جھونجھار شورو
سنڌ جي آزاديءَ ۽ حُريت جي جيڪا شمع سنڌ جي لافاني عظيم انسان، اسماعيل شوري، پنھنجي رَت سان روشن ڪئي ھئي، سا سندس شھادت کان پوءِ وِسامي ڪانه ويئي- پر بقول شاعر:
جي راھه اجل ڪنھن ورتي آ،
ھن ڀونءِ ڪئي ٻِي ڀرتي آ!
اسماعيل شوري کان پوءِ سندس پُٽ جھونجھار شوري، آزاديءَ جي جھنڊي کي بلند رکڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ھن پنھنجي ٽڙيل پکڙيل ساٿين کي گڏ ڪري، مغلن سان ويڙھه جو سلسلو جاري رکيو. پنھنجي پيءُ وانگر ھن جي ڪردار جي خاص خوبي ھئي، آڻ نه مڃڻ، دشمن جي اڳيان ھٿيار ڦِٽا نه ڪرڻ، پنھنجي مادر وطن جي آزاديءَ واري حق تان ھٿ نه کڻڻ ۽ مغل شاھيءَ جا سنڌ مان ٿڏا پَٽڻ. انھيءَ مقصد جي راھه ۾ ھن نوجوان ۽ دلير انسان کي نه مغل سلطنت جي طاقتور فوج جو ڊپ ھو ۽ نه وري سنڌين جا باھمي اختلاف ئي ھن جي حوصلي کي پست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيا. ھو ھڪ اھڙو نوجوان ھو، جنھن جي ذھن ۾ بغاوت، حوصلو ۽ ھمت، روز نوان، تازا ۽ توانا ٿيندا رھيا ٿي. جيتوڻيڪ جھونجھار شوري جي ڪارنامن ۽ ڪاوشن جي تفصيل کي تاريخ ۾ بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي، صرف ان آخري معرڪي جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ ھو گرفتار ٿيو. انھيءَ واقعي متعلق مظھر شاھجھانيءَ لکيو آھي ته:
”جڏھن 1028ھه ۾ سيد بايزيد ٺٽي جو صوبيدار ٿيو، تڏھن ھن سان سندس پُٽ به ھئا، جيڪي ڏاڍا چالاڪ ھئا. جھانگير بادشاھه ھنن کي حڪم ڏنو ھو ته اُھي، جابلو ماڻھن جي ڪَن مھٽ ڪن. (*) جھانگير جي حڪم جي بجا آوري ڪندي، سيد بايزيد جا پُٽ، مغل سپاھين جي لوڌ وٺي، شورن ۽ دَلن تي ڪاھي آيا، جيڪي جبل جي پاسي ۾ ٽڙيل پکڙيل ھئا.“
جيئن شڪار گاھن ۾ شڪار ڪيو ويندو آھي، تيئن سنڌي ماڻھن جو گھيرو ڪيو ويو. سنڌين به سندرا ساھي مُغلن جو مقابلو ڪيو. ٻنھي ڌرين جا ڪيترا ماڻھو قتل ٿيا. نيٺ صُلح جي بھاني دغا سان جھونجھار شورو به گرفتار ٿي پيو. جھونجھار جي گرفتاريءَ کان پوءِ ٻين ڪيترن ماڻھن کي قتل ۽ گرفتار ڪري، ڳوٺن جو سامان سڙو لُٽي، باھيون ڏنيون ويون.
جھُونجھار شوري اھڙيءَ دغا سان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ بيوسيءَ واري حالت ۾ به مغلن جو فرمانبردار ٿي ويھي رھڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي طور کيس ٺٽي جي جيل ۾ وجھي، اذيت ۽ عذاب جا وحشيانه طريقا استعمال ڪرڻ سان گڏ لالچ ۽ لوڀ به ڏنا ويا. پر ھن سورھيه سنڌيءَ مصيبتن تي ٽھڪ ڏنا ۽ لالچن کي انتھائي حقارت سان ٺُڪرائي ڇڏيو، ۽ عذاب سھندي ٺٽي جي جيل ۾ شھيد ٿي ويو.
(*) ھن ننڍي کنڊ جي بادشاھه طرفان بذات خود حڪم ڏيڻ ثابت ٿو ڪري ته چاڪر ھالا پرڳڻي جي عوام جي جدوجھد دھليءَ جي ديوارن کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو ھو.
***