شخصيتون ۽ خاڪا

سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
Title Cover of book سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ

ڄام صلاح الدين

سنڌ جي ھن شخصيت جي باري ۾ تاريخدانن عجيب رَوش اختيار ڪئي آھي. سڀ تاريخ لکندڙ سندس نالو سرسري نموني وٺندا، اڳتي وڌندا ويا آھن. ھن جو ڏوھه رڳو ھيءُ ھو ته ھن ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ٺٽي جي تخت لاءِ دعويٰ ڪندي ڄام فيروز تي لشڪر ڪشي ڪئي ھئي، ۽ نيٺ دولھ دريان خان جي سياست ۽ تدبر جو شڪار ٿي ويو ھو. ايتريءَ حد تائين جو سنڌ جو مشھور مورخ مولائي شيدائي، ھن جي پيءُ جي نالي جي به وضاحت ڪونه ٿو ڪري. البت تاريخدانن ايترو لکيو آھي ته ھُو ڄام سنجر جو پوٽو ھو. ڄام سنجر سنڌ جو انتھائي خوبصورت ۽ ذھين بادشاھه ھو. چون ٿا ته سندس حُسن تي ھڪ الله لوڪ فقير عاشق ھو، جنھن جي دعا سان ھو بادشاھه ٿيو ھو. ھن گجرات جي سلطان محمود بيگڙي سان سڱاوتي ڪئي ھئي. ھو انتھائي ڏاھو، محب وطن ۽ عوام دوست ھو. ھن سنڌ مان رشوت جي پاڙ پَٽڻ لاءِ سرڪاري عملدارن جا پگھار وڌائي مٿن سخت نظرداريءَ جو حڪم ڏنو ھو. ھن سنڌ تي ڪُل اٺ ورھيه آزادي ۽ خودمختياريءَ سان حڪومت ڪئي. ڄام سنجر جو دور امن ۽ اطمينان جي ڪري سنڌ ۾ مثالي دور ليکيو ويندو ھو. سندس دور حڪومت جو دائرو ملتان تائين ھو ۽ سندس خوشحال دور جي باري ۾ ملتانيءَ ۾ لوڪ گيت چيل آھن. ڄام صلاح الدين، اھڙين وصفن واري حاڪم جو پوٽو ھو. ڄام نندي جي وفات کانپوءِ جڏھن ھن ڄام فيروز جي مقابلي ۾ ٺٽي جي تخت لاءِ دعويٰ ڪئي، تڏھن دولھ دريا خان ۽ ٻين وزيرن ڄام نظام الدين جي احسانن سبب ڄام صلاح الدين کي بيدخل ڪري، ڄام نندي جي پُٽ ڄام فيروز کي تخت تي ويھاريو؛ ڄام صلاح الدين پنھنجيءَ ڀيڻ وٽ گجرات ھليو ويو. ڄام فيروز تخت تي ويھڻ شرط دريا خان کي پنھنجو بد خواھه سمجھي، درٻار مان ڪڍي، مغلن سان دوستي وڌائڻ لڳو. اُھي مغل ڌارين حڪومتن جا جاسوس ھئا، جن مان خاص ڪري مير قاسم ڪيبڪي، درٻار جون سموريون ڳُجھيون خبرون ڳجھ ڳوھه ۾ اُن شاھه بيگ ارغون کي پھچائڻ لڳو، جنھن کي ڄام نندي جي زندگيءَ ۾ دولھ دريا خان ذلت آميز شڪست ڏيئي چُڪو ھو. ڄام فيروز سارو ڏينھن محل ۾ گذاريندو ھو. ڪڏھن ورلي ٻاھر نڪرندو ھو. جڏھن ٻاھر ايندو ھو ته خوبصورت ڇوڪرين جي ناچ ۽ مسخرن جي مسخري ڏسڻ ۾ مصروف رھندو ھو. ڄام فيروز جون اھڙي قسم جون الغرضايون ۽ عياشيون سنڌ کي تباھيءَ ڏانھن وٺي وڃي رھيون ھيون. دريا خان ٺٽو ڇڏي وڃي ” ڳاھن “ ۾ پنھنجون زمينون سنڀالڻ لڳو ھو. اھي خبرون جڏھن ڄام صلاح الدين کي پھتيون، تڏھن ھن مظفر گجراتيءَ جي مدد سان وڏو لشڪر تيار ڪري، سنڌ جي دارالحڪومت تي حملو ڪيو. ڄام فيروز بنا ڪنھن جنگ ڪرڻ جي ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو. سنڌ جي گاديءَ واري شھر تي ڄام صلاح الدين جو قبضو ٿي ويو. ڄام فيروز جي ماءُ مرينا ماڇياڻيءَ پنھنجي نا اھل ۽ نالائق پُٽ کي لڪائي وڃي دريا خان جي دَر تي پھتي. ڄام نندي جي شخصيت جا واسطا ڏيئي، پُٽس جي نالائقين جي معافي وٺي، دريا خان کي وري سنڌ جي سياست ۾ گھِلي آئي. سنڌ جي