پريو اُنڙ
حقيقت ۾ سميجن ۽ اُنڙن جي اِھا بنيادي غلطي ھئي، جنھن سنڌ ۾ قبائلي اختلافن کي باھه ڏني ۽ ان قبائلي اختلاف ۽ تضاد مان مغلن پورو پورو فائدو وٺي، سميجن ۽ اُنڙن جي مخالف قبيلن جي مدد سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ سپاھه کي ڪچلڻ شروع ڪيو. بھرحال، سميجن ۽ اُنڙن، درياھه جي ٻنھي پاسي اھڙي زورائتي يلغار ڪئي، جو سيوھڻ ۽ اُن سان لاڳاپيل پورو علائقو بغاوت ۽ جنگ جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ڪوريجا ۽ پنھور، ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي پاڻ ۾ مِلي ھڪ ٿي ويا ته پھريائين سميجن سان وڙھجي، جيڪي اسان ٻنھي جا جاني دشمن ٿي بيٺا آھن، پوءِ پنھنجا اختلاف به نبيري وٺبا. (ڪاش! سڀ سنڌي مغلن جي مقابلي ۾ اھا سوچ پيدا ڪن ھا.) اِھا صلاح ڪرڻ کان پوءِ ھنن مغلن کي پنھنجي ڀرپور ساٿ جي آڇ ڪري، اُنڙن تي حملي ڪرڻ لاءِ مغل فوج موڪلڻ جي درخواست ڪئي.
اھا سِٽاءَ سٽي، چار پنج ھزار لشڪر وٺي، پنھور ۽ ڪوريجا درياھه ٽپي، جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ ٻٻريءَ ڳوٺ اندر اچي ٿانيڪا ٿيا، جتي مغلن جو لشڪر به اچي ھنن سان گڏيو. ھوڏانھن سميجن ۽ اُنڙن جا به پنج ڇھ ھزار سپاھي پرئي اُنڙ جي اڳواڻيءَ ھيٺ گچيري ڳوٺ ۾ اچي گڏ ٿيا. اِھي خبرون ٻُڌي، مغلن، پنھورن ۽ ڪوريجن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته پيش قدمي ڪري سميجن تي ڪاھيو وڃي. پوءِ رات وچ ۾ ٺھي سنبري، ٽي ھزار سوار بھاءُالدين پنھور وٽ ٿمائي روانا ٿيا. ٻئي پاسي اُنڙ به اھا ڳڻڳوت ڪري، راتو واھه گھوڙن تي چڙھي پيا. پرھه ڦُٽيءَ مھل ٻئي لشڪر اچي ٻلھ ٿيا، خونا خوني جنگ لڳي ويئي. ٻنھي ڌرين جا ڪيئي ماڻھو رتو رت ٿي ڪُسجندا ويا. نيٺ مغل سنڌين جي مقابلي ۾ وڙھندڙ سنڌين ھار کاڌي. اتي بھاءُالدين پنھور به اچي پھتو، جنھن گرفتار ٿيل محب وطن سنڌي بھادر پرئي اُنڙ کي مغلن جي مدد سان شھيد ڪيو. اھڙيءَ ريت انڙن انھيءَ جنگ ۾ وقتي شڪست کاڌي.
پريو اُنڙ، محب وطن سنڌي ۽ آزاديءَ جو ڪوڏيو سرواڻ ھو. ھن جي ھميشہ اھا حڪمت عملي ھئي ته پنھنجيءَ ڪمزوريءَ جي وقت گھڙيءَ کن لاءِ ٺاھه ڪري آڻ نه مڃي، دشمن جي دانگي ڀڃڻ جي ھر ڪا تدبير ڪرڻ گھرجي. ھو ھڪ دفعو اڳي به پنھنجي بھادر ساٿيءَ بودلي سميجي سان گڏ گرفتار ٿيو ھو، پر پوءِ قاسم ارغون جي سفارش تي آزاد ٿيو ھو. ان باري ۾ تاريخ سنڌ ۾ لکيل آھي ته: بختيار بيگ جڏھن پھريون ڀيرو سيوھڻ پھتو، تڏھن ھن پنھنجي نائب شھسوار کي لاکاٽ پرڳڻي ۾ سميجن ۽ اُنڙن جي تپي ڏانھن موڪليو ته ھو اتي وڃي ڍل اڳاڙي. ھو جيئن ئي اتي پھتو ته سميجن ۽ اُنڙن، پرئي جي اڳواڻيءَ ۾ شھسوار کي سندس سپاھه سميت قتل ڪري ڇڏيو. مغلن شھسوار جو وير وٺڻ لاءِ وڏو لشڪر انڙن ۽ سميجن تي چاڙھي موڪليو. ٻنھي راڄن پاڻ ۾ صلاح کان پوءِ فيصلو ڪيو ته حالتن آھر مغلن سان ٺاھه ڪرڻ گھرجي ۽ ان لاءِ مغلن وٽ وڃي پيش پئجي. پر اھو ٺاھه ٿئي ئي ٿئي، ان کان اڳ ٻنھي ڌرين ۾ خونخوار جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا گھڻا ئي ماڻھو قتل ٿيا. نيٺ پريو، بودلو ۽ جيئندو مغلن وٽ پيش ٿيا. مغلن قتل ٿيل بھادر سنڌين جون مُنڍيون کارن ۾ وجھائي، قيدين سميت سيوھڻ روانيون ڪيون، جتي پرئي، بودلي ۽ جيئندي کي جيل ۾ وڌو ويو. آخر قاسم خان، 24 ھزارن جي ضمانت ڏئي قيدين کي آزاد ڪرايو. انھيءَ قھري ڪاروائيءَ ۽ فريب ڪاريءَ جو پلاند وٺڻ لاءِ پرئي پنھنجي پوري طاقت سان مغلن خلاف جنگ شروع ڪئي، جنھن ۾ پنھنجن جي سازش ۽ ڌارين جي فريب جي وَر چڙھي، 1008ھه ۾ گچيري وٽ شھيد ٿي ويو.
(مظھر شاھجھانيءَ جي سنڌي ترجمي تان ورتل)
***