توتان نوحاڻي
صدين کان بلوچن جو نوحاڻي قبيلو، ھاڻوڪي دادو ضلعي جي نئينگ ڳوٺ ۾ رھندو پئي آيو ۽ اڃا تائين اُتي موجود آھي. اُھي سرڪش ۽ ارڏا ٻروچ، پنھنجي جسم وانگر دل جا به پھاڙ ھئا. ھنن مغل شاھيءَ جي ڪٽڪن تي اک ئي نه ٿي ڇنڊي ۽ پوريءَ ريت مغلن سان عدم تعاون ڪندا ٿي رھيا. جھڙوڪر ھنن مغلن سان سول نافرمانيءَ جي ھڪ محدود شڪل وارو رويو ۽ رستو اختيار ڪري ڇڏيو ھو. نوحاڻين جي اھا روش، مغلن کي ڪين آئڙي، تن نوحاڻين کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿن حملو ڪري ڏنو. انھيءَ ويڙھه ۾ نوحاڻين جا سترھن جنگي سردار شھيد ٿي ويا. اُنھن ۾ توتان نوحاڻي، قومي آزاديءَ جي حاصلات لاءِ ڏاڍيءَ ھمت ۽ بي خوفيءَ سان وڙھيو ۽ مغل فوج جا ڪيترائي سپاھي قتل ڪري ڇڏيائين.
مظھر شاھجھانيءَ وارو لکي ٿو ته: ”نيٺ رحمان قلي وڃي توتان سان اٽڪيو. توتان ھڪل ڪري، رحمان قليءَ جي پٺيان پيو. رحمان قلي وڃي پَٽ تي ڪريو ۽ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا. رحمان قلي مغل سپاھي زرھه بند ھو، تنھن ڪري توتان جو وار مٿس ڪارگر نه پئي ٿي سگھيو. ھوڏانھن رحمان قليءَ جا ڌڪ ٻروچ کي چچريندا ٿي ويا. آخر ٻروچ جا پساھه پورا ٿي ويا.“
اھا روايت مظھر شاھجھانيءَ جي آھي. اُنھيءَ تاريخ جي سنڌيڪار محترم نياز ھمايونيءَ، سنڌي ترجمي جي حاشيي ۾ مولوي خان محمد نوحاڻيءَ نئينگ واري (*) جي روايت نقل ڪندي لکيو آھي ته: ”توتان ھڪ بھادر ٻروچ ھو، جنھن پنھنجي مائٽ موندر ۽ چڪي خاصخيليءَ سان گڏجي مقابلو ڪيو. اُنھيءَ جنگ جي باري ۾ سگھڙن جا ڪيئي بيت مشھور آھن، جھڙوڪ:
ڌڙ ڌُٻيو، سر لٽيو، پوءِ چڪي ھنيون چار،
توتان جي ترار، موندر مست ملھائيو!
نئينگ کان ڏيڍ ميل ڏکڻ طرف ھڪ تاريخي قبرستان اڃا تائين موجود آھي، جنھن ۾ انھن جھونجھارن جون قبرون نشانبر آھن.“
------------------------------------------------------------------------------------
(*) مولوي حاجي خان محمد رڳو نالي جو مولوي آھي. ھي صاحب، راقم جو به انتھائي پيارو ۽ قربائتو دوست آھي. انھن تاريخي جاين ڏسڻ ۽ سندس ناياب ڪتب خاني جي ديدار لاءِ ڪيترا دفعا دعوت ڏني اٿس. پر واندڪائي نه ملڻ سبب وڃي نه سگھيو آھيان.