شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

طالب اُنڙ

آءٌ اڳ ۾ لکي آيو آھيان ته سميجن ۽ اُنڙن جي لشڪر کي وقتي طرح گچيري جي جنگ ۾ شڪست آئي ۽ سندن سورھيه سردار پريو اُنڙ شھيد ٿي ويو. پرئي جي شھادت کان پوءِ جيڪڏھن مغلن ۽ سندن حامين اِھو ٿي سمجھيو ته انڙن ۽ سميجن جي طاقت ختم ٿي ويئي، ته اُھا سندن ڀُل ھئي. اُنڙ وري طالب اُنڙ جي قيادت ۾ پنھنجي طاقت گڏ ڪري، ڪنھن موقعي جي تاڙ ۾ رھيا ته ڪڏھن ٿو وجُھ ملي، جو مغل سپاھه جي رت سان ڪُھاڙين جا ڳَن ڳاڙھا ڪجن. اِھو موقعو کين جلد ئي ملي ويو.
سيوھڻ ۾ جڏھن نورالدين ڪروڙي، عملدار ٿي آيو، تڏھن ھن ايندي شرط پنھنجي ڀائيٽي تيمور بيگ کي ٽي ھزار سوار ڏئي، اُنڙن تي حملي لاءِ موڪليو. تيمور بيگ ھڪليندو اچي، ”وينجھري“جي قلعي ۾ ويٺو ۽ اُنڙ سونھري ڍنڍ جي وچاڳ ۾ اچي پرگھٽ ٿيا، جنھن جي چوڌاري پاڻي ھو. ھن ڀيري جنگ جو سبب ھيءُ ٿيو، جو اُنڙن ربيع جي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. اِھو انڪار تيمور بيگ کي نه آئڙيو، ان ڪري اُنڙن سان وچڙي پيو. جڏھن سونھري ڍنڍ تي پھتوته اُنڙن جو ھڪ واھڻ سندس آڏو آيو. ھن جي ماڻھن واھڻائين کي ٻائيتال ۾ وڌو. ائين ڪندي تيمور بيگ کي پريان ڌوڙ اڏامندي نظر آئي. پڇا ڪيائين ته اھا ڌوڙ ڇاجي آھي؟ ڪن وراڻيو واچوڙو ھوندو، ته ڪن چيو ته ٿي سگھي ٿو ته غنيم ھجي. انھيءَ سوال جواب ھلندي، اُنڙن، طالب اُنڙ جي قيادت ۾ اچي مُنھن ڪڍيو ۽ ايندي شرط مغل سپاھه جي سِسين ۾ لابارو وجھڻ شروع ڪري ڏنائون. اھا حالت ڏسي، تيمور بيگ جا پَير اکڙڻ لڳا ۽ سندس ماڻھن ۾ ڀاڄ شروع ٿي. انڙن انتھائي ھمت ۽ حوصلي سان مغلن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. مغلن لاءِ زمين تنگ ٿيڻ لڳي ۽ سنڌين جا تِير ڳڙن وانگر وسي رھيا ھئا. ٿوري دير ۾ مغلن جي لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ ميدان سنڌين ماريو. سنڌين، مُغلن جا گھوڙا، ھٿيار پنھوار ۽ وھٽ به ڦُري ورتا. تيمور بيگ ساھه بچائي اچي وينجھري ۾ ويٺو. اُنڙن، قلعي کي گھيرو ڪري، قلعي جي چوڌاري پيل اناج وغيرہ کنيو ۽ جيسلمير ڏانھن روانا ٿي ويا.
ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ وري سردار خان جي صاحبيءَ دوران سندس ھڪ ملازم درويش بيگ ۽ ھڪ ٻئي مغل ڪارندي ماڻڪ سنگھَ، وري اُنڙن جي ڳوٺ ”ڏيڙان“ تي حملو ڪيو. اُنڙ سندن سالار طالب اُنڙ جي اڳواڻيءَ ۾ اڳي ئي موقعي جا منتظر ھئا، تن ھڪ زبردست راتاھو ھنيو. ان راتاھي ۾ ھنن مغلن جا پنج سؤ سپاھي قتل ڪري ڇڏيا. انھيءَ معرڪي ۾ به طالب اُنڙ مغلن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. صبح ٿيڻ تي درويش بيگ پاڻ بچائي وڃي سيوھڻ پھتو، جتان انھيءَ شرمناڪ شڪست جي خبر جھانگير بادشاھه کي موڪلي ويئي.
