ڄام ھيبت خان
گجرات جي حاڪمن سان سنڌ جي سمن جي سڱاوتي آڳاٽي ھئي. ھي ٻئي خاندان، اصل ۾ راجپوت ھئا، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا. فرق رڳو ھيءُ آھي ته سَما، چندر ونشي راجپوت ھئا ۽ گجرات جا مظفريه حاڪم، سورج ونشي راجپوتن مان ھئا.
پھريون سَمون حاڪم ڄام جوڻو ھو، جنھن مظفريه بادشاھن سان مٽيءَ مائٽيءَ وارو رستو رکيو. ڄام جوڻي جي ھڪ ڌيءُ سان گجرات جي حاڪم محمد شاھه شادي ڪئي. اُنھيءَ مائيءَ پيٽان گجرات جو ناميارو حاڪم محمود بيگڙو پيدا ٿيو. اُنھيءَ بادشاھه پنھنجي والدھه جي يادگار طور ننگر پارڪر ۾ ھڪڙي مسجد ٺھرائي، جنھن جا آثار اڃا تائين موجود آھن. اُنھيءَ سڱاوتيءَ کان پوءِ گجرات ۽ سنڌ جا حاڪم پيا ھڪ ٻئي سان مِٽيون مائٽيون ڪندا ھئا. جڏھن به ڪو سنڌي ڪنھن ڳالھ تان ناراض ٿيندو ھو ته گجرات ھليو ويندو ھو.
جنگ جھالار جي محرڪ ڄام صلاح الدين جي ڀيڻ، گجرات جي شاھي خاندان ۾ پرڻايل ھئي ۽ سندس پُٽ ھيبت خان يا فتح خان جي گھر ۾ گجرات جي بادشاھه جي ڌيءُ ھئي.
نوجوان ھيبت خان، انتھائي بھادر، دلير ۽ محب وطن ھو. جنگ جھالار ۾ جڏھن جنگ لاءِ صِفن جي ترتيب شروع ڪئي ويئي ته کيس مقدمة الجيش (مُھاڙي دستي) جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ھو. اِنھيءَ جنگ ۾ ھُو انتھائي بھادريءَ، دليريءَ ۽ حُب الوطنيءَ سان وڙھندي، سر زمين سنڌ کي سِر ڏيئي سرھو ٿيو. اھا جنگ 1520ع ۾ لڳي ھئي.