مير پنھور
ٿيو ھيئن جو، جڏھن سيوھڻ پرڳڻي جو ڪجھ حصو گھورئي ھندوءَ کي مليو، تڏھن ھن پنھنجي پُٽ ماڻڪ کي اھو حصو سنڀال لاءِ ڏنو، ماڻڪ انتھائي سرڪش، مغرور ۽ عام مغل ڪارندن وانگر ٽرڙو ھو. ھن کان ھڪ ڀيري سواريءَ دوران سندس چھبڪ ھٿ مان ڪري پيو. ان تي ھن پنھورن جي سردار عيسيٰ کي چيو ته ”منھنجو چھبڪ کڻي ڏي.“ تنھن تي عيسيٰ پنھنجي ماڻھوءَ کي چيو ته ’واڻئي جي تارازيءَ جي ڳني ڪري پيئي آھي، سا کڻي ڏينس.‘ ماڻڪ، اھي اکر دل ۾ رکيا. ھڪ ڏينھن ھن پنھورن کي مھمانيءَ جو فريب ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو. پنھور جيئن وٽس پھتا ته ھن سڀني کي قيد ڪري، ڳاھن واري قلعي ۾ رکيو. سڀني سردارن کي ھٿيڪو ڪري، پنھنجو لشڪر وٺي وڃي عيسيٰ پنھور جي ماڳ تي ڪڙڪيو. اھو حال ڏسي، عيسيٰ پنھور جي پُٽ مير پنھور، تڙ تڪڙ ۾ ماڻھو گڏ ڪري مغلن سان ويڙھه جو اعلان ڪيو. ٻنھي ڌرين ۾ زبردست جنگ لڳي. پنھورن سِر تريءَ تي رکي، پاڻ ملھائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ھنن آخري ماڻھوءَ ۽ آخري پساھه تائين وڙھڻ جو پختو ارادو ڪيو. وڙھندي وڙھندي نوجوان مير پنھور پنھنجي ننگ ۽ ناموس تان قربان ٿي ويو. ماڻڪ، مير پنھور جي سِسي وڍي سندس پوڙھي پيءُ سردار عيسيٰ وٽ ڳاھن واري قلعي ۾ کڻي ويو. قيدي پيءُ جِي جھونجھار پُٽ جي چھري تي نظر پئي، ته ڄڻڪ سورھيه پُٽ جي سِسي کيس چئي رھي ھجي:
”بابا! غيرتمند ۽ بھادر پُٽ، قيدي پيئرن وٽ ھن ريت ايندا آھن.“