر ٿين. جيئن اُن جھڳڙي جو ھميشہ لاءِ خاتمو ڪيو وڃي، جيڪو اسان ۽ توھان جي وچ ۾ گھڻي وقت کان ھلندو پيو اچي. بيخبر ارغون اِنھيءَ خوشخبريءَ کي ٻُڌي، خوشيءَ ۾ سرشار ٿي، روپين جي حاصلات لاءِ ڪڇي گھوڙن تي چڙھي، سھڻا وڳا پائي، ديوان خاني ۾ قاضي خميسي وٽ اچي گڏ ٿيا. جڏھن سڀ ارغون گڏ ٿي ويا تڏھن مرزا باقيءَ انھن کي چوائي موڪليو ته ”آءٌ اوھان جي ڏسڻ جو مشتاق آھيان، اُن ڪري به جو اڄ توھان سڀ گڏ آھيو. آءٌ ھن وقت اڪيلو بنا ھٿيارن جي بالاخاني تي ويٺو آھيان. توھان بِنا کُٽڪي جي مُون وٽ ھليا اچو، ڇوته توھان منھنجا ڀائر آھيو.“
پئسن جي لالچ ۾ انڌا ارغون، بي خوف ٿي، بنا ھٿيارن جي وٽس ھليا ويا ۽ قطار ڪري، مرزا باقيءَ جي سامھون ويھي رھيا. جڏھن سڀ ويٺا، تڏھن ھِن کين مخاطب ٿيندي چيو: ” اي عزيزو! آءٌ ھن خزاني تان ھٿ کڻي چُڪو آھيان. آءٌ ھيءُ خزانو توھان ۾ برابر ورھائي، توھان سڀني کي پنھنجو عزيز بڻائڻ گھران ٿو. ھاڻي پئسن ورھائڻ جو وقت ويجھو آھي. توھان کي خبر آھي ته ھيءُ عجيب ڏينھن آھي، ۽ پئسو اھڙي شيءِ آھي، جيڪو پيءُ کي پُٽ جو، ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بڻائي ڇڏي ٿو. مُون کي فِڪر رڳو ھيءُ آھي ته ورھاست جي وقت جڏھن عام طرح گوڙ، گھمسان ۽ جھڳڙو ٿيندو آھي ته انھيءَ گڙ ٻڙ ۾ ڪٿي مون کي نقصان نه پھچي، اُن ڪري آءٌ پري ٿي ويھان. “
اِھو چئي، ھُو پري وڃي ويٺو ۽ پنھنجي پُٽ کي حڪم ڏنائين ته ”تون پئسا تقسيم ڪر.“ اڃا پيتين جا تالا ئي نه کُليا ھئا ته لِڪي ويٺل سپاھي مورچن مان نڪتا. اُنھن کي پھرئين ئي اشارو ملي چُڪو ھو ته روپين تورڻ واري ساھميءَ ۾ پئسن بجاءِ ھر ارغون جي سِسي توري وڃي، ۽ ڪنھن به ارغون کي جيئرو واپس وڃڻ نه ڏنو وڃي. مرزا باقيءَ جي سپاھين اھڙو ته زورائتو حملو ارغونن تي ڪيو ۽ اھڙو ته ارغونن جو قتلام ڪيو، جو ھڪ به ارغون جيئرو نه بچيو. پوءِ اُنھن جون سِسيون وڍي، ديوان خاني جي درين مان ٻاھر اڇلايون ويون. باقي عام ارغون خلق، جيڪا قاضي خميسي وٽ ويٺي ھئي، تن جي قتلام ۾ قاضي خميسي به ڪا ڪَسر ڪانه ڇڏي. ايتري قدر جو ھڪ به ارغون قلعي مان سلامت ٻاھر نه ويو. اُن ڪاروائيءَ کانپوءِ مرزا باقيءَ پنھنجي خاص چمچن کي حُڪم ڏنو ته اوھين ارغونن جي حويلين ۾ وڃو ۽ اُتي قتلام ڪريو، ۽ ھڪ ڏينھن جو تازو ٺاول ٻار ملي ته اُن کي به جيئرو نه ڇڏيو وڃي. مرزا باقيءَ جي حڪم تي ھڪ جماعت، ارغونن جي حويلين ۾ ڪاھي پئي ۽ جيڪو ارغون مليو، اُن کي بيدرديءَ سان ڪُٺو ويو. انھيءَ قتلام مان جيڪي ارغون بچي سگھيا، سي ڀڄي گجرات ھليا ويا. دريائي ارغون ولد شير علي ارغون، اُن واقعي کانپوءِ چوندو ھو ته اُنھيءَ حادثي کانپوءِ ارغونن جو ھيءُ حال ٿيو، جو ھنن کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو نه ھو. جيڪڏھن ڪنھن وٽ گھوڙو ھو ته اُھو بُک سان پاھه ٿي ويو ھو. پراڻي تلوار ۽ ٽُٽل ڪمان کان سواءِ ارغونن وٽ ڪي ڪين رھيو ھو. شڪار تي ھنن جو گذارو ھو، ۽ اھڙي بدقسمتيءَ وارو وقت ھنن تي آيو، جو پيءُ پُٽ کان ۽ پُٽ پيءُ کان وڇڙجي ڏولائي جا ڏينھن گذارڻ لڳو.
اِن حالت ۾ خبرناھي ته ارغون ڪيترو وقت رھيا، پر اڄ ھِن سر زمين تي ”ارغون“ نالي ڪابه ذات موجود نه آھي. اُھا ذات، جنھن ھِن سرزمين تي 32 سالن تائين، ھتي جي عوام جي رت سان راند ڪئي ۽ گھرن کي باھيون ڏيئي ساڙيو ھو!
