سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ٽين ويڙھه
انت پڇتايو پٿر دل، نيٺ ته سنڌ جي مِٽي ھئي!
ھن سوچيو ته ’ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي اھي سنڌي جانباز اڃا به واچوڙي وانگر ڊوڙي ۽ نانگ وانگر وٽ کائي رھيا آھن، جن کي مون پنھنجي ھٿن سان تباھه ڪرايو آھي، مونکي انھن وٽ وڃي پنھنجي غلطين، ڪوتاھين ۽ غدارين تي پڇتاءُ ڪرڻ گھرجي ۽ انھن جانبازن جي مدد سان ارغونن کي ٽوٽا چٻائڻ گھرجن‘- اھو ارادو ڪري، ھُو بدين ۽ رحمڪي بازار وارو تر گھميو. اتي جو محب وطن عوام ارغونن تي اڳيئي تَتو ويٺو ھو ۽ ڪنھن موقعي جي تاڙ ۾ ھو، تنھن ڄام فيروز جي اھڙي ارادي کي ڏسي، اڳيون سڀ وساري، سندس جھنڊي ھيٺ وڙھڻ قبوليو. آخر ته ھو پنھنجي سڀني ڪوتاھين ھوندي، سندن محبوب بادشاھه ڄام نندي جو پُٽ ھو. ٿوري وقت اندر ڄام فيروز جي جھنڊي ھيٺ سنڌ ديس جي آزاديءَ جا پنجاھه ھزار پروانا گڏ ٿي ويا. انھن سڀني جي ھڪ ئي تمنا ھئي، ”آزادي يا موت!“ پوري ٺٽي ۾ ڄام فيروز جي فوج جي گھڻائيءَ جو ھُل ھنگامو ٿي ويو.
ھيڏانھن مرزا شاھه حسن، ڪجھ ماڻھو ٺٽي جي حفاطت لاءِ ڇڏي، پاڻ ڄام فيروز سان مقابلي لاءِ روانو ٿي ويو. سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ تي جُوڻ ۾ ٻئي لشڪر ھڪٻئي جي سامُھون ٿيا. ڄام فيروز سان ايندڙ سنڌي لشڪر، ارغون لشڪر کي ڏسي، گھوڙن تان لھي، مٿن تان پٽڪا لاھي، پٽڪن جي ڇيڙن سان ھڪٻئي کي ٻڌي، خوفناڪ جنگ شروع ڪري ڏني. ان زماني ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ رواج ھو ته جڏھن ھندي ۽ سنڌي مرڻ گھڙيءَ تائين وڙھڻ جو ارادو ڪندا ھئا ته گھوڙن تان لھي، مٿو اگھاڙو ڪري پَٽڪن سان ھڪٻئي جي چيلھن کي ٻڌي وڙھندا ھئا. مرزا شاھه حسن جڏھن سنڌين جي ھيءَ حالت ڏٺي، تڏھن پنھنجن اميرن کي چوڻ لڳو ته ”اھا فتح جي خوشخبري آھي. تِيرن سان حملو ڪريو!“ ارغونن طرفان انھيءَ حملي ڪري جنگ پوري جوش ۽ خروش سان شروع ٿي. صبح کان شام تائين لڙائي ٿيندي رھي. ويھ ھزار ماڻھو ٻنھي طرفن جا قتل ٿيا. ڄام فيروز ٻئي ڏينھن وڙھڻ جي بجاءِ رات وچ ۾ رھيل سپاھه ساڻ ڪري گجرات ھليو ويو. ارغون فاتح وحشت ۽ خونريزيءَ جو طوفان مچائيندو ٺٽي موٽي آيو. ھاڻي پوريءَ سنڌ تي ارغونن جو مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ ائين نظر اچي رھيو ھو ته آزادي ۽ حريت جي ڪابه چڻنگ ھن سر زمين جي چُلھي ۾ رھي ئي ڪانھي ۽ سنڌ غلامن جو ئي مُلڪ آھي.
***