شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

اسماعيل شورو

ھندوستان ۾ مغل بادشاھه اڪبر، مقامي شورشن ۽ سازشن کي ٻُنجو ڏيڻ کان پوءِ ڀر وارن ملڪن کي فتح ڪرڻ جي تياري ڪئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھن پنھنجي استاد ۽ سرپرست بيرم خان جي پُٽ عبدالرحيم خان خانان کي وڏو لشڪر ڏئي سنڌ فتح ڪرڻ جو حُڪم ڪيو، مرزا عبدالرحيم خان خانان مغلن جو شاھي لشڪر وٺي سنه 998ھه ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، سنڌ تي ان وقت ترخان گھراڻي جو آخري حاڪم مرزا جاني بيگ حڪومت ڪري رھيو ھو.
مرزا جاني بيگ لاءِ تاريخدانن جو چوڻ آھي ته ھو ترخان گھراڻي جي سڀني حاڪمن مان چڱو، سلڇڻو، سمجھدار ۽ بھادر حاڪم ھو. ھن جي ماءُ سنڌياڻي ھئي ۽ سندس گھر ۾ به سنڌي عورت ھئي، جنھن انڙپور وٽ تلوار کڻي مغلن سان مقابلو ڪيو ھو. مغلن جي حملي وقت جاني بيگ 35 ھزار لشڪر وٺي خان خانان جي سامھون ٿيو. جاني بيگ جي ان لشڪر ۾ 20ھزار ارغون ۽ ترخان ۽ 15 ھزار سنڌي ھئا. مغلن ۽ جاني بيگ جو مقابلو پورو ھڪ سال ھلندو رھيو، جنھن ۾ آخري جنگ لڪيءَ وٽ لڳي. جنھن ۾ 2 ھزار سنڌي ۽ 5 ھزار مغل مئا. انھيءَ جنگ ۾ جاني بيگ کي شڪست آئي ۽ ھوڏانھن مغلن جا به ٻه وڏا نامور جرنيل لڪيءَ وٽ مارجي ويا، جن ۾ اڪبر جي مشھور رَتن راجا توڏر مل جو پُٽ ڍارو مل به ھئو. جاني بيگ جي شڪست کائڻ ۽ مغلن جي مڪمل قبضي کان پوءِ به سنڌي ماڻھو ھڪ سؤ سالن تائين ٻاھرين غاصبن ۽ لٽيرن جو وڏي بھادري ۽ ھمت سان مقابلو ڪندا رھيا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ھر ذات، پاڙي، قبيلي ۽ راڄ، بي پناھه حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏيندي پنھنجو پاڻ ملھايو. تاھم اھي سڀ ذاتيون، پاڙا، قبيلا ۽ راڄ ڪنھن مرڪزي تنظيم، قيادت ۽ نظام نه ھئڻ ڪري، ڇڙوڇڙ، اڪيلا ۽ بي يارو مددگار وڙھندا رھيا. نتيجي طور مغل سامراج جي وڏي، منظم ۽ جارح فوج کي شڪست ڏئي سنڌ مان نه ڪڍي سگھيا. انھن ذاتين ۾ انھن جي سردارن جي بي پناھه قربانيءَ ۽ جرئت جا داستان ھن مادر وطن جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ تي پکڙيا پيا آھن، جن کي گڏي ھڪ تاريخي سلسلي ۾ ڳنڍي سنڌي عوام اڳيان پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي. انھيءَ انتشار، اختلاف ۽ ڇڙوڇڙ واري حالت ۾ سنڌ جا ٽي قبيلا ھئا، جن پاڻ ۾ مڪمل اتحاد، اتفاق ۽ يڪجھتيءَ جو مظاھرو ڪري، ڏھن ھزارن جو لشڪر رضاڪارانه بنياد تي تيار ڪيو، جو حالتن آھر جنگي حڪمت عمليون اختيار ڪندو وڙھندو رھيو. اھي ٽي قبيلا ھئا، شورا، ٻَٻر ۽ دَل، جن جو اتحاد مغل سامراج جي خلاف حب الوطنيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي جذبي تي مبني ھو. اھي ٽئي قبيلا سَن کان وٺي شال تائين پکڙيا پيا ھئا ۽ انھيءَ پوري ايراضيءَ ۾ مغل سامراج جو جيئڻ، مسافري ڪرڻ ۽ امن سان ويھڻ جنجال ڪري ڇڏيو ھئائون. ٽنھي قبيلن جي گڏيل لشڪر جو گھڻو ڪري اڳواڻ اسماعيل شورو ھوندو ھو، جنھن پنھنجي حڪمت عمليءَ، ڏاھپ ۽ بھادريءَ سان مغلن کي ٽوٽا چٻايا؛ ۽ سنڌي حب الوطنيءَ جو مانُ مٿاھون ڪيو. اسماعيل شوري جي انھن چَڪرين مان ڪِن جو احوال ھتي ڏجي ٿو:
(1) ترخانن جي پوئين دور ۾ مغلن جو اثر رسوخ وڌي ويو ھو، جيڪو سنڌي ماڻھن لاءِ برداشت کان ٻاھر ھو، ان ڪري ھنن ترخانن تي حملا شروع ڪري ڏنا. انھيءَ سلسلي ۾ شورن جي، ٺٽي جي حاڪم خسرو بيگ سان اڻبڻت ٿي پئي. خسرو بيگ شورن کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنھنجي وڏي پُٽ رستم کي فوج ڏئي، سنڌي ماڻھن کي قتلام ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. نتيجي طور سنڌين ۽ ٺٽي جي فوج جي وچ ۾ خونخوار جنگ لڳي، جنھن ۾ رستم پنھنجيءَ فوج سميت قتل ٿي ويو ۽ سنڌي ماڻھن سوڀ حاصل ڪئي. انھيءَ شڪست جو ٻڌي، ٺٽي جي حاڪمن، ان اڳينءَ فوج کان وڌيڪ فوج سنڌي ماڻھن تي چاڙھي موڪلي. ان فوج جو ٻُڌي شورا، نومڙيا ۽ ٻيون ذاتيون جبلن ۾ روپوش ٿي ويون. ٺٽي جي لشڪر بلوچستان جي سرحد تائين ڳولا ڪئي، پر سنڌي ماڻھن کي لھي نه سگھيو.