ارغونن کانپوءِ ڪافي عرصو سنڌ جي ڏکڻ واري حصي تي ترخانن جي حڪومت رھي. ترخان ھتي جي مقامي قبيلن سان مِلي ھڪ ٿي ويا ھئا. ھنن سميجن ۽ سوڍن سان مِٽيون مائٽيون ڪيون. اُن جي باوجود، ھِنن ۾ حاڪمن واري برتري ۽ پنھنجي نسلي اھميت قائم رھي. مرزا باقيءَ جو دور، ھن سرزمين جي عوام لاءِ الاھي قھر کان گھٽ ڪونه ھو. اُھي ترخان حاڪم به پنھنجي حڪومت بچائڻ لاءِ پنھنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي ڍال طور استعمال ڪندا ھئا. مرزا باقيءَ، اڪبري حملي کان بچڻ لاءِ پنھنجي ڌيءُ، حرم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪلي، پر اڪبر اُن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ساڳيءَ ريت مرزا جاني بيگ به اِئين ڪيو. پر مرزا جاني بيگ، پنھنجي ذاتي بُراين جي باوجود ترخانن ۾ چڱو ماڻھو ھو. ھن جي وڏي خوبي سندس ذاتي بھادري ھئي. ھن جي جھنڊي ھيٺ ويھ ھزار سنڌي ۽ پندرھن ھزار ترخان، ھڪ سال تائين مغل فوجن جو وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪندا رھيا. سندس پُٽ غازي بيگ، انتھائي نا اھل ۽ عياش ھو. سندس باري ۾ تاريخن لکيو آھي: ”ھُو رات جو يارھن سالن جي ڪنواري باڪرہ ڇوڪريءَ سان ھمبستري ڪندو ھو. ھڪ رات اُن کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ وري اُن جو منھن به ڪونه ڏسندو ھو. ھن مُلڪ جي مختلف حصن ۾ پنھنجا دلال ڇڏي ڏنا ھئا، جيڪي ھر رات کيس يارھن سالن جي ڇوڪري آڻي ڏيندا ھئا.“ شيخ فريد بکريءَ لکيو آھي ته: ”جڏھن غازي بيگ قنڌار جو گورنر ٿي ويو، تڏھن سندس ماءُ ٺٽي مان ٻارھن سؤ خوبصورت ڪنواريون ڇوڪريون اھڙيون وٺي وئي ھئي، جن جي عمر ٻارھن سالن کان گھٽ ھئي. اھي ڇوڪريون، ھن قنڌار ۾ پنھنجي پٽ کي عياشيءَ لاءِ تحفي طور ڏنيون. جن سڀني کي غازي بيگ پنھنجي بستري جي زينت بڻايو. ياد رھي ته مرزا جاني بيگ اغلام باز ھو ۽ ھن پنھنجي محل ۾ ڪيترن خوبصورت ڇوڪرن کي زنانا ڪپڙا پارائي، ويھاري ڇڏيو ھو.“
ترخانن کان پوءِ ھتي مغل تسلط جو دور شروع ٿيو. ان دور ۾ مغلن جا ظلم پنھنجي انتھا تي ھئا ته سنڌين جون بغاوتون، ارڏايون، سرڪشيون ۽ آزاديءَ لاءِ ڪوششون به پنھنجي جوش ۽ جولان تي ھيون. مغل ھن سون ورني سرزمين جي دولت تان ڪنھن به صورت ۾ ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ھئا. ان لاءِ ھنن ھتي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ سنڌين جي سِسين جا لابارا ڪرايا. سِسين جا مُنارا ٺھرايا. مَردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن کي نه صرف قيد ڪيو، پر انھن کي گجرن ۽ بصرن وانگر مارڪيٽن ۾ وِڪيو. انھيءَ دور تي ”تاريخ مظھرشاھه جھاني“ سُٺو دستاويز آھي. انھي دستاويز جي فاضل سنڌيڪار، نياز ھمايونيءَ، مصنف جي باري ۾ پنھنجي راءِ ڏيندي لکيو آھي ته: ”اسان ھن مورخ (يوسف ميرڪ) جا ٿورائتا آھيون، جو ھن ”مغل شاھي“ جي پھاڙ سان ٽڪرائيندڙ غيرتمند، بھادر ۽ وطن دوست سنڌين جو طويل تر داستان ڪنھن به ريت قلمند ڪيو آھي.“
وطن دوست سنڌين جي انھيءَ طويل تر داستان جي ترتيب ۽ تنظيم ۾ گھڻو ڪري سنڌ جي ھر قبيلي، پاڙي ۽ ذات حصو ورتو آھي.ان داستان جي رنگيني ۽ سنگينيءَ ۾ پوري سنڌ شريڪ رھي آھي. ان سان گڏ سنڌين تي ظلم ڪرڻ ۾ به ھر ٻاھريون حاڪم، ان جو جاگيردار ۽ گورنر، عالم ۽ دانشور ۽ به ھڪجيترو ڪوشان رھيو آھي- پوءِ ذاتي طرح اھو کڻي ڪيترو نمازي، حاجي ۽ ديندار، خان يا سيد، قاضي ۽ مورخ ڇونه ھجي. تاھم ان داستان جي پوري زينت ۽ زيبائش تي انڙ، سميجا، شورا، ٻبر، دل، نومڙيا ۽ چانڊيا ڇانيا پيا آھن. ان داستانِ آزاديءَ جو جرتمندانه داستان سميجا ئي آھن. جن پوري مغل شاھي دور ۾ ھڪ ڏينھن لاءِ به دستبرداريءَ جو تصور ئي نه ڪيو. ٻئي طرف چانڊيا آھن، جن مغل شاھيءَ سان اھي ساڳيا نمونا اختيار ڪيا، جيڪي مغلن سنڌي ماڻھن سان اختيار ڪيا. مغلن سنڌي ماڻھن کي غُلام ڪري وڪيو، ته چانڊين وري مغلن ۽ انھن جي وفادارن کي قيد ڪري نيلام ڪيو. ان ڪري، مغل تاريخ لکندڙن، چانڊين کي ”حُر فروش“- يعني آزاد ماڻھن کي وڪڻندڙ- جو لقب ڏنو. ڄڻ ته آزاد صرف مغل ۽ سندس دلال ھئا، باقي سنڌي ماڻھو پيدائشي غلام ھئا، جن جو وڪرو شريعت محمديءَ مطابق جائز ھو.
مظھر شاھجھانيءَ جي مصنف، يوسف ميرڪ، جيتوڻيڪ سنڌين تي ٿيل ظلم جو داستان انتھائيءَ ھوشياريءَ سان قلمبند ڪيو آھي، پَر ھو پاڻ ڪيترين جاين تي سنڌين کي قتل ڪرائڻ ۾ شريڪ به رھيو آھي- ۽ ڪتاب ۾ جتي به سنڌي ماڻھن جي ڪنھن بغاوت جو ذڪر ٿو ڪري، اتي ھن کي انھن بغاوت ڪندڙن سان رتيءَ برابر به ھمدردي ڪانه ٿي ڏسجي، الٽو مغلن جي طرفداري ڪندي انھن باغين کي گار گند ڪندو رھيو آھي. ڪٿي ڪٿي ھِن ھر انھيءَ مغل نواب کي ساراھيو آھي، جنھن سنڌين کي وڌ کان وڌ قتل ڪيو ھو. انھيءَ سلسلي ۾ ھُو پنھنجي ڀاءُ مير ابوالبقا جي سيوھڻ ۽ ٺٽي واريءَ نوابيءَ جي دور کي سنڌ جي تاريخ جو سونھري دور ٿو سڏي. حالانڪ، ڀاڻس سنڌين سان جيڪي ڀال ڀَلايا، تن جو تمام ھلڪو ۽ مختصر خاڪو ھن ريت آھي:
1. ھن، جاگير داروبند جبل وٽ 322 دَل قتل ڪيا.
2. ھن اَمير، شاھه ڳڙھه قلعي ۾ 1200 اُنڙن کي سندن سردار طالب اُنڙ سميت قتل ڪري ڇڏيو.
3. ھن ويرا ون ۾ 500 سميجن کي قتل ڪيو ۽ ڪيترن کي قيدي بڻايو.
4. ھن اميرَ اوچتو حملو ڪري، ٻُگھين جو پورو قبيلو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
5. مغلن جي ھِن نوابَ؛ ھڪ ڀيرو چانڊين جو قتلام ڪيو، جيتوڻيڪ قتل ٿيل چانڊين جو تعداد نه ٻُڌايو ويو آھي.
6. نصرپور جي پسگردائيءَ ۾ ھن اميرَ، اُنڙن جون 3000 ھزار ڍڳيون تلوارن سان ڳترا ڳترا ڪرائي ڇڏيون.
7. ڪاڏوھر ڍَنڍ وارن ڳوٺن تي حملو ڪري، مير ابوالبقا منگواڻن ۽ راھوجن جا 22 ماڻھو قتل ڪيا.
8. سميجن جي ڳوٺن مان مير صاحب، 3000 ھزار ڍڳيون اُن وقت ڦُريون، جڏُن پاڻ بدلي ٿي وڃي رھيو ھو.
9. ھالن ۾ مير صاحب ڪيترن سميجن کي قتل ڪيو ۽ سندس پُٽ وري درٻيلي ۾ بيشمار سميجن کي ڪُٺو.

