شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

يوسف سميجو

ھي سن 1208ھه آھي. سنڌ مڪمل طور مغل شاھيءَ جي قبضي ۽ تسلط ھيٺ اچي چُڪي آھي. پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي عوام خلاف مغل نوابن طرفان رَت ۽ باھه جي راند جاري آھي. قابض قوتن طرفان سنڌين جون تباھيون برباديون جاري آھن ته ھوڏانھن سنڌي عوام جو ڌارين خلاف بغاوت جو جذبو به جوان آھي. جيڪو به مغل نواب ٺٽي بدلي ٿي اچي ٿو، اُن کي سڀ کان پھرين سنڌ جي ھڪ باغي، ارڏي، دلير ۽ محب وطن قبيلي سميجي جي خاتمي لاءِ خاص ھدايتون ڏنيون ٿيون وڃن.
اھڙي قسم جون ھدايتون کڻي، 1208ھه ۾ مرزا حسام الدين مرتضيٰ ٺٽي پھچي ٿو. کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته نصرپور پرڳڻو، جنھن جي پيداوار وِيھ لک جھانگيري روپيا ٿيندي ھئي ۽ جنھن پرڳڻي صرف ھڪ سال ۾ يارھن ھزار خرار اناج ڍل طور ڏنو ھو. اُن پرڳڻي ۾ اڄ ويراني آھي ۽ سرڪار کي ھڪ ڪوڏي به وصول نٿي ٿئي. انھيءَ ساري گڙ ٻڙ جو ذميوار، سميجي قبيلي جو چڱو مڙس يوسف سميجو آھي. اِھا خبر ٻُڌڻ شرط حسام الدين پنھنجي پُٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو. صمصام الدوله نصرپور پرڳڻي پھچي، ھالن لڳ ٺٽِيءَ جي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيو. ھيءُ ڳوٺ، ھالن کان ھڪ ميل پنڌ تي خُود ھالن جيڏو ئي ھو. ھن ڳوٺ وٽ کڏون کوٽي، مورچا قائم ڪيا ۽ ھالن جي ٿاڻيدار موسيٰ خان افغان سان ھڪ جٿو فوج جو گڏي، کيس سميجن تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ موڪليو. انھيءَ وچ ۾ يوسف کي سندس جاسوسن اڳواٽ ئي مغلن جي حملي جو ٻُڌائي ڇڏيو ھو. جڏھن سڄي مغل فوج اُنھن آزاديءَ جي پروانن کي ختم ڪرڻ لاءِ مينھن واچ ڪندي روانو ٿي، تڏھن يوسف سميجي پنھنجي جنگي حڪمت عمليءَ تي عمل ڪندي، ڳوٺ خالي ڪرائي، جنگي جوانن کي مغل فوج جي لنگھ جي چوڌاري جھنگل ۾ لڪائي ويھاري ڇڏيو. جيئن ئي مغل فوج سميجن جي ڳوٺ کي ويران ڏسي موٽ کاڌي، تيئن ئي يوسف پنھنجي ساٿين سميت بکايل شينھن وانگر مٿن حملو ڪيو. محب وطن سپاھه جو ھيءُ حملو مغل فوج لاءِ موت جو طوفان ثابت ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مغل سپاھه جي لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ رھيل فوج ڀڄي وئي.
يوسف سميجو تَر جو معزز ۽ با اثر سردار ھو. ھُو مغل شاھيءَ جا پرڪار ڏسي، پنھنجي ھر ذاتي شيءِ ڇڏي، ويڙھاڪ جٿن سان شامل ٿيو ھو. سو انھيءَ معرڪي مان واندو ٿي، ڏينھن ڏٺي جو کيبرن جي مغل چوڪيءَ تي واچوڙي وانگر وڃي ڪڙڪيو. اُتي مغلن طرفان مقرر ٿيل سڀني ماڻھن کي سندن تمندار حاجي محمد سميت قتل ڪري رمندو رھيو. مغل بچه جڏھن اِن واردات جي خبر ٻُڌي، تڏھن يوسف جي پُٺ وٺڻ جي ھمت نه ساري واپس موٽيو. پر پنھنجي بھادريءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ ھالن ۽ سماٽي ڳوٺن جي غريب ماڻھن کي قيدي بڻائي، پنھنجي پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو. پڻس بيڏوھي ماڻھن تي ھٿرادو ڏوھن جي آڙ ۾ ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا. جڏھن ڏٺائين ته ھي غريب ماڻھو ڏنڊ ڏيڻ جھڙا ناھن ته کانئن شرعي ضابطا لکائي ورتائين.
يوسف کي جڏھن بيڏوھي عوام سان مغل سپاھه جي اِنھيءَ ظالمانه روش جي خبر پئي، تڏھن وري ٺٽي ۾ رھيل مغل سپاھه تي راتاھو ھنيائين ۽ پوري ڳوٺ کي تباھه ڪيائين جنھن ۾ مغلن جا بي شمار سپاھي ۽ طرفدار قتل ٿيا ۽ رھيل ماڻھن وڃي ھالن ۾ پناھه ورتي.
اڳتي ھلي تاريخ، يوسف سميجي جي باري ۾ خاموش آھي. جيتوڻيڪ حسام الدين کان پوءِ مير ابوالبقا ”وينجھري“ جي ڳوٺ تي حملو ڪري، ڪيترن سميجن کي قتل ڪيو. پر ڇا يوسف ميرڪ جي وڏي ڀاءُ جو اھو حملو ۽ قتلام ، سميجن جي دلين مان مغل شاھيءَ جي نفرت گھٽ ڪرائي سگھيو؟ تاريخ جو واضح جواب آھي، ھرگز نه ..... ھرگز نه .....!