شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

دائود شورو

حيدرآباد کان دادوءَ ويندي، اندس ھاءِ وي تي ھڪڙو ننڍڙو ڳوٺڙو، خاڻوٺ، ۽ مانجھند جي وچ تي موجود آھي. روڊ جي کاٻي پاسي ھڪ ننڍي ھوٽل ۽ ساڄي طرف ھڪ بورڊ لڳل آھي، جنھن تي لکيل آھي: ”ڳوٺ ڄام خاصائي شورو“ اِنھيءَ بورڊ ۽ ڳوٺ وٽان لنگھندي، لکھا سنڌ واسين ڪڏھن اھو سوچيو به ڪونه ھوندو ته ھيءُ ننڍڙو ڳوٺڙو سنڌ جي ڦَٽيل تاريخ ۾ ھن سر زمين جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي بي مثال جدوجھد جو شاندار مورچو رھيو ھوندو ۽ ان ڳوٺ جي رھواسين، سيوھڻ ۽ ٺٽي جي وچ ۾ خشڪيءَ ۽ دريائي رستي تي ھر وقت موت جا ملائڪ ويھاريا ھوندا- ۽ ڪڏھن انھيءَ ڳوٺ ۾ ھن ماتر ڀوميءَ جا سوين وِير سنڌ جي شينھن پُٽ، دائود شوري جي اڳواڻيءَ ۾ آزاديءَ جي جھنڊن وانگر سر بلند رھيا ھوندا!
انھيءَ ڳوٺ جي شورن ۽ ھوسڙن، ملاحن، ٺٽي جي فوجدار خسرو بيگ جي پُٽ کي سندس لشڪر سميت ناس ڪري ڇڏيو ھو. انھن جي جنگ جو طريقه ڪار ان دور جي ڇاپا مار جنگ وارو ھو. ھنن تي جڏھن مغل فوج باقائدي چڙھائي ڪندي ھئي ته جبلن ۾ روپوش ٿي ويندا ھئا.
ان واقعي کان پوءِ مغلن جي موڪليل صوبيدار سائين ڏنه ۽ سندس ڀاءُ شجاعت راءِ کي انھيءَ رستي سان سيوھڻ ويندي فوج سميت، شورن قتل ڪري ڇڏيو ھو. انھن جو سمورو سامان، زريءَ ڀريل ڪپڙا، خُرجينون، نغارا ۽ عربي گھوڙا به پنھنجي قبضي ۾ ڪيا ھئائون.
جڏھن شمشير بيگ اوزبڪ، ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو، تڏھن سيوھڻ جي جاگير مرزا دوست محمد ۽ مير ابوالبقا کي ملي. ھڪ دفعي اُنھن پنھنجي ھڪ چاڪر، محبت جي ھٿان نار جي گدرن جي ٻيڙي ڀرائي، درياھه جي رستي شمشير خان ۽ مظفر خان ڏانھن ٺٽي موڪلي. جيئن ئي اُھا ٻيڙي ٺٽي ويندي خاصائي شوري جي ڳوٺ جي ڀرسان پھتي ته دائود شوري جي ھوسڙن ملاحن ان تي حملو ڪيو. محبت خان کي سپاھين سميت قتل ڪري، گدرا ۽ ٻيو سامان وڃي دائود جي حوالي ڪيائون. مير ابوالبقا کي جڏھن اھا خبر پئي ته کيس چُوچڙيون وٺي ويون. ھو ان ئي ڏينھن سانجھيءَ نماز مھل سيوھڻ مان ٻيڙين ۾ سوار ٿي، ٽي پھر رات جي پنڌ ھڻي، پوئين پھر اچي خاصائي شورن تي ڪڙڪيو. دائود شوري کي مغل سپاھه جي يلغار جي سُڌِ اڳ ۾ پئجي چڪي ھئي، سو پنھنجو آل عيال وٺي، جبل ڏانھن روانو ٿي چڪو ھو. مغل لشڪر ڳوٺ کي باھيون ڏئي، رھيل سھيل معذور ۽ پوڙھن شورن ۽ ھوسڙن کي قتل ڪري، ٻين کي قيدي بڻائي، ڌاڙيلن وانگر ڳوٺ کي ڦري، روانو ٿي ويو. مغلن جي موٽي وڃڻ کان پوءِ دائود وري ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو.
مير ابوالبقا کان پوءِ شاھه خواجه سيوھڻ جو صوبيدار ٿي آيو. ھن جي دور ۾ به دائود شوري جون مغلن سان چڪريون جاري رھيون ۽ سندس ڳوٺ خاصائي شورو مغلن جي خلاف چاڪر ھالا جي پرڳڻي جي سنڌين جي بغاوتن ۽ لڙاين جو مرڪز رھيو. اھو ڳوٺ، شاھه خواجه جي جاگير ۾ ھو، جتان کيس ھڪ پائي به ڍل وصول نه ٿَي ٿِي. تاريخ ۾ آھي ته اُنھن شورن جو مُنھن سدائين جھيڙن ۾ ھوندو ھو ۽ ڍل ڏيڻ کان آڱوٺو ڏيکاريو ويٺا ھوندا ھئا. ان ڪري، شاھه خواجه انتھائي رازداريءَ ۽ ڳجھ ڳوھه ۾ شورن تي حملو ڪيو. اتفاق سان دائود پاڻ موجود نه ھو، ان ڪري لڙائيءَ جو پورو انتظام نه ٿي سگھيو. دائود جي پر پُٺ ڪيترا شورا قتل ۽ ڪيترا قيد ٿيا. مغل سپاھين، دائود جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، دائود شوري جي زال کي گرفتار ڪيو. شاھه خواجه اھي قيدي وٺي سيوھڻ آيو. دائود شورو پنھنجي زال ۽ ساٿين جي گرفتاريءَ جو ٻڌي سيوھڻ اچي مغلن جي پيش پيو. جڏھن ھن پنھنجي اکين سان پنھنجي زال ٻَڌل ڏٺي، تڏھن مغلن جي آڻ مڃي، پنھنجي زال ۽ ساٿين کي آزاد ڪرايائين.