يوسف ميرڪ جو ٻئي نمبر تي ساراھيل، نواب شمشير بيگ آھي. اھو نواب ”مظھر شاھجھاني“ جي مصنف جو ذاتي دوست ھو، ۽ ھرڪو حملو ميرڪ جي صلاح سان ڪندو ھو. يوسف ميرڪ، سنڌين کي قتل ڪرڻ لاءِ صلاحون ۽ مشورا ڏيڻ وقت، ھڪ عالم، اديب، شاعر ۽ مصنف جي بدران اول درجي جو جلاد ۽ سفاڪ نظر ٿو اچي. اِنھيءَ جلاد صفت عالم جي صلاح ۽ مشوري سان مغل فوج ڳوٺ ويراون تي اوچتو حملو ڪري، ھڪ ھزار سميجا ماريا ۽ ست سؤ ھڪ ئي ڌڪ سان گرفتار ڪيا. وڏي ڳالھ انھن سڀني مغل صوبيدار شمشير بيگ کي بيڏوھي ٿي سمجھيو. انھيءَ ساڳئي معرڪي ۾ يوسف ميرڪ ۽ شمشير بيگ ھڪ ھفتو وينجھري واري قلعي ۾ ترسيا پيا ھئا، ۽ روزانو ڇھ سؤ سميجن جون سِسيون وڍائيندا رھيا. اِن حساب سان اِنھيءَ رتوڇاڻ ۾ پنج ھزار ٻه سؤ سميجا ماريا ويا، ۽ ھڪ سؤ ھوسڙن ملاحن کي لاکاٽ ڀرسان ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. سنڌ جي ھن ”درد مند ۽ معصوم مورخ“ اڃا به ٻه مھينا اِنھيءَ جاءِ تي ترسي، سميجن جي قتلام جاري رکڻ تي زور ڀريو. پر مغل صوبيدار اھا ڳالھ نه مڃي، جنھنڪري سنڌ جي ھن قاضي قادن کي ان جو افسوس سڄي عمر رھيو. انھيءَ مورخ جي چُرچ تي شمشير بيگ، باريجن تي حملو ڪرايو، جنھن ۾ سوين باريجا، سندن بھادر سردار قاسم باريجي ۽ سندس پُٽن سميت وڙھندي شھيد ٿي ويا.
اِھو ته آھي ھلڪو ۽ مختصر خاڪو، پر ھُونئن به جتي ڪنھن معرڪي ۾ سنڌي قتل ٿيا آھن، ته ”پرھيز گار مصنف“ ان تي خوشيءَ وچان کڳيون ھنيون آھن- ۽ جتي به سنڌي بچي ويا آھن، اتي ھن مغل فوجن جي نااھلي تي ڪٽڪيون کائي، پنھنجي پياري ڀاءُ جي خونخواريءَ ۽ درندگيءَ کي ياد ڪري، ٿڌا ساھه ڀريا آھن: ته ڪاش! اُھو ھجي ھا ته اِھي حملي آور ائين نه ڀڄي وڃن ھا، ڇو ته سرڪش سنڌين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي ۽ نجات آھي!
جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته محب وطن سنڌين، مغل دور حڪومت ۾ جيڪو بھادريءَ ۽ قومي غيرت جو طويل داستان ترتيب ڏنو، تنھن ۾ سنڌ جي ھر قبيلي ۽ ذات حصو ورتو؛ پر انھيءَ داستان جي اصلي زينت ۽ زيبائش سميجن جي ئي غيرت مند خُون سان ٿي آھي. ان ڪري، يوسف ميرڪ انھيءَ قبيلي کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڪتاب ۾ شاھجھان بادشاھه کي خاص مشورا ۽ ھدايتون ڏنيون آھن. اِھو چڱو ٿيو، جو ھُو پنھنجو ڪتاب بادشاھه جي خدمت ۾ پيش نه ڪري سگھيو. ٻي صورت ۾ خبر ناھي ته ھن دور ۾ چانڊين، سميجن ۽ نومڙين جو بڻ بڻياد ھجي ھا الائي نه- ھن جي مشورن مان اسان کي ھڪ طرف سميجن جي طاقت جي خبر پوي ٿي، ته ٻئي طرف اُنھيءَ عظيم وطن دوست طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ يوسف ميرڪ جي بيرحميءَ ۽ سفاڪيءَ جو پڻ پتو پوي ٿو. چنانچه ھُو سميجن جي باري ۾ لکي ٿو:
”جيڪڏھن چانڊين ۽ سميجن جي اڳي پوءِ پاڙ پٽڻي آھي ته ھڪ سمجھدار ۽ اثر رسوخ واري ماڻھوءَ کي پنھنجي پاسي ڪري، کيس ڳاھن ۽ جوڻيجن واري آباد علائقي سان گڏ خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جون غير آباد ايراضيون به جاگير ۾ ڏيئي، مٿس اِھو ڪم رکيو وڃي ته ھُو ٻنھي قومن سان پوريءَ طرح پُڄي اچي ۽ کانئس ڪابه مُنھن موڙَ ڪن ته انھن کي ٻن طريقن سان ٺيڪ ڪري سگھي. (1) شاھي فوجن کي حُڪم ڏنو وڃي ته چئن ئي پاسن کان ھنن بدبختن تي گھيرو ڪري وڃن. سرڪاري وصولي ڪندڙ بي ڊپا ماڻھو بکر واري جاگيردار جا سپاھي ساڻ ڪري، در ٻيلي پرڳڻي جي ڳوٺ گڙنگ ۾ اچي پڙاءُ ڪن. ھوڏانھن ٺٽي مان سپاھه گھرائي، ھالا ڪنڊيءَ جي پرڳڻي واري ڳوٺ ابڙيجن ۾ ٿمائي، جيسلمير جي راجا کي تاڪيد ڪيو وڃي ته ھڪدم پنھنجا ماڻھو وٺي اچي ھنن فسادن جي انھن ٿاڪن ۾ بيھاري ڇڏي، جيڪي جيسلمير جي ڀٽن ۾ کين ڀاڄر دوران ڪم اچن ٿا. اھڙي طرح سيوھڻ جي جاگيردار تي اھو ڪم رکجي ته ھُو پنھنجي سپاھه کي خطي پرڳڻي جي ڳوٺ ڪاڪي ۾ جائيتو ڪري، جيئن چئن ئي پاسن کان ھنن رھزنن کي اَن جو داڻو به نصيب نه ٿئي ۽ سندن راھون اھڙي طرح رد ٿي وڃن، جو پنھنجا ڍور ڍڳا توڙي ٻار ڪڍي نه سگھن. (2) جن به وڏيرن ھنن ھنگامن ۾ انھن جو پاسو وٺي، ساڻن رشتا ناتا ڪيا آھن، تن کي کانئن الڳ ڪيو وڃي. اُن لاءِ ھر ھنڌ پڙھو ڏياري ماڻھن کي چتاءُ ڏجي ته: ”جنھن به ڳوٺ يا گھر ۾ سميجا اُنڙ پناھي ھوندا يا سندن مال، عيال، يا ٻيو سامان ڪنھن وٽ به موجود ھوندو، ته خبر پوڻ شرط اُن ڳوٺاڻي يا گھر جي مالڪ کي به اُنھن رھزنن وانگر ڦاھيءَ چاڙھي، سندن مال اسباب ضبط ڪيو ويندو. ھن باري ۾ ڪنھن به ماڻھوءَ جو لحاظ نه رکڻو پوندو.“ انھيءَ ڏھڪاءَ وسيلي سنڌ جا وڏيرا، سرڪاري دٻاءَ ۾ اچي، ذڪر ڪيل رھزنن سان رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيندا، جيڪي ھن کان اڳ ساڻن ڳنڍي چڪا ھئا. ۽ پوءِ اڳ وانگي کين اک ۾ رکي، سندن بڇڙاين جو کُتو جواب ڏيڻ لڳندا. جيڪڏھن ھڪ ھزار بھادر سوار ڀلن گھوڙن ۽ پنچ سؤ پاڻيءَ ڀريل اُٺن سان سميجن تي چاڙھي موڪليا وڃن ته ھي نامُراد مُنجھي مَرن، ۽ کين پتو پئجي وڃي ته بدمعاشيءَ جي ڪھڙي سزا آھي. پنج ڇھ ھزار پاڻ، سندن زالون ۽ ٻار ڪُل ويھن ھزارن تائين ٿيندا، سي آخر ڪيڏانھن ڀڄي سگھندا؟ ليڪن شرط ھيءُ آھي ته سندن واھون بند ڪيون وڃن. ان کانسواءِ، کين لِڪڻ لاءِ به ڪا جاءِ ڪانه آھي، ڇو ته ھُو گھڻو ڪري پوک ۽ پاڻيءَ واري ھنڌ تي رھن ٿا؛ جنھن ڪري ھر ھنڌ آسانيءَ سان ھٿ اچي سگھن ٿا. شاھي لشڪر جڏھن به مٿن ڪڙڪيو ته ھي ٻارين ٻچين موت جي مُنھن ۾ اچي ويندا. ڪيترن کي قيد به ڪري سگھجي ٿو. سندن مال مڏي تاراج ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڇڙوڇڙ ٿين، تن کي چئن ئي پاسن کان فوجي گھيري ۾ آڻي، ٻَڌي قابو ڪيو وڃي. اڃا به ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪو ھٿان نڪري ويو ته آخرڪار ڪڏھن ته ڦاسندو- ملڪ ۾ پَڙھو گھمايو وڃي ته ڪوبه سميجو، سندس زال يا مالُ، جنھن کي به ھٿ اچي ته اُنھن تي قبضو ڪري ۽ نه ڇڏي. ان لاءِ رعيت ۽ سپاھه کي اھڙو حڪم ڏنو وڃي.