(2) جھانگير جي وقت ۾ مظفر خان معموريءَ کي ٺٽي جو حاڪم ڪري موڪليو ويو. ان وقت به ٺٽي جو گورنر خسرو بيگ ھو ۽ سيوھڻ جو جاگيردار شمشير خان اوزبڪ ھو. شمشير خان ٽي ھزار ماڻھو مظفر خان سان گڏي ٺٽي موڪليا، ٻيو لشڪر اڳ ۾ ئي مظفر خان سان گڏ ھو. ايترن گھڻن ماڻھن کي ڏسي، خسرو بيگ انھيءَ مصيبت کي ٽارڻ لاءِ دل ۾ پھ پچائي، مظفر خان کي چيو ته ”شورن، ٻَٻرن ۽ دل ذات وارن تنگ ڪري ماريو آھي، اوھان مھرباني ڪري پاڻ سان آندل لشڪر کي انھن سرڪش ماڻھن کي سيکت ڏيڻ لاءِ چاڙھي موڪليو.“ مظفر خان اھا ڳالھ منظور ڪئي ۽ مغلن جو لشڪر سنڌين سان وڙھڻ لاءِ روانو ٿيو. مغلن جي اچڻ جي خبر اسماعيل شوري ۽ سندس ساٿين کي اڳ ۾ ئي پھچي وئي ھئي، سي به پنھنجو لشڪر تيار ڪري مغلن جو اڳ جھلي ويھي رھيا. سنڌين جي لشڪر جو تعداد يوسف ميرڪ (مظھر شاھجھاني جي مصنف) ڏھه ھزار ٻڌايو آھي- ٻه ھزار سوار ۽ اٺ ھزار پيادا. پر آءٌ سمجھان ٿو ته اھو تعداد مغلن جي شڪست کي فطري رنگ ڏيڻ لاءِ ٻڌايو ويو آھي.
ٻنھي لشڪرن جي دوبدو ٿيڻ کان اڳ سنڌين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان جي ھر سوار سان گڏ چار پيادا ٿين؛ ٻه سڄي ۽ ٻه کٻي طرف، پوءِ مغلن سان باقائدي ويڙھه ڪجي. مظھر شاھجھانيءَ وارو لکي ٿو ته سنڌي پيادن مغلن جي سوارن کي گھوڙن تان ھيٺ ڪيرائي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مغلن جا ڪيترائي ماڻھو قتل ٿيا؛ جن ۾ مغلن جو ھڪ ڌڻيل بھادر خواجه محمد سلطان اوزبڪ به شامل ھئو. رھيل مغل لشڪر ڀاڄ کائي وڃي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾ پناھه ورتي. اھڙي طريقي سان سنڌي، مغلن کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ، قلعي جو گھيرو ڪري اُن وقت تائين ويٺا رھيا، جيسين تائين ٺٽي ۽ سيوھڻ مان بيپناھه لشڪر اچي نه ڪڙڪيا. انھن فوجن جي اچڻ کانپوءِ سنڌي لشڪر قلعي جو گھيرو ڇڏي وري جبلن ۾ گم ٿي ويو.
