شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

موندر خان چانڊيو

سنڌ تي مغل تسلط جي پُوري دور ۾ جيڪي قبيلا مغلن سان مُھاڏو اٽڪائيندا رھيا، تن ۾ چانڊين جو قبيلو سر فھرست آھي. مغل مؤرخن گھڻي ۾ گھڻيون گاريون به چانڊين کي ئي ڏنيون آھن. چانڊين جي قبيلي جو ھڪ سردار، جنھن مغل شاھيءَ سان جبريون چوٽون کاڌيون ۽ نيٺ بکر جي قلعي ۾ قيدي حالت ۾ گزاري ويو، سو آھي مُوندر خان چانڊيو. جيتوڻيڪ چانڊين ۽ مغلن جي جنگين ۾ موندر خان جو ذڪر نه آيو آھي، پر انھيءَ پوري دور ۾ مظھر شاھجھانيءَ صرف ھڪ نامور چانڊئي ”مُوندر“ جو ئي ذڪر ڪيو آھي. اُن ڪري، اِھو وسھڻ لاءِ ڪافي سبب آھن ته چانڊين ۽ مغلن جي گھڻين جھڙپن ۾ چانڊين جي لشڪر جي قيادت موندر خان ئي ڪندو رھيو.
1004ھه ۾ مرزا ڪوڪه کي بکر جو پرڳڻو جاگير طور مليو. ھن پنھنجي پُٽ مرزا انور کي بکر موڪليو. مرزا انور کي بکر پھچڻ شرط خبر ملي ته چانڊيا ٻروچ بکر پرڳڻي جون ديھون ويران ڪرڻ لڳا آھن. مرزا انور پنھنجي ملازم حيدر بيگ کي چانڊين تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. چانڊين موندر خان چانڊئي جي اڳواڻيءَ ۾ پنھنجو لشڪر گڏ ڪري، مرزا حيدر بيگ تي جوابي حملو ڪيو. اھو حملو ايترو ته زبردست ۽ سخت ھو، جو مرزا حيدر بيگ شڪست کائي وٺي ڀڳو. سندس مال اسباب، گھوڙن ۽ نغارن تي چانڊين قبضو ڪيو. بکر جي مغل فوج کي اِھا پھرين زبردست شڪست ھئي، جيڪا چانڊين موندر خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڏني. انھيءَ شڪست سڄيءَ سنڌ ۾ مغل فوج کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو. مغلن نه صرف ٺٽي، بکر ۽ سيوھڻ جي جاگيردارن جي فوجن کي گڏي، چانڊين تي حملي ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي، پر اُن سان گڏو گڏ ھنن سنڌين جي قبائلي اختلافن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي سازش تيار ڪئي. اِنھيءَ سلسلي ۾ مظھر شاھجھانيءَ جي مصنف، يوسف ميرڪ، تفصيل ڄاڻائيندي لکيو آھي ته: ”سيوھڻ جي حاڪم بختيار بيگ، مرزا انور کي چتاءُ ڏنو ته آءٌ تيار آھيان. جيئن توھان بکر مان سوار ٿي نڪرو ته پڪ ڄاڻجو ته آءٌ اڳواٽ اتي ھوندس. ان کان پوءِ چانڊين جي چوڪسيءَ لاءِ پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيائين، جن جي ڏَس پتي تي شام جو شڪار جي بھاني سيوھڻ ڇڏي، منڇر ڏانھن راھي ٿيو. ھڪ ٻه آڙيون ڦاسائي، چڱو سوڻ وٺي، اُتان سيوھڻ ھليو. شھر کان اورتي ھڪڙي مزار وٽ ترسي گھوڙن تان لٿو. ڀر وارن ڳوٺن ۾ پنھورن، ڪوريجن ۽ سميجن ڏانھن خط لکي، تيز رفتار گھوڙي سوار ھٿان ڏياري موڪليائين ته اُنھن ڳوٺن جا چڱا مُڙس صبح جو سوير اچي ڪنور ڪوٽ (ڳاھن جي پرڳڻي ۾) وٽ حاضر ٿين. اُھي انتظام ڪري، پاڻ اُتان سانجھيءَ مھل سوار ٿي، سڄي رات پنڌ ڪري، سج اڀرئي ڪنور ڪوٽ پھتو. منجھد تائين سمورو لشڪر ۽ سڀئي راڄ اچي ڪَٺا ٿيا. پوءِ بختيار بيگ پنھورن جي سردارن عيسيٰ، موسيٰ ۽ جلال کي گھرائي چيو ته چانڊين کي ھن مھل تائين منھنجي ڪابه خبر نه پيئي آھي ته ڪو مان مٿن چڙھائي ڪرڻ وارو آھيان. سڀاڻي انھن کي جيڪڏھن منھنجي سُڌِ پيئي ته چانڊين بدران اوھان جون سِريون سلامت نه ھونديون. پوءِ چئني سردارن کي ساڻ ڪري، سج لٿي جو اُتان اُسھيو ۽ رات ڏينھن ڌوڙيو لائي، صبح تي چانڊين مٿان وڃي ڪڙڪيو. چانڊيا به سِر تان آھو پلي، ميدان ۾ لھي آيا ۽ وڏي دليريءَ سان جنگ ڪرڻ لڳا. ھنن سمجھيو ته ھيءُ لشڪر به حيدر بيگ جي لشڪر وانگر بکر کان چڙھي آيو آھي، سو ڏاڍي ھمت ۽ حوصلي سان ويڙھه ۾ جنبي ويا. ايتري ۾ خبر پين ته ھي بختيار بيگ ترڪمان، سيوھڻ جو حاڪم آھي. مظھر شاھجھانيءَ جو مصنف لکي ٿو ته، ”اھا خبر پوڻ شرط ھنن جا ڍڪر لڳي ويا، پوءِ به شاھي لشڪر سان چڱيون چوٽون کاڌائون.“ انت چانڊين ھارايو ۽ سندن ڪيترا ڪونڌر ڪُسجي ويا ۽ ڪافي قيدي بڻيا. بختيار بيگ اڌ کان وڌيڪ قيدين جون مُنڍيون لاھي، ڪجھ ٿورن بچيل قيدين سان گڏ پنھنجي ماڻھن ھٿان مرزا انور ڏانھن ڏياري موڪليون.
اُن کان پوءِ به موندر خان جي جدوجھد ختم ڪانه ٿي. ھو 1038ھه تائين مختلف معرڪن ۽ جنگين ۾ مغلن سان مقابلو ڪندو رھيو. جڏھن 1038ھه ۾ محمد علي بندري بکر جو حاڪم ٿي آيو، تڏھن ھڪ خونريز ويڙھه کان پوءِ ھن موندر خان جي زال ۽ ٻارن کي گرفتار ڪري، بکر جي قلعي ۾ آندو. زال جي گرفتاريءَ جو ٻڌي، موندر خان ھلي اچي مغلن وٽ پيش پيو. جتي مغلن کيس بکر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو. ڀانئجي ٿو ته ھو اُتي ئي مري ويو.