آزاديءَ لاءِ سنڌين جي چوٿين جدوجھد
ڄام صلاح الدين ۽ مرزا شاھه حسن جي وچ ۾ لڳل جنگ جھالار ۾ ڄام کنگھار جو ڀاءُ امر امراڻي به شھيد ٿي ويو ۽ انھيءَ جنگ جو محرڪ به اھو ئي ھو. ڄام فيروز واري شڪست کان پوءِ به سنڌي ماٺ ڪري نه ويٺا، پر ھنن توڙ تائين وڙھڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اُن ڪري، ھو وري به ڄام کنگھار جي جھنڊي ھيٺ گڏ ٿيا. ڄام کنگھار لشڪر گڏ ڪري، مرزا شاھه حسن کي ھيٺ ڄاڻايل خط لکيو، جنھن خط ۾ ھڪ سنڌيءَ جي شرافت ۽ بھادري پوريءَ ريت جھلڪي رھي آھي:
”سنڌ جي غاصب مرزا شاھه حسن ڏانھن! جيئن ته تو منھنجي ڀاءُ امر کي شھيد ڪيو آھي. اُن جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ ماڻھو منھنجي چوڌاري گڏ ٿيا آھن. پر جيئن ته تون ملتان ويل ھئين، اُن ڪري مون اخلاقي طرح تنھنجي غير حاضريءَ ۾ تنھنجي اھل عيال تي حملو نه ڪيو. ھاڻي جيئن تون موٽي آيو آھين، اُن صورت ۾ يا ته اسان سان صلح ڪري سنڌ جو علائقو اسان جي حوالي ڪري، ڪيڏانھن ھليو وڃ يا جنگ لاءِ تيار ٿيءُ!“
ڄام کنگھار جي اُنھيءَ خط جي جواب ۾ مرزا شاھه حسن ھن ريت جواب ڏنو:
”اسان جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڄاڻون ئي ڪين. امر امراڻيءَ جي رَت سان اسان جنھن ميدان کي رنگين ڪيو ھو، سو ميدان اڃا وڌيڪ رت جو مطالبو ڪري رھيو آھي. ان کان اڳ جو تُون ھيڏانھن اچين، آءٌ پاڻ تنھنجي مقابلي لاءِ اچي رھيو آھيان.“
بھرحال ٻئي فوجون سنڌ ۽ ڪَڇ جي سرحد تي مقابلي لاءِ گڏيون. رڻ گجيو، راڙو ٿيو. بھادر گڏيا، سر ڌڏيا، لوٿون لُڇيون. سخت مقابلي کان پوءِ سنڌين جي ھيءَ جدوجھد به ناڪام ويئي. ڄام کنگھار رھيل سپاھين سان واپس موٽي ويو. ارغونن انتھائي بيدرديءَ سان قتل ۽ خونريزي ڪئي. بيشمار اُٺ، گھوڙا، رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ ٻيو سامان لُٽي ڦري ٺٽي موٽي آيا. ڄام کنگھار پوءِ به ارغونن جي خاتمي لاءِ سوچيندو رھيو. جڏھن مرزا باقيءَ کي مرزا صالح جلاوطن ڪيو، تڏھن ڄام کنگھار نه صرف مرزا باقيءَ کي پناھه ڏني، پر پنھنجي ڌيءُ جاڙيجيءَ جي ساڻس شادي به ڪرائي. مرزا باقي جن مصيبتن ۾ گرفتار ھو، تن مان نجات صرف مائي جاڙيجيءَ جي ڏاج ڏياري. مرزا باقيءَ کي انھيءَ مائيءَ پيٽان مرزا مظفر نالي پُٽ به ڄائو ھو، جنھن بدين تي حڪومت ڪئي، ۽ سندس قبر قادريءَ جي قبرستان ۾ آھي. مرزا باقيءَ جنھن نموني ارغونن جو خاتمو ڪرايو، اُن مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اُنھيءَ واقعي جي پس منظر ۾ ڄام کنگھار ۽ سندس ڌي جاڙيجيءَ جو ھٿ ڪار فرما ھو. جيتوڻيڪ مرزا باقي اڳتي ھلي انتھائي ڪميڻو، ڪنجوس ۽ ظالم ثابت ٿيو، پر اھي خصلتون منجھس اُن وقت موجود ڪين ھيون، جڏھن ڄام کنگھار کيس ارغونن لاءِ موت جي فرشتي جي صورت ۾ تربيت ڏيئي رھيو ھو. ھاڻي سنڌين ھن جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ کليل صف بنديءَ واريءَ جنگ کي ڇڏي، جنگ جي ھڪ نئين صورت ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنھن کي آءٌ پيش لفظ ۾ ڇڙو ڇڙ جنگ يا منتشر لڙائيءَ جي نالي سان متعارف ڪرائي آيو آھيان. اھڙي قسم جي جنگ، ارغون دور کان وٺي مغلن جي خاتمي تائين ۽ اُن کان پوءِ ڪافي وقت تائين جاري رھي. ويندي نادر شاھه ۽ احمد شاھه ابداليءَ جي حملن وقت جڏھن سنڌ جون سرڪاري فوجون شڪست کائي چُڪيون ھيون، تڏھن به سنڌي عوام انھن ٻنھي حملي آورن جي لشڪر جي خلاف ڇڙو ڇڙ جنگ ڪئي آھي، جنھن جا صرف اشارا مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿا.
***