مذڪور مصنف، اھو مشورو صرف سميجن لاءِ نه ڏنو آھي، پر سنڌ جي ھر باغي ۽ محب وطن قبيلي ۽ ذات لاءِ اھڙا رايا ۽ صلاحون، سندس زرخيز ذھن ۾ بيشمار موجود ھيون؛ جيڪي ھر سرڪش قبيلي جي ذڪر کانپوءِ مناسب موقعي ۽ مھل تي ڏيندو رھيو آھي. حقيقت ھيءَ آھي ته دنيا جي ھر مھذب يا وحشي فاتح جي وڏي ۾ وڏي خواھش اِھا ھوندي آھي ته کيس صرف مفتوح مُلڪ جي سر زمين، پنھنجي تمام پيداواري سميت گھرجي. باقي ماڻھن سان ھن کي ايتري حد تائين دلچسپي ھوندي آھي، جيسين تائين اھي بھترين فرمانبردار غلام ۽ مزدور ٿي، اُن سر زمين جي پيدائش کي فاتح جي خزاني ۾ منتقل ڪن. جڏھن به ڪنھن ديس واسيءَ ۾ فرمانبردار غلام ۽ مزدور جي بجاءِ پاڻ مالڪ ٿيڻ جي خواھش پيدا ٿي، ته پوءِ ان جي اھميت ھڪ ماڻھوءَ واري حيثيت سان فاتح وٽ ختم ٿي ويندي آھي. اِن سلسلي ۾ ھيءَ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته ھڪ فاتح کي به مفتوح مُلڪ جي سر زمين پياري ھوندي آھي. پر اُھو پيار اھڙو ھوندو آھي، جھڙو ھڪ عياش ماڻھوءَ کي پنھنجي سُريت سان ھجي. اھو پيار ان وقت تائين ھلندو، جيسين تائين اُن عورت جي جسم ۾ جسماني ڪشش ۽ سونھن ھوندي؛ ۽ جڏھن به اُھي شيون ختم ٿيون ته ھُو وري ڪنھن ٻيءَ کي تاڙيندو. اُن جي ابتڙ ھڪ محب وطن ماڻھوءَ کي پنھنجي سر زمين سان اھڙو پيار ھوندو آھي، جھڙو ھڪ سُلڇڻي ۽ سدوري پُٽ کي پنھنجيءَ ماءُ سان ھوندو آھي.

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن، سنڌ کي ھڪ سُريت جي روپ ۾ رکڻ پئي چاھيو. ھنن کي صرف سنڌ جي دولت، زراعت ۽ پيدائش سان واسطو ھو ۽ ھنن اُنھن سنڌين کي پسند ٿي ڪيو، جيڪي سندن فرمانبردار غلام ۽ بھترين مزدور واري حيثيت ۾ رھڻ لاءِ تيار ھئا. باقي جن به ان حيثيت ۾ رھڻ کان انڪار ٿي ڪيو، سي فسادي، عوام دشمن ۽ قتل لائق ھئا.

جھڙيءَ ريت، يوسف ميرڪ مشورا پئي ڏنا، اھڙا مشورا سنڌين کي تباھه ڪرڻ جا کانئس اڳ ۾ ٻيا عالم فاضل ۽ دانشور به ڏيندا پئي رھيا. جيئن تاريخ سنڌ ۾ آھي ته: مرزا شاھه بيگ ارغون، جڏھن سلطان محمود کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو ته اتان جي مَھم مقامي سيدن کي سونپيائين. اُن سان گڏ ڌاريجن جي ڪن پڳدارن کي حڪم ڪيو ويو ته ھُو پڻ بکر جي قلعي ۾ اچي رھن، پر محب وطن ڌاريجن انھيءَ حڪم جي پوئواري نه ڪئي ۽ پنھنجي مُنھن ماڻھو ميڙي، جنگ جوٽڻ جا سانباھا ڪرڻ لڳا. سندن ڪوشش اِھا ھئي ته ڪيئن به ڪري سلطان محمود جي مغز مان ھوا ڪڍي وڃي. جيئن ھُو سنڌ جا وڻ ڇڏي ويندو رھي. انھيءَ ارادي سان ھنن ارغونن کي مالي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نه رڳو اھو، پر ٻين ڪيترن معاملن ۾ ھنن وطن دوست ماڻھن ارغونن سان عدم تعاون وارو رويو اختيار ڪيو. سلطان محمود جا جيڪي به گُماشتا وٽن ٿي ويا، ته انھن جي مٿي ۾ ڌوڙ وجھي واپس ٿي ڪيائون. پڇاڙيءَ ۾ پنھنجا ڪٽڪ سنبرائي، سلطان محمود جيڪو اڃا ٻارھن ورھين جو مَس ھو(*) سو تِيسي ۾ اچي، ڏند ڪرٽي، ڌاريجن سان وڙھڻ لاءِ وَٽ کائيندو رھيو، پر سيد سڳورا کيس اوڀاريون لھواريون ڏئي روڪيندا پئي آيا. ھوڏانھن ڌاريجن ٻه ڀيرا سِٽ ڪئي ته درياءُ اُڪري، قلعي ۾ داخل ٿي، سطان محمود کي ڳٿڙ کان جھلي اچن، پر ايتري ۾ بکر جي سيدن کي کڙڪ پئجي ويئي، جن قلعي جا سڀ گھَٽ سوگھا ڪري، ڌاريجن کي مُنجھائي ڇڏيو، ۽ ھُو سيدن کي سامھون ڏسي مُڙي ويا.
(*) ھِتي سلطان محمود جي عُمر 12 سال غلط ڏيکاريل آھي. سلطان محمود جي ڄمڻ جو سال حسام الدين راشديءَ 898ھه لکيو آھي، ۽ جنھن واقعي جو ذڪر ھلي رھيو آھي، سو 927ھه ۾ پيش آيو آھي. ان صورت ۾ اِن واقعي وقت سلطان محمود جي عمر 29 سال ھئڻ گھرجي، نه ڪي ٻارھن سال. اھا ساڳي حالت فاتح سنڌ ابن قاسم جي عُمر جي باري ۾ آھي. رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت سنڌ“ ۾ سندس ڄمڻ جو سال 24 ھجري لکيو آھي، ان حالت ۾ سنڌ تي حملي وقت ابن قاسم پوڙھو ھئڻ گھرجي.
