شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

ڄام کنگھار

سنڌ مان سنڌين جي آزاديءَ جو پوريءَ ريت خاتمو ڪرڻ کان پوءِ مرزا شاھه حسن ارغون، مڪر ۽ فريب جي ذريعي باغي سنڌين کي پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ھئي. ھن سوچيو ته ساموئي شھر جا اُھي ماڻھو، جي ساموئيءَ تي ارغون قبضي کان پوءِ ڪَڇ ڏانھن لڏي ويا آھن ۽ اُتي رھيا آھن، تن کي پنھنجو ڪرڻ گھرجي، نه ته اُھي سدائين ارغون حڪومت لاءِ خطري جو سبب بڻبا رھندا.
اُنھن سمن ۾ ڄام کنگھار نالي سمن جو چڱو مڙس ھو، جنھن جو ڏھڪاءُ سنڌ ۽ ڪَڇ ۾ مشھور ھو. ھُو وڏو دلير باھمت ۽ وطن دوست انسان ھو. ھن ڪَڇ ۾ رھي، جاڙيجن ۽ سوڍن سان ملي، دشمنن سان مقابلي جون تياريون پئي ڪيون. اِھي حالتون جاچي، مرزا شاھه حسن، ڄام کنگھار کي ھيٺيون خط لکيو:
”توکي خبر آھي ته ڪافي وقت کان اسان توھان جي ڀائرن جي مُلڪ تي قبضو ڪري چُڪا آھيون. اسان ھيءُ مُلڪ فتح ڪيو آھي ۽ اُن کي گند ڪچري کان صاف پاڪ ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي تنھنجي لاءِ مناسب آھي ته ڪَڇ جا بھترين گھوڙا، جن جي مشھوري ٻڌي وڃي ٿي، اسان لاءِ وٺي اچ ۽ اسان کان نوڪريون ۽ عھدا حاصل ڪري، ھِن توھان جي پنھنجي مُلڪ ۾ آرام سان اچي رھه. اسان جي پاڙي ۾ رھي، تون پنھنجي ناداني ۽ غفلت جي ڪري، اسان جي برابريءَ ۽ ھڪجھڙائيءَ جا جيڪي خيال رکين ٿو، تن کي پنھنجي دل مان ڪڍي ڇڏ. جيڪڏھن توکي اسان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري منظور ھجي ته تنھنجي لاءِ مناسب آھي ته قيمتي تحفن سان گڏ پنھنجي گذريل ڪوتاھين ۽ ڏوھن تي لکت ۾ معافي وٺي، اسان جي قدم بوسيءَ جي سعادت حاصل ڪر. اھڙي صورت ۾ ھن مُلڪ کي پنھنجو اباڻو مُلڪ سمجھي، امن جي جڳھ تصور ڪر. جيڪڏھن نه، ته پوءِ خوب ياد رک ته اسان جو ارادو احمد آباد ۽ گجرات ڏانھن آھي. اسان جڏھن ايڏانھن وينداسين، تڏھن تنھنجي واٽ وٺي وينداسين ۽ غرور جي اُھا ھوا جيڪا تنھنجي دماغ ۾ ويٺل آھي، سا ڪڍي ڇڏينداسون.“
جڏھن ھيءُ خط، جنھن ۾ ڌمڪي ۽ نرمي ٻئي موجود ھيون، ڄام کنگھار کي پھتو، تڏھن ھن ارغون فاتح کي جيڪو جواب ڏنو، سو آزاديءَ جي تاريخ ۾ قومي غيرت ۽ آزاديءَ پسنديءَ جو بي مثال پروانو آھي. ڄام کنگھار لکيو:
”اسان جابلو ماڻھو پٿر وانگر آھيون. اسان پنھنجي عزت ۽ ناموس جي حفاظت چڱيءَ طرح ڪري ڄاڻون ٿا. اسان پنھنجي معمولي روزيءَ تي قناعت ڪريو ويٺا آھيون. اسان وٽ ايتري دولت ناھي جو گھوڙا ۽ قيمتي جنسون پنھنجي مُلڪ مان حاصل ڪري، تنھنجي لاءِ موڪليون. اسان جي گذارن جي صورت ھيءَ آھي، جو اسان ڪن بکين اگھاڙن راجپوتن کي لُٽ مار لاءِ سنڌ ۽ گجرات موڪليندا آھيون. اھي تلوار جي زور سان جيڪي ڪجھ ڦري آڻين ٿا، ان تي اسان جو گذارو آھي. اُن حالت کان پوءِ به جيڪو شخص پنھنجي ننگ ۽ ناموس جي شيشي کي ھن پٿر سان چڪناچور ڪرڻ چاھي؛ پنھنجي شيشي کي ھن سنگِ خارا تي اڇلائڻ گھري ۽ پنھنجو مال دولت ھنن بکين اگھاڙن جي حوالي ڪرڻ جي خواھش ڪري، ته پوءِ سندس مرضي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشيءَ جي ڳالھ ٿيندي، جو خدا تعاليٰ ڪنھن جي روزي ان جي گھر موڪلي ڏئي. اسان اچڻ جا منتظر آھيون.“
انھيءَ خط جي لھجي (جنھن ۾ پوري ادبي طنز موجود آھي) مرزا شاھه حَسن کي مڇرائي وڌو ۽ ھو ھڪدم لشڪر وٺي ڄام کنگھار تي ڪاھي ويو. ڄام جي سپاھين ۽ ساٿين بي پناھه ارغون فوج سان کليل جنگ وڙھڻ نا مناسب سمجھي، مڪمل ڇاپا مار جنگ شروع ڪئي. سنڌي سپاھي رات جو لِڪي، شاھه حسن جي لشڪر تي راتاھا ھڻندا ھئا ۽ جيڪي کُوھه ۽ تلاءَ مرزا شاھه حسن جي رستي ۾ ايندا ھئا، تن ۾ مُئل جانور ۽ ٿوھر وجھي، پاڻيءَ کي زھريلو ۽ ناقابل استعمال بڻائي وري جبلن ۾ لِڪي ويندا ھئا. مرزا شاھه حسن انھن مصيبتن کان بيزار ٿي، گجرات ۽ احمد آباد جي فتح جو ارادو بدلائي، ڄام کنگھار جي سپاھه سان نالي ماتر صلح ڪري موٽي آيو. ڄام کنگھار ان کان پوءِ به خاموش ٿي نه ويٺو ۽ ارغونن سان وڙھيو، جنھن جو تفصيل چوٿين ويڙھه واري عنوان ۾ ڏنو ويو آھي.