(3) اھو ڌڪ اھڙو نه ھئو، جنھن کي مغل آسانيءَ سان وساري ڇڏين. ان ڪري ٺٽي جي گورنر مظفر خان ٺٽي ۾ موجود لشڪر ساڻ ڪري شورن، ٻٻرن ۽ دَل ذات وارن کي ھميشہ لاءِ ختم ڪرڻ خاطر ”شال“ تي زورائتو ۽ ڀرپور حملو ڪيو. مظفر خان جو لشڪر جيئن شال جي ويجھو پھتو تيئن سنڌين جو لشڪر مناھين دل جي اڳواڻيءَ ھيٺ مغلن جي سامھون ٿيو. مغل لشڪر جي ويجھي اچڻ تي سنڌين واچوڙي واريءَ تيزيءَ سان مغلن تي حملو ڪري ڪيترا ماڻھو قتل ڪيا ۽ ھنن کي پٺتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو. سنڌين جي اھا بھادري ڏسي، مغلن جو بھترين سپھ سالار مظفر خان اڳتي وڌڻ جو حوصلو ھاري، اُتي ڇانوڻي ھڻي ويھي رھيو. سنڌين چئني پاسن کان حملا ڪري، مغل فوج جي رسد جا رستا ڪٽي ڇڏيا. اھو سلسلو ڪيترن ڏينھن تائين ھلندو رھيو. ايتري ۾ ٺٽي ۽ بدين کان مغلن جي مدد لاءِ نيون فوجون رَسي ويون، جن جي اچڻ سان سنڌين ۽ مغلن ۾ سڌي جنگ شروع ٿي وئي. انھيءَ معرڪي ۾ بيشمار مرد، عورتون ۽ ٻار قتل ٿيا، پر اسماعيل شورو پنھنجو جٿو وٺي وري به نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان جنگ کان پوءِ واپس ورندي، مغلن حميد شوري سان جنگ ڪئي، جنھن ۾ حميد شوري ھارايو. پر بدين جي جاگيردار مير ابوالبقا جو ڀاءُ نُورالله ڪيترن ٻين سپاھين سان گڏ سنڌين جي ھٿان قتل ٿي ويو.
(4) مغلن سان جنگين دوران بابو نالي ھڪ پليجو سردار سنڌي ماڻھن خلاف مغلن جو ڇاڙتو ۽ دلال بڻيل ھو، ھو نه رڳو سنڌين جو ساٿ نه ڏيندو ھو، پر وطن دوست ۽ حريت پسند سنڌي سپاھين جي گَسن، پنڌن، گھَٽن، گھيڙن ۽ ٺڪاڻن کان مغلن کي واقف ڪندو رھندو ھو. بابو پليجي، ٻَٻرن جي ھڪ راڄ کي پنھنجي ڀرسان اچي رھايو ۽ ھنن کي يقين ڏياريائين ته توھان جو ڪو وار ونگو نه ڪندو. ھنن کي انھيءَ دلبي ۾ رکي، ٻئي پاسي مغل فوج کي راتو واھه چاڙھي، اُنھن ٻَٻرن جي راڄ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.

شورن، بابو پليجي جي انھن بدمعاشين، وطن فروشين ۽ غدارين جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھڪ طرف ته ھنن بابوءَ جون ٻنيون ٻارا ۽ باغ ساڙائي ناس ڪرائي ڇڏيا ۽ ٻئي طرف ان پوري علائقي ۾ ڪنھن به مغل ۽ ان جي ڇاڙتي کي زندہ نه ڇڏڻ جو قسم کنيو. اِھي خبرون ٺٽي ۾ مظفر خان کي پھتيون. ھن بابو پليجي جي صلاح سان پنھنجي سوٽ مرزا محمد کي وڏو لشڪر ڏئي اسماعيل شوري کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو. مرزا محمد شاھي لشڪر سان اوچتو اچي ڪڙڪيو.
سنڌين جي عادت ھوندي ھئي ته مغلن سان مقابلي وقت پنھنجو آل اولاد ۽ مال متاع جبلن ڏانھن موڪلي ڇڏيندا ھئا ۽ صرف مرد ماڻھو ميدان ۾ رھجي ويندا ھئا. جڏھن مغلن جو لشڪر بي خبريءَ ۾ اوچتو اچي ڪڙڪيو، تڏھن اسماعيل شوري گھڻن ماڻھن کي مال متاع ۽ آل اولاد کي جبلن ڏانھن موڪلڻ جي ڪم سان لڳايو ۽ پاڻ ڪن ماڻھن سان گڏجي مغل لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳو، نتيجي طور نه مال متاع نڪري سگھيو ۽ نه وري سنڌي سورھين جو ھي مختصر جٿو حملي آورن جي سيلاب کي روڪي سگھيو.
اسماعيل شورو ڌارين سان وڙھندي 1025ھه ۾ مادر سنڌ جي حفاظت ڪندي شھيد ٿي ويو. مغلن سامان ڦُريو، گھرن کي باھيون ڏنيون ۽ بيشمار سنڌي ماڻھن کي قيد ڪيو. اھڙي طريقي سان 30 سالن تائين مغل سامراج جي خلاف جدوجھد ڪندي، اسماعيل شوري پنھنجي حب الوطني ۽ قومي غيرت جو لافاني ۽ لاثاني سبق، سنڌي قوم جي ماڻھن لاءِ قائم ڪيو.