ھوڏانھن شاھه بيگ ھاڻي سنڌ ۾ پھچي چڪو ھو. سلطان محمود، جيڪو انھيءَ اوسيئڙي ۾ ھو، تنھن پنھنجي ھڪ ساٿيءَ جوجڪ بابا کي پيءُ ڏانھن موڪليو ته وڃي کيس سڄي واردات کان واقف ڪري. پڻس مير فاضل اھو احوال جيئن جو تيئن شاھه بيگ جي ڌيان تي آندو- ۽ کانئس موڪل وٺي، ڏھه ويھه سوار ساڻ ڪري، چانڊڪا وٽان پاڻي جھاڳي، پنھنجي سردارن ۽ مقدمن جي دل ٻڌرائيندو، منزلون ھڻندو، جڏھن بکر جي پسگردائيءَ ۾ پھتو، تڏھن لالو مھر، ھڪ وڏيرو پنھنجي برادريءَ سوڌو سندس قدمن ۾ اچي ڪريو. ھن جي معرفت ڌاريجن جي پرين مُڙسن کي صلح جي بھاني جتان ڪٿان گھُرائي، پاڻ سان کڻندو ويو. نيٺ ڌاريجن جا 47 سرڪردا ماڻھو ساڻ ڪري بکر ڀيڙو اچي ٿيو. اُتي سلطان محمود، ھنبوشيون ھڻندو، اچي پيءُ جا پيرَ چمڻ لڳو.
شاھه بيگ ارغون کي جڏھن خبر پيئي ته مير فاضل سلامتيءَ سان بکر پھچي چُڪو آھي، ته جتي ھو، اُتان راتو واہ بکر ڏانھن لُوھه ڪيائين ۽ اچي واٽ تي سکر ۾ ساھي پٽيائين. سلطان محمود ھڪدم بکر مان وٽس پھچي، سندس قدم بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو. کيس انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو. اُنھيءَ موقعي تي ھن ڌاريجن خلاف شاھه بيگ جا چڱيءَ طرح ڪَن ڀريا. ھوڏانھن ڌاريجا صُلحَ جي انتظار ۾ ويٺا ھئا، ته ڪڏھن ٿي ڳالھ ٻولھ شروع ٿئي. شاھه بيگ سڄي روئداد ٻڌڻ کان پوءِ مجلس ۾ موجود سنڌ جي بزرگ، قاضي قادن ڏانھن ڪنڌ ورائي، اِنھيءَ خيال سان ڏٺو ته ھن باري ۾ سندس صلاح ڪھڙي آھي. قاضي قادن جھڙي چڱي مُڙس ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته:
”قبلا سائين! سنڌ جي سرزمين سيلابي آھي. ھتي جيئن ته ڪانڊيرا گھڻا ٿا پيدا ٿين، تنھنڪري ضروري آھي ته کھيڙو ھميشه ھٿ ۾ ھئڻ گھرجي.“ شاھه بيگ تَتو ته اڳ ۾ ئي ويٺو ھو، سو قاضي قادن جي چُرچ تي ڌاريجن جي قتلام جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. سلطان محمود حڪم جي تعميل ۾ ھڪدم ڊوڙي شھر پھتو ۽ اوڏيءَ مھل بنا ڪنھن ويرم جي صلح جي انتظار ۾ ويٺل ڌاريجن سِسيون ڌڙ کان ڌار ڪرائي، اُنھن کي ھڪ مٿاھين ٺُل تان ھيٺ اُڇلارائي ڇڏيائين، جيڪو اڃا تائين خوني بُرج جي نالي سان مشھور آھي. سنڌ جي محب وطن ماڻھن جو اھو قتلام، ربيع الاول 927ھه ۾ ٿيو.
ارغون حڪومت ۾، اِنھيءَ واقعي کان وڌيڪ مڪر ۽ فريب سان ڀرپور ھڪ ٻيو واقعو به ٿيو، جنھن ارغون حُڪمرانن جي دينداريءَ، مسلمانيءَ ۽ شرافت جا سڀ پڙدا ڦاڙي، کين اصلي وحشي صورت ۾ اگھاڙو ڪري، تاريخ جي مُجرمن واري ڪٽھڙي ۾ آڻي بيھاريو آھي. اِھو واقعو آھي سنڌي بلوچن جو قتل عام--- جنھن جو سرسري ذڪر ارغونن جي ظلمن جي فھرست ۾ ڪيو ويو آھي. پر ھِتي اُن کي پوري تفصيل سان ان ڪري نقل ڪري رھيو آھيان ته جيئن خبر پوي ته مير معصوم بکري توڙي يوسف ميرڪ جھڙن مؤرخن، اھو واقعو نقل ڪندي به ارغون فاتح جي لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ ذرو به ڪاوڙ يا نفرت محسوس نه ڪئي. الٽو ميرڪ صاحب ته انھيءَ واقعي تي خوشيءَ جو اظھار ڪندي، باقي رھيل ٻروچن جو صفايو ڪرڻ جا قيمتي مشورا ڏنا آھن:
سنڌ جي مغل ۽ ارغون دور جي انتظامي تقسيم مطابق ھاڻوڪي جيڪب آباد ضلعي جو ڪافي حصو جتوئي پرڳڻي جي نالي سان سڏبو ھو. اِنھيءَ پرڳڻي جا رھاڪو توڙي سردار، بلوچ ھئا؛ جن ۾ جتوئي، بڙدي، ڪورائي، داردشت، لولئي، شَر ۽ ٻيا شامل ھئا. اُھي ھميشہ کان وٺي محب وطن ۽ دلير رھيا ھئا. ھنن جي رڳن ۾ رَتَ جي بدران ڌارين ۽ غاصبن خلاف باھه جون ڄڀيون ڊوڙيون ٿي. ھر دور جي ڌارين ۽ غاصب حاڪمن جي خلاف آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جو جھنڊو، ھنن جي ھٿن مان ڪڏھن به نه ڪريو. ھنن ھميشہ ھن اُصول تي عمل ڪيو ته:
ڪنڌ مَ جھُڪائج ڪڏھين، سِر ويو سَھساءِ!
جڏھن شاھه بيگ ارغون بکر تي قبضو ڪيو ته ھن کي جتوئي پرڳڻي جي ٻروچن پنھنجو حاڪم ۽ بادشاھه مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ سندس خلاف بغاوت جون رٿون رٿڻ لڳا.
شاھه بيگ بکر جي قلعي جي اڏاوت وقت راڄن جي چڱن مڙسن کي ڪوٺائي، ھيڪاندا ڪري، کانئن اُنھن بلوچن جي باري ۾ صلاح ورتي، جن ڪڏھن به آڻ نٿي مڃي. سڀني جي صلاح (قاضي قادن ضرور ھوندو) کان پوءِ اِھو فيصلو ٿيو ته انھيءَ قوم جي باھه کي ترار جي پاڻيءَ سان اُجھائي ڇڏڻ گھرجي. آخر ڳالھ اچي اتي بيٺي ته ھنن جي ھر وسنديءَ ۾ ڪافي ماڻھو ٽيڙي پکيڙي ڇڏجن، جيڪي سدائين لھ وچڙ ۾ ايندا رھن؛ اُن کان پوءِ عين موقعي تي اشاري ملڻ شرط اُنھن جو ٻوٽو گار ڪرائي ڇڏجي. اھڙيءَ ريت ھر ھنڌ ماڻھن جي مقرريءِ بعد وقت جو انتظار ڪيو ويو ۽ موقعي ملڻ تي ھڪ ئي ڌَڪ سان ڪيترن جون سِسيون ڌڙ کان ڌار ٿي ويون ۽ اِئين اک ڇنڀ م ٻروچن جي ٻائيتاليھ ڳوٺن جا ماڻھو موت جي ٻوھي ۾ اچي ختم ٿي ويا.