وقت اڳتي وڌندو رھيو. طالب اُنڙ واچوڙي وانگر سنڌ جي ھڪ ڪُنڊ کان ٻيءَ ڪُنڊ تائين عوام کي بغاوت لاءِ اڀاريندو رھيو.
ھاڻي سيوھن جي جاگيرداري، مير نمڪين جي قبضي ۾ اچي چڪي ھئي. ھوڏانھن اُنڙن جي باغيانه ڪارواين ۽ مغل سپاھين جي موت جون خبرون ھر وقت جھانگير کي پھچي رھيون ھيون. جنھن مير نمڪين کي، سنڌ جي گھَٽن گھيڙن، ريتن رسمن ۽ ماڻھن کان چڱيءَ ريت واقف ھئڻ ڪري، سميجن جي خاتمي لاءِ سخت ھدايتون ڏئي موڪليو.
مير نمڪينَ، پنھنجي پُٽ ابوالبقا کي سميجن جي خاتمي لاءِ مرزا غازي بيگ کان تحريري اجازت وٺي ڏني ۽ پاڻ قنڌار روانو ٿي ويو. مير ابوالبقا سان پھريون مقابلو گچيري جي ٻُگھين ڪيو. اُن باري ۾ مير ابوالبقا جو ڀاءُ، تاريخ نويس يوسف ميرڪ لکي ٿو:
”ٻُگھين کاھيون کوٽي، چوڌاري لوڙھا ڏيئي، جنگ جون تياريون اڳ ئي ڪري ڇڏيون ھيون، سو ٻنھي ڌرين ۾ اچي ٻڙڌڪ متو. ابوالبقا جا ڪيئي سپاھي ۽ گھوڙا زخمي ٿي پيا. نيٺ ابوالبقا لوڙھا ٽپي اندر ٿيو. ڪيترن کي قتل ڪيائين ۽ باقي رھيل قيدي ٿيا.“
مير ابوالبقا اُنڙن تي حملن ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳتي وڌندو ويو ۽ وڃي ھالا ڪنڊيءَ تائين پھتو. اتي خبر پيس ته اُنڙن جو مشھور سردار ۽ جنگي جوڌو طالب اُنڙ ساڱرو ٽپي، نصرپور جي ڀِٽن ڏانھن ڌوڪيندو پيو وڃي. اھا ڳالھه ٻڌي ابوالبقا ان جي ڪَڍَ پيو ۽ انت وڃي اڳ ورتائين. طالب نصرپور جي ڀِٽن تائين پھچي نه سگھيو ۽ اتي موجود صيد ڳڙھه (لڳ ٽنڊو الھيار) جي قلعي ۾ وڃي ويٺو. طالب، صحرائي باز وانگر سدائين کليل ميدانن ۾ مغل فوج جو شڪار ڪندو رھيو ھو، تنھن کي قلعي بند ٿي وڙھڻ جو تجربو گھٽ ھو. تاھم ھن ھمت نه ھاري.
پراڻي قلعي ۾ موجود جھڙي تھڙي سامان سان ھن وجود جي ويريءَ سان پوئينءَ وير تائين وڙھڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو ڪيو. ابوالبقا قلعي جو گھيرو ڪيو ته قلعي مان مٿس تِيرن، توبن ۽ بندوقن ڌم لائي ڏني. مغل فوج پھريون ڌڪ پچائي ويئي، جنھن ۾ سندس ڪافي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. ابوالبقا اھو حال ڏٺو ته جنگي ھاٿين ذريعي قلعي جا دروازا ڀڃرايائين. قلعي جا در ڀڄڻ شرط مغل فوج قلعي ۾ ڪاھي پئي. ٻنھي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي. ڌڙ ڌڙڪڻ، ڪنڌ ڪرڻ ۽ لوٿون لُڇڻ لڳيون. رت ريلا ڪري وھڻ لڳو. سارو ڏينھن دوبدو ويڙھه ھلندي رھي. نيٺ طالب اُنڙ پنھنجي ٻارھن سؤ ساٿين سميت شھيد ٿي ويو. اھو واقعو 1017ھه ۾ پيش آيو.

(مظھر شاھجھانيءَ جي سنڌي ترجمي تان ورتل)
***