مريد جت
مرزا عيسيٰ جي حياتيءَ ۾ ئي سندس پُٽن مرزا صالح، مرزا باقي ۽ مرزا جان بابا ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. مرزا صالح پڻس جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، اقتدار ۽ اختيار جو مالڪ بڻجي ويو. مرزا صالح جي ڪميڻپ ۽ ڪٺورتا کان ڊڄي، مرزا جان بابا پنھنجي ناناڻن سميجن ۾ وڃي ويھي رھيو. مرزا باقي چاچڪان پرڳڻو ٽپي ڪَڇ ڏانھن ڀڄي ويو. انھيءَ سفر ۾ مرزا باقيءَ پنھنجي نوڪر قاضي خميسي سان گڏ بيشمار تڪليفون ڏٺيون. ايتري قدر جو ھڪ دفعي انھن ٻنھي ڪتي جي الٽيءَ مان نڪتل چانور ميڙي صاف ڪري کاڌا. نيٺ مرزا باقي ڄام کنگھار جي ڌيءُ سان شادي ڪري، ان جي مدد سان بکر پھتو.
ھاڻي سنڌ جي ھن خطي جي بدنصيب ماڻھن جي تقدير جو مالڪ ۽ مختيار ئي مرزا صالح جھڙو ڪٺور، ڪميڻو، ڪُپتيو، ظالم، خر دماغ ۽ سڌڙيو بڻجي ويو. ھن سنڌي عوام تي طرح طرح جا ظلم ڪيا. ماڻھن کي بي گناھه قتل ڪرڻ، قيد ۾ وجھڻ ۽ ھر خوبصورت ڇوڪريءَ کي پنھنجي حرم ۾ داخل ڪرڻ جو کيس جُنون ھو. انھيءَ جُنون ۾ ھن ھڪ سنڌي خاندان جي فردن کي قتل ڪيو ۽ ڪن کي جيلن ۾ وڌو. ھن اھو اُن ڪري ڪيو، جو انھيءَ خاندان پنھنجي خوبصورت ڇوڪريءَ جو سَڱ کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو. مريد جت، انھيءَ ستايل خاندان جو فرد ھو. جنھن وقت اھو دردناڪ واقعو ٿيو، انھي وقت مريد واپار سانگي گجرات ويل ھو. ھن کي اُتي اھا خبر پئي ته مرزا صالح سندس خاندان سان ڪھڙي ويڌن ڪئي آھي. اھا خبر ٻڌڻ شرط ھو پنھنجو سمورو ڪم اڌ ۾ ڇڏي، ھڪدم ٺٽي پھتو. ٺٽي پھچڻ کان پوءِ واري سندس حالت ”تاريخ طاھري“ ۾ ھن ريت لکيل آھي:
مريد جت، مرزا صالح سان سخت دشمني ۽ ويرُ رکڻ شروع ڪيو. ھو کلمکلا پنھنجي قبيلي ۾ چوندو وتندو ھو ته ”جيسين تائين آءٌ مرزا صالح کي ڀريل درٻار ۾ قتل نه ڪندس، اُن وقت تائين مٿي تي پَٽڪو نه ٻڌندس.“ انھيءَ ڌون ۾ ھو شھر جي ھر گھٽيءَ ۽ چؤنڪ، ھر محلي ۽ بازار ۾ چرين وانگر چاقوءَ کي روھيءَ تي تکو ڪري چوندو ھو: ”اي چاقو! تون ڪم ڪندين يا نه؟ اي دل! تون مضبوط ٿجانءِ، توکان موقعي تي بي دليءَ ۽ بزدليءَ جو مظاھرو نه ٿيڻ گھرجي. ڇوته تنھنجي ئي ڏڍ تي مون ھي معرڪو پنھنجي ذمي کنيو آھي.“ تمام شھري ۽ سپاھي، ھن جي چريائپ واريون ڳالھيون ٻڌي کيس چريو پيا سمجھندا ھئا. شھر جا ٻار تماشو ڏسڻ لاءِ ھن جي پٺيان پيا ڊوڙندا ھئا. ھو جيڪي ڪجھ چوندو ھو، اُتي بيٺل ننڍو وڏو پيو دُھرائيندو ھو. ماڻھو کيس سورنھن آنا مريد مست سمجھندا ھئا. انھيءَ ڳولا ۾ ھن کي ھڪ ڏينھن موقعو ملي ويو. ٿيو ھيئن جو عين اُن وقت جڏھن مرزا صالح سوار ٿي پنھنجي محل ڏانھن وڃي رھيو ھو ته اوچتو مريد مست ڇُريءَ کي ڪاغذ ۾ ويڙھي، فرياد فرياد ڪندو مرزا صالح ڏانھن وڌڻ لڳو. مرزا جا چوبدار سندس درخواست وٺڻ لاءِ ڏانھس وڌيا، ليڪن ھن اھو ڪاغذ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ھيءُ ڪاغذ آءٌ پاڻ مرزا صالح جي خدمت ۾ پيش ڪندس ۽ ڪجھ ڳالھيون روبرو سمجھائيندس.“ نيٺ مرزا صالح چوبدارن کي حُڪم ڪيو ته اُنھيءَ فرياديءَ کي اچڻ ڏنو وڃي، جيئن ھُو پنھنجو درد پاڻ بيان ڪري سگھي. انھيءَ بھاني سان جڏھن ھي غيرتمند سنڌي مرزا صالح جي ويجھو پھتو، تڏھن ڪاغذ ۾ ويڙھيل ڇُري ڪڍي، ڏند ڪرٽي، پنھنجيءَ پوريءَ قوت، طاقت ۽ غيرت سان مرزا صالح جي پيٽ ۾ ھڻي ڪڍيائين، جنھن سان مرزا صالح جا آنڊا ٻاھر نڪري آيا. اِھو لقاءُ ڏسندي، مرزا جي چوبدارن، مريد کي به شھيد ڪري ڇڏيو. مرزا صالح ٿڏي تي مري ويو. مريد جي جسم تي بيشمار گھاءَ ھئا ۽ سندس جسم ٽُڪرا ٽُڪرا ڪيو ويو ھو. سندس غيرتمند رت مادر وطن جي سيني کي رنگين بڻائي ويو. سندس ھيءُ شعر، لاڙ ۾ مشھور آھي:
گھگھيليءَ جي گارِ تان، ڪريان محشاري گھاءُ،
مرزا صالح ماريان، ٻي نه ڪريان ڪاءِ.
سندس شھادت، ڇنڇر جي ڏينھن، 23 شعبان، 970ھه ۾ ٿي.