اھو واقعو لکڻ کان پوءِ ميرڪ صاحب فرمائي ٿو، ”اِنھيءَ واردات کان پوءِ اُتان جي ٻين ماڻھن ته مڙئي لُڙ گوڙ ڇڏي ڏنو آھي ۽ پابندي سان سرڪاري ڍل پُڄائيندا رھن ٿا، پر بڙدي بلوچن جو اڃا ڪروڌ ۾ مُنھن آھي. اُھي دريءَ نالي قلعي ۾ رھن ٿا ۽ جاگيردار جي ھلڪي ڪَن مھٽ سان ھيڪر سڌا ٿي وڃن ٿا.“
ڏٺو اوھان، ته محب وطن عوام جي ايتري قتل کان پوءِ به ميرڪ صاحب اڃا ڌارين آقائن کي مشورا ڏيئي رھيو آھي ته اڃا به انھيءَ عوام جي ڪَن مھٽ ٿيڻ گھرجي! ھِن جي اھا روش، ھر اُنھيءَ جاءِ تي نظر اچي ٿي، جتي سنڌي عوام فاتحن سان ڪا مزاحمت ۽ مخالفت ڪئي آھي. مثال طور، آءٌ ھتي ڪڪڙي، درٻيلي، چانڊڪا ۽ ٽَڪر پرڳڻي جي عوام جو سرسري ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان:
برِصغير جي ھاڪاري حاڪم اڪبر جي فوجن جڏھن 982ھه ۾ بکر تي قبضو ڪيو، اُن وقت باوجود مغلن جي دھشت، خونريزيءَ ۽ سفاڪيءَ جي مشھوريءَ جي، (جيڪا اِن حد تائين پھتل ھئي، جو فاتح مغلَ، مفتوح ماڻھن جون سِسيون لاھي، اُنھن جا منارا ٺھرائيندا ھئا. انھيءَ چنگيزي سُنت تي اڪبر پاڻ به شوق سان عمل ڪندو ھو) سنڌي ماڻھن سِر تان آھو پلي، فاتح مغل سان مھاڏو اٽڪائڻ پنھنجو قومي ۽ وطني فرض سمجھيو. اڪبري درٻار طرفان مير عدل، 11- رمضان، 983ھه تي بکر ۾ گورنر ٿي آيو.
اُن وقت سنڌ جي مڱڻيجا قبيلي، مغل حاڪم جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪيو. تاريخ معصوميءَ لکيو آھي ته: ’مير عدل بکر پھچڻ شرط رعيت سان ڏاڍيون سختيون ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو ھن داڻيبنديءَ جو بھانو ڪري، پنھنجي اُرھه زورائيءَ سان ھڪ جريب پٺيان پنج مڻ محصول مڙھي ڇڏيو، ۽ پوکي راھيءَ تي اھڙا ماڻھو مقرر ڪيائين، جن ماڻھن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي. ان ڪري، مڱڻيجا مڇرجي پيا، ۽ اُنھن قھري حڪمن کان مُنھن موڙي، اڳو پوءِ جھيڙي جا جتن ڪرڻ لڳا. مير عدل جي ڪارندن جڏھن ڏٺو ته ڳالھ زور وٺي ويئي آھي، تڏھن گنبذ ۽ ڀچراھه نالي ٻن ڳوٺن جي وچ ۾ ھڪ قلعي ۾ وڃي مورچا ٻَڌي ويھي رھيا. ٻئي پاسي مڱڻيجا به لاھي پاھي مٿن تِيرن جو وسڪارو ڪرڻ لڳا. اُنھيءَ مارا ماريءَ ۾ مير عدل جا ڏاڍا ماڻھو مئا، جن کي مڱڻيجا ٽنگن کان جھلي، قلعي واري ڪِني کوھه ۾ ڦٽو ڪندا ويا. پڇاڙيءَ ۾ ھڙيئي ڪافر مومن کوھه ۾ ٿانيڪا ڪري، اُن کي لَٽي ڇڏيائون. مير عدل کي جڏھن خبر پئي ته سندس سوھين اھا کيپ کٽي آھي ته ھڪدم پنھنجي پُٽ سيد ابوالفضل کي لشڪر سان گڏي، ويرَ وٺڻ لاءِ ڊوڙايائين. ھوڏانھن مڱڻيجن کي جيئن ئي خبر پئي ته اوسي پاسي ٽڙي پکڙي ويا. سيد ابوالفضل لاچار ٿي، سندن پيڇو ڇڏي، بکر جي قلعي ۾ موٽي آيو. ‘
اُنھيءَ ڪڪڙي پرڳڻي سان لڳ درٻيلي جو پرڳڻو ھو، جتي سھتن ۽ راڄپرن جا راڄ رھندا ھئا. اُھي راڄ به پنھنجي پيدائشي حق خاطر ڌارين جي غلبي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. بکر جي مغل نواب جي اطاعت ھنن جي قومي غيرت واري مذھب ۾ حرام ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھُو ھميشہ بکر جي مغل نواب سان مُھاڏو اٽڪائيندا آيا. 1025ھه جڏھين سيد بايزيد بخاري، بکر جو فوجدار ٿي آيو، تڏھن پنھنجي اصلي دينداريءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ھن پنھنجن پُٽن کي عيد جي ڏينھن سھتن ۽ راڄپرن تي حملي جو حڪم ڏنو. اُن نيت سان ته سنڌي ماڻھو عيد نماز ۾ مشغول ھوندا، ۽ کين قتل ۽ گرفتار ڪرڻ صفا آسان ٿيندو. سيد زادا، يزيدي سُنت تي عمل ڪندي، عيد جي موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان ڪٽڪ ڪاھي، اچي سنڌين تي ڪڙڪيا. نماز ۾ مشغول ڪيترن سنڌين کي قتل ڪري، رھيل مرد ۽ ٻار ٻچا قيد ڪري، وٺي وڃي بکر جي قلعي ۾ بند ڪيائون.
اھي ٻئي واقعا لکڻ کان پوءِ، مغل حاڪمن جي مؤرخن انھن ٻنھي ھنڌن تي سخت چوڪسيءَ جا مشورا ڏنا آھن؛ ۽ پوئين واقعي ۾ سنڌين جي بيدردانه قتلام تي مغل فوجدار جي مذمت ته ٺھيو، پر الٽو سندس ڪارنامي کي ساراھيو آھي.