سدوري، سُلڇڻي ۽ عظيم محب وطن فرزند دريا خان، ھن خاندان جون گذريل مھربانيون ياد ڪري، بنا وقت وڃائڻ جي لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. بکر ۽ سيوھڻ جا سماٽ ۽ بلوچ قبيلا، دريا خان جي جھنڊي ھيٺ اچي گڏ ٿيا. جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي ٻنھي محب وطنن يعني دريا خان ۽ ڄام صلاح الدين پاڻ ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌي عوام جي خونريزي کان بچڻ جي اُپائن تي ويچاريو. ٻئي ڄڻا سنڌ جي مفاد خاطر ٺھي ويا، پر بدقسمتيءَ سان ڄام صلاح الدين جي مُک صلاحڪار ”حاجيءَ“ انھيءَ صلح جي سخت مخالفت ڪئي. جنھنجي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي. جيئن ته ماڻھن جي اڪثريت ڄام فيروز کان بيزار ھئي، اُن ڪري جنگ جي ميدان ۾ دريا خان جو لشڪر بيھي نه سگھيو ۽ شڪست کاڌائين. دريا خان انھيءَ شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنھنجي روايتي دانائيءَ کان ڪم ورتو. ٿيو ھيئن جو ڄام صلاح الدين جي فوج جي سپھ سالار حاجيءَ دريا خان جي فوج جي شڪست جي پوري خبر ھڪ قاصد ھٿان ڄام صلاح الدين کي ڏياري موڪلي. اتفاق سان اھو قاصد دريا خان جي وَر چڙھي ويو. دريا خان ڇا ڪيو جو حاجيءَ وارو خط لڪائي، اُن جي بدران ٻيو جڙتو خط حاجيءَ پاران ڄام صلاح الدين کي لکيو. جنھن ۾ ڄاڻايل ھو ته: ”دريا خان جي لشڪر پنھنجيءَ فوج کي شڪست ڏني آھي. سھڻي صلاح ھيءَ آھي ته تون پنھنجي عيال سميت ٺٽو ڇڏي وڃ. آءٌ توکي چاچڪان ڳوٺ ۾ اچي گڏبس.“ خط پھچڻ شرط ڄام صلاح الدين بنا ڪجھ سوچڻ جي ٻار ٻچا وٺي، 9- رمضان تي ٺٽي مان نڪري ويو. حاجيءَ کي جڏھن ڄام صلاح الدين جي انھيءَ قدم جي خبر پئي، تڏھن کيس ڏاڍو ڏُک ٿيو. پر ھاڻي وقت ھٿن مان نڪري چڪو ھو، تنھنڪري ٻئي گجرات ھليا ويا.
انھيءَ واقعي کان پوءِ ڄام فيروز سمجھيو ته ھاڻي مون کي دريا خان مان خطرو آھي، اُن ڪري ھن پنھنجي آندل مغلن جي چُرچ تي ھڪ دفعو وري دريا خان سان اڍنگي روش اختيار ڪئي. اھي مغل، ڄام فيروز قنڌار مان گھرائي، ھڪ خاص محلي ”مغل واڙي“ ۾ ورسايا ھئا. انھن مغلن تي اھو ڪم رکيو ويو ھو ته ھو ڄام فيروز کي دريا خان کان بدظن ڪري، دريا خان کي سنڌ جي سياست مان بيدخل ڪرائين. مغلن دريا خان کي درٻار مان ڪڍائي، شاھه بيگ ارغون کي خط لکي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ گھرايو. ارغونن جي حملي جو ٻُڌي، سنڌ جو عظيم محب وطن دريا خان، ھڪ دفعو وري ٺٽي جي چپن تي مُرڪ برقرار رکڻ لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ وڙھندي شھيد ٿي ويو. سنڌ، ارغونن جي غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ ڦاسي پيئي. اھي خبرون جڏھن ڄام صلاح الدين کي پھتيون، تڏھن ھو سنڌ تان ارغونن جو تسلط ختم ڪرائڻ ۽ سنڌ کي وري آزاد ڪرائڻ لاءِ ڏھه ھزارن سوڍن ۽ جاڙيجن جو لشڪر وٺي، ارغون تي حملي آور ٿيو. جھالار جي ميدان ۾ 1520ع ڌاري خونخوار جنگ لڳي. جنھن ۾ سنڌ جو ھيءُ لافاني محب وطن ڄام صلاح الدين، پنھنجي پُٽ ۽ ساٿين سميت شھيد ٿي ويو. ڄام صلاح الدين آخري وقت تائين سنڌ لاءِ زندھه رھيو ۽ سنڌ تي ئي قربان ٿيو.