حاجي جوکيو
ھي اُن دور جو ذڪر آھي، جڏھن سيد بايزيد بخاري ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. اُن وقت جوکيا ۽ ڪرمتي، ساڪري واري حصي ۾ ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان پنھنجو ماڳ وسايو ويٺا ھوندا ھئا. ڪڏھن مغلن سان وڙھندا ھئا ته ڪڏھن صلح ڪري ڇڏيندا ھئا. جتوڻيڪ اُن دور ۾ ڪنھن به سنڌيءَ جي دل ۾ مغل بادشاھت لاءِ احترام جو ته سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو. پر وقت وقت جي ڳالھ آھي. ان ھوندي ھڪ ڳالھ طئي ھوندي ھئي ته اُن تَر جا جوکيا پھرين بجار جوکئي ۽ پوءِ سندس پُٽ حاجي جوکئي جي اڳواڻيءَ ۾ مغلن جي ڪاڻ ڪڍڻ لاءَ قطعي تيار نه ھوندا ھئا ۽ پنھنجي ٿوري به بيعزتيءَ جي بدلي ۾ مغل سپاھيءَ جي سِسي لاھي وٺندا ھئا.
سيد بايزيد پنھنجي ھڪ پُٽيلي شاھه محمد کي پنجاھه سوارن سان ناريلي قلعي جو ٿاڻيدار ڪري موڪليو. اُھو شاھه محمد شاھه عام مغل ڪارندن وانگر ٽرڙو ۽ ڦوشر باز ھو، سو ھڪ دفعي ويٺل ڪچھريءَ ۾ حاجي جوکئي کي پادر اڇلائي ھنيائين. شاھه محمد جي انھيءَ حرڪت سان غيرتمند ۽ آبرو دار جوکين کي باھه وٺي ويئي، ان ڪري ھو محفل مان اُٿي، جبل ڏانھن روانا ٿيا. شاھه محمد جوکين جي پٺيان وڃي گھڻيئي صلح جون ڳالھيون ڪيون، پر وريو ڪي به ڪين. جوکين کيس جواب ڏنو ته ھاڻي فيصلو تلوار ڪندي. نيٺ معاملو وڃي جنگ تائين پھتو. مغلن وٽ تلوارون ۽ نيزا ھئا ۽ حاجي جوکئي جي ھمراھن تِيرن سان ويڙھه شروع ڪري ڏني. نتيجي ۾ ٽرڙو شاھه محمد شاھه پنھنجي سڀني ساٿين سميت ختم ٿي ويو ۽ جوکين وڃي جبل وسايو. وڃڻ وقت جوکيا مغلن جا ھٿيار ۽ گھوڙا به وٺي ويا. اھو حال ٻڌي، با يزيد بخاريءَ جوکين جي ناڪي بنديءَ جو حُڪم ڏنو ۽ پڙھو گھمائي ڇڏيائين ته جوکين ڏانھن اناج جو ھڪ داڻو به وڃڻ نه ڏنو وڃي. انھيءَ ناڪي بنديءَ کان تنگ ٿي، جوکين وقتي طرح مغلن سان ٺاھه ڪيو، پر بقول تاريخ مظھر شاھجھاني: ”ھو آخر تائين سرڪشيءَ کان باز ڪين آيا.“