چانڊڪا ۽ ٽڪر پرڳڻن جي باري ۾، آءٌ ھتي تاريخ ”مظھر شاھجھانيءَ“ مان ھوبھو ٽُڪرو ڏئي رھيو آھيان، جنھن مان ھن مورخ (ميرڪ) جي سنڌين ڏانھن روش جي پوريءَ ريت خبر پئجي سگھي ٿي. ھُو لکي ٿو:
”چانڊڪا پرڳڻو، گھڻو ڪري وڏو پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. ھتي سميجا، ٻُگھيا، سانگي ۽ ابڙا رھن ٿا، جيڪي سڀ طاقتور قبيلا آھن. ھن پرڳڻي جا ماڻھو، ٿوري گھڻي نافرماني ڪندا رھن ٿا. جيڪڏھن بکر طاقتور آھي ته ھتي جي ماڻھن کي فصل لھڻ تي زير ڪري سگھجي ٿو، پر جي لشڪر ۾ ايترو زور ڪونھي ته انھن ماڻھن جو مَن وڌي وڃي ٿو ۽ ھي بيرخيءَ جي روش اختيار ڪرڻ لڳن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪيترين ڳالھين جي ڪري ھنن جي پُٺ مضبوط آھي: (1) ھي گھڻائيءَ ۾ آھن؛ (2) ته سندن ايراضيءَ ۾ جھنگل گھڻو آھي، جنھن ڪري ساڻن مُنھن ڏيڻ وقت جھنگ ۾ اچ وڃ ڏُکي ٿي لڳي؛ (3) ته ھي ماڻھو عام طرح جھنگلي ۽ جابلو قسم جا آھن، جن ۾ بلوچ، مگسي، لاشاري، داردشت، ديناري، رند، ڊومڪي، ڪٽوھڙ ۽ بڙدي اچي وڃن ٿا. اُنھن جو لاڳاپو سبيءَ علائقي سان آھي. ھن ۾ چانڊيا نڀاڳا به آھن، جيڪي وري سيوھڻ واري پاسي سان تعلق رکن ٿا. اُھي جڏھن به پنھنجيءَ تي اچن ته پنھنجا ڍور ڍڳا ۽ ٻار ٻچا جبل ڏانھن اُماڻي، پاڻ جھنگ ۾ گھَٽ تاڙي ٿا ويھن ۽ جيئن لشڪر اُتان لانگھائو ٿئي ٿو ته ھي اوچتو اُن تي ڏاڪا ٻَڌي چڙھي ٿا وڃن. ٽڪر پرڳڻي ۾ سميجن، ٻُگھين ۽ لاکيرن جا راڄ ٿا رھن. ھي به ٻين سميجن وانگر رکي رکي بگڙي ٿا پون. ڪڏھن ته ھي ڏاڍا اَرڏا ھئا، پر ھاڻ منجھن اُھا ڏِنگائي نه رھي آھي ۽ واجبي واجبي طرح ڍل ڀريندا ٿا رھن. چانڊين جي کئونس ھتي به جاري آھي. اُھي ڏاڍا نامُراد آھن، ايتري قدر جو ملھڻن (مغلن) جا ٻار کڻي وڃي وڪڻن ٿا ۽ سندن مال ملڪيت ھڙپ ٿا ڪريو ڇڏين.“
سنڌ ۾ مُغل شاھيءَ سان واسطو رکندڙ ھر عامل، جاگيردار، فوجدار، گورنر، عالم، اديب ۽ تاريخدان اھڙي ھوشياريءَ ۽ ڏاھپ سان سنڌين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جا گُرَ ۽ ھُنر ٻڌائڻ ۾ ھڪ ٻئي کان اڳرو ھو. اُن جي باوجود سنڌي عوام پنھنجي ڌرتيءَ، اُن جي وسيلن ۽ روايتن تي سِر ڏيندو رھيو ۽ ھن کي پنھنجي وقتي مالي مفاد کان پنھنجي روايتن تي سِر ڏيڻ وڌيڪ مانائتو ۽ شانائتو ٿي لڳو.
سنڌيءَ ۾ پھاڪو آھي ته ’تڏي آيل کي خون به معاف ٿي ويندا آھن.‘ اُن جو سنئون سڌو مطلب ھيءُ آھي ته ڪيترو به ڪنھن جو ڪو جاني دشمن ھجي، پر سنڌيءَ وٽ مھمان ٿي آيو ته اِھو وقتي طرح سندن عزيزن کان به وڌيڪ اَجھي ۽ اَمن جو حقدار ٿي ويندو آھي. سام تي سِر ڏيڻ ۽ مھمان کي مانُ ڏيڻ، سنڌين جي قومي روايت رھي آھي. ابڙي سمي، سومرين کي بچائيندي، پُورو خاندان تباھه ڪرائي ڇڏيو ھو. سنڌ ۾ مُغل دور ۾ به اھڙا ڪيترا واقعا ٿي گذريا آھن، جن ۾ سنڌين پنھنجي اُنھيءَ قومي روايت جي بچاءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. اِنھيءَ سلسلي جا ٻه واقعا، تاريخن مان ھتي نقل ڪري رھيو آھيان:
(1) سنڌ ۾ مُغل دور جي تاريخ پڙھندڙن کي چڱي ريت خبر ھوندي ته پنھورن جي سردار بھاءُالدين، سنڌين بجاءِ مُغلن جي طرفداري پئي ڪئي ۽ ھُو محب وطن سنڌين جي ھڪ لڙائيءَ جي اڳواڻ پريي اُنڙ جي شھادت ۾ مُغلن سان گڏ شريڪ ھو. اُن جي باوجود مغلن ٻه دفعا پنھورن جي سردارن کي گرفتار ڪيو ۽ ھڪ دفعو حملو مير پنھور تي تي ڪيائون، جنھن ۾ مير پنھور شھيد ٿي ويو. تنھن ھوندي به پنھورَ مغلن جي مخالف قوتن جي طرفداري گھٽ ڪندا ھئا- پر ھڪڙو اھڙو اتفاق ٿيو، جنھن پنھورن کي مغلن جي صفا مخالف صِف ۾ بيھاري ڇڏيو، ۽ اھو اتفاق، سنڌين جي روايتي مھمان نوازيءَ جي نتيجي طور وجود ۾ آيو. ٿيو ھيئن، جو جڏھن شمس الدين نالي ھڪ مغل سردار، سيوھڻ جو عملدار ٿي آيو ته ھن پنھنجي ھڪ عزيز خواجه عارف کي فوج ڏيئي، باغبان پرڳڻي ۾ ٿيٻن تي ڪاھڻ لاءِ موڪليو. اِھو خواجه عارف، ٿيٻن تي حملي ۾ ناڪام ٿي، اڪبر آباد نالي ڳوٺ ۾ اچي پھتو. اھو ڳوٺ پنھورن جو ھو. جتي پنھورن وٽ ٻه ٿيٻا مھمان ٿي ترسيل ھئا. خواجه عارف اُنھن ٿيٻن کي گرفتار ڪرائي، سيوھڻ روانو ٿيو. پنھورن مھمانن جي گرفتاريءَ جو ٻُڌي، خواجه عارف سان وڙھڻ لاءِ پڙھو گھُمايو، نتيجي طور ڌُريون پاڻ ۾ اٽڪي پيئون. جنھن ۾ مغلن جا ٻارنھن ماڻھو قتل ٿيا ۽ خواجه عارف شڪست کائي ڀڄي ويو. انھيءَ وچ ۾ خواجه عارف ٻنھي قيدين کي قتل ڪري چڪو ھو- اھڙيءَ ريت پنھورن پنھنجي ھڪ ثقافتي روايت کي پاڻي ڏيڻ خاطر مُغل شاھيءَ سان تصادم شروع ڪري ڏنو.
(2) ٻيو واقعو ھن ريت آھي ته: ماٿيلي پرڳڻي جو ارباب عبدالواحد، ٽڪر پرڳڻي جي لاکيرن وٽ مھمان ٿي ٽڪيل ھو. ماٿيلي جي سنڌي ماڻھن تي بکر جي نواب حڪيم صالح کي ڪٽڪيون ھيون، جو اتي جي ابڙن، ٻن مغل گماشتن کي سندن ساٿين سميت قتل ڪري وڌو ھو. جڏھن ٽڪر پرڳڻي جي جاگيردار طاھر محمد کي خبر پئي ته بکر جي نواب جو ھڪ وڏو لاکيرن ۾ آيل آھي ته ھُو اَسي فوجين جو جٿو وٺي، عبدالواحد کي قيد ڪرڻ لاءِ لاکيرن جي ڳوٺ پھتو. جڏھن لاکيرن کي خبر پئي ته سندن مھمان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مُغل فوج پھچي وئي آھي ته ھنن ڇا ڪيو جو وچ ۾ آيل پاڻيءَ جو بند ڀڃي، لشڪر جي چوڌاري گھيرو ڪري، مغل لشڪر تي تيرن جو وسڪارو لائي ڏنائون. اِنھيءَ ويڙھه ۾ لاکيرن مغل جاگيردار سميت سڄي آيل فوج کي قتل ڪري، سڀني جو سامان ۽ گھوڙا به پنھنجي قبضي ۾ ڪيائون.

مغل دور حڪومت اندر، سنڌين ۾ ھڪ خاص روايت جنم ورتو، جا روايت آھي ڊگھي خُوش خير عافيت. اسان جي زماني جا ڪجھ نون خيالن جا ماڻھو، انھيءَ ڊگھي خوش خير عافيت کي اسان جي وڏن جي بيوقوفيءَ واري روايت سمجھندا آھن. پر حقيقت ۾ ائين نه آھي. اُن دور ۾ مغلن جي ايڏي ته دھشت ھئي، جو عام ڳوٺاڻو ماڻھو سنئين سڌي سياسي ڳالھ ڪري نه ٿي سگھيو، ۽ نه وري وڙھندڙ سنڌين جي باري ۾ ڪا خبر چار ئي وٺي ٿي سگھيو. اُن صورت ۾ ھُو ايندڙ مھمان کان سندس، سندس اوڙي پاڙي، مال ملڪيت، سنگت ساٿ ۽ دين ايمان جي باري ۾ پُڇندو ھو. جنھن جو مقصد اھو ھو ته مسافر جِتان جِتان سفر ڪيو آھي، اُتي امن امان جي صورتحال ڪيئن ھئي؟ مُغلن جي ڦرلٽ کان اڃا ماڻھن جو مال سلامت ھو يا نه؟ مغلن جي حملن ۽ سنڌين جي مقابلي جي ڪيفيت ڇا ھئي؟ اھو پاڻ جنھن پرڳڻي جو رھاڪو آھي، اُن جي اوڙي پاڙي وارن پرڳڻن جي عوام جي ڪھڙي حالت ھئي؟ ماڻھن جو قومي غيرت تي ايمان پَڪو ھو يا بيغيرتيءَ ۽ بزدليءَ تي لھي آيا ھئا؟ اھڙيءَ ريت اُھو مسافر جوابي طرح اھڙي خبر چار وٺندو ھو- ۽ اِن نموني، سنڌي اِن مخصوص خوش خير عافيت ذريعي پُوري ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگھندا ھئا.
سنڌي عوام ھر طريقي سان پنھنجي قومي وجود کي سلامت رکڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي، ۽ ڪنھن به صورت ۾ مُغلن جي بالادستيءَ کي دل سان تسليم نه ٿي ڪيو. ھنن جي دلين ۾ غير ملڪي تسلط خلاف ھڪ قسم جي شديد نفرت ھئي ۽ اُن نفرت جو اظھار ھر موقعي تي ويڙھه جي صورت ۾ ظاھر ڪندا ھئا. اُن دور ۾ سنڌين جي مُغلن جي باري ۾ روش، اسان ھنن ٻن بلوچي شاعرن جي شعرن ۾ سموئي سگھون ٿا:
بلوچ شاعر نور محمد چوي ٿو:

توسان منھنجو صُلح اُن وقت ٿيندو:
جڏھن گدڙُ، ڪُڪڙَ ۽ ڪبوتر جو رکوال ٿيندو؛
جڏھن شڪاري چيتو، اُٺ جو محافظ ٿيندو؛
جڏھن باھه ۽ ڪپھ ۾ آتشي ٿيندي،
جڏھن بگھڙ، رڍن جو ڌنار ٿي ويندو،
جڏھن ھاٿيءَ جو قد، آھُر جي داڻي جيڏو ٿي ويندو،
جڏھن مڇيون سُڪل زمين تي زندھه رھنديون.

ساڳيءَ ريت بلوچ شاعر، بالاچ خان، دشمن سان صلح ڪرڻ جي باري ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ھن ريت ڪري ٿو.

دُشمن سان منھنجو صلح اُن وقت ٿيندو:
جڏھن گَـز (وڻ) ۾ ڪنڊا ڄمندا؛
جڏھن نانگن کي پير نڪري ايندا؛
جڏھن ڪانوَ کيرُ ڏيڻ شروع ڪندا؛
جڏھن جھنگلي شينھن گھريلو بڻجي ويندا؛
جڏھن ٻيڙيون ميدانن تي ھلڻ لڳنديون؛
۽ جڏھن (ھٿ جي) تريءَ تي وار ڄمندا.

اِنھيءَ مسلڪ ۽ عقيدي تي ھلندڙ ڪن سنڌين جو داستان، مُون مختلف تاريخي ڪتابن مان ھٿ ڪري، ھن ڪتاب ۾ ڏنو آھي. ھن دفعي جيل جي ماحول ۾ طبيعت اُجھاميل رھي، اُن ڪري طبيعت جي پُوري جوش ۽ جولان سان لکي نه سگھيو آھيان. ھر وقت گھربل ڪتاب به ملي نه ٿي سگھيا، اُنڪري ذھني پريشانيءَ جي عالم ۾ منھنجي عبارت ۾ ربط به نه رھيو آھي. ان جي باوجود، مُون ھي جڏو ڦڏو ڪتاب لکڻ ضروري سمجھيو. مون ھتي جيڪي ڪجھ لکيو آھي، سو ھڪ ساز آھي، جنھن جي ھر تار مان اسان جي شڪست جو آواز ٿو اچي. ھڪ اھڙو چَمن آھي، جنھن جو ھر ٻُوٽو لتاڙيل آھي. ھڪ اھڙيءَ ڇوڪريءَ جي تصوير آھي، جنھن جي عصمت جو دامن تار تار ٿيل آھي. تاھم مون کي پنھنجي شڪست جي اُنھيءَ ساز جي ھر تارَ سان پيار آھي. اُنھيءَ اُجڙيل چمن جي ھر ڪُومايل گل جي اھميت مون وٽ جنتِ فردوس جي گُلن کان وڌيڪ آھي- ۽ مُون ان لَڄ لُٽيل ڇوڪريءَ جو دامنُ، اُن لائق سمجھيو آھي، جنھن کي ھوند حورون به سجدا ڪري پنھنجو مرتبو وڌائين.
قومون پنھنجي شڪستن سان ان ڪري پيار ڪنديون آھن، جو اُھي انھن شڪستن جي کنڊرن تي پنھنجي شاندار، آخري ۽ دائمي فتحيابيءَ جا بيمثال رني ڪوٽ تعمير ڪنديون آھن. اھي پنھنجين ويرانين وارن ھنڌن تي نئينءَ دنيا، نئينءَ ڪائنات ۽ نئينءَ جنت جا شاندار محل تعمير ڪنديون آھن.
اسان کي پنھنجي انھن شڪستن سان اُن ڪري پيار آھي، جو انھن شڪستن ۾ اسان جو سرڪش ۽ باغي عزم، ڪنھن الھڙ جوانڙيءَ جي ڇاتين وانگر تازو، توانو ۽ نئون نڪور ٿي، ھر ڀيري اُڀرندو رھيو آھي. انھن شڪستن اسان جي تاريخ کي لال ڪنوار بڻايو آھي ۽ اسان جي سائي ستابي مُلڪ کي اجرڪ، کھنڀي ۽ ڳاڙھي گھوٽ جو زندہ جاويد روپ ڏنو آھي.
آءٌ سمجھان ٿو ته ڪنھن قوم جو آزاد روح مري نٿو سگھي، پر اُھو ھر ڀيري جُوڻ مٽائيندو، پيڙھي در پيڙھي ھلندو ٿو رھي ۽ آءٌ، اُنھيءَ روح کي نياز جي لفظن ۾ ھيئن دعا ٿو ڪريان:

شل! اُتاھو رھين، اُڀَ جي نيراڻ جيان،
شل! ستارا ڪرين، سانت چانڊاڻ جان،
شل! ڏئين ساءُ، موتئي جي سُرھاڻ جان.

عبدالواحد آريسر
19- ڊسمبر 1979ع