مامرو هي پيار جو
- اياز گل
نئين ٽهيءَ جي سنڌي شاعرن جتي روايتن جي ابتڙ، نوان رستا ۽ نوان گس ڳولي ڪڍيا آهن اتي منجهن هڪ خصوصيت به نرالي آهي جو هو پنهنجي روين هلت ۽ ڏيک ويک مان بلڪل به روايتي شاعر ناهن لڳندا ۽ اسان جو پيارو دوست عابد مظهر ته روايتي ڇا ،بنهه شاعر ئي ناهي لڳندو هن کي ڏسي لڳندو ئي ناهي ته ڪو شاعريءَ جي اپسرا، ڪڏهن اره زورائي سان ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ اچي وٽس به رهندي هوندي! هو ته پنهنجي عمل مان يارن جو يار، هڪ جيئري دل وارو انسان ۽ اديبن،شاعرن ۽ دوستن جوٻڌوٻانهو نظر ايندو آهي جنهن سان ملي پڪ اٿم ته ارسطو کي شاعرن بابت پنهجي راءِ بدلائڻي پوي ها ۽ هو وڏي خوشيءَ سان کين پنهنجي رياست ۾ رهڻ ڏئي ها.
بحرحال ڳالھه اسان سمجهڻ، نه سمجهڻ ۽ مڃڻ نه مڃڻ جي ڪونهي سچ اهو آهي ته عابد مظهر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار سان گڏ هڪ شاعر به آهي ۽ هي سندس مجموعو وڇوڙي جو آٽو گراف ان جي سچي ثابتي آهي عابد مظهر جي هن شعري مجموعي ۾ غزل،آزاد نظم، نثري نظم، وايون، دوها، ۽ ٽيڙو شامل آهن، هن گهڻي ڀاڱي انهن شعري صنفن ۾ پنهنجي ذاتي احساسن، اڌمن ۽ ڀوڳنائن جي عڪاسي ڪئي آهي.
ڪٿي اڻ لکي نموني ڪٿي مٿاڇري ته ڪٿي گهرائي ۾ وڃي، من- ڇهندڙ نموني. تخليقي حوالي سان بنيادي طور عابد مظهر کي انهن شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جيڪي محبت جا شاعر آهن ۽ جن لاء سنڌيءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز لکيو آهي ته"”هر شاعر محبت، شاعر انقلاب هوندو آهي پر هر شاعر انقلاب شاعر محبت ناهي هوندو“. شيخ اياز جهڙي انقلابي شاعر جا اهي لفظ يقينن رومينٽڪ شاعري ڪندڙ شاعرن جي اهميت وڌائين ٿا پر ائين ضرور آهي ته اهڙن شاعرن کي پنهنجي قومي توڙي سماجي مسئلن ڏانهن به اک کليل رکڻ گهرجي، عابد مظهر وٽ پيار جو احساس غم ۽ خوف گاڏڙ آهي.
جيون سان ڀي ناهي ايڏو.
پيارڪيان ٿو توسان جيڏو.
پيڙا جو احساس ڏنگي ٿو،
ڪوئي ڀاڪر پائي جيڏو.
ڪيڏي گهري چاهت آهي،
پوءِ به ٽٽڻ جو ڊپ آ ڪيڏو.
۽ خوف مان گذرڻ واري اها ئي صورتحال اسان کي اڪثر نوجوان ۽ جوان شاعرن جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي لازمي طرح سان ان جو اهم سبب سماجي اڻ برابريون ۽ پابنديءَ واريون حالتون آهن جنهن مان هيٺئين وچولي ڪلاس سان واسطو رکندڙ شاعر گذري وڏوٿئي ٿو ۽ پنهنجي تخليقن ۾ اهو ئي ڪجھ ڏئي ٿو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو ۽ نظر آيو آهي.
روز آڙاھ ۾ پچان ٿو پيو
آوي آهي يا منهنجو گهر آهي
جتي ساب پئجيو وڃن ٿيون اميدون،
اتي ئي رهياسين اسان هڪ اڃارا.
ڪرسين وارن ماڻهن آڏو،
ويچارو ڪيئن لڳبو آهي!
عابد مظهر جي ڪيترن غزلن جي بندن کي پڙهڻندي واھ واھ چوڻ تي دل چوي ٿي.
سکي تون هوڏ جي حالت تان شل لهين جيڪر،
مٺي تون رحم جي عادت سکين پوين جيڪر،
ائين ٺهي ئي نه ٿو تون اچين ۽ مان نه هجان،
توهان جا پير اسان جون اکيون اچين جيڪر.
منهنجي خيال ۾ هر تخليقار پاڻ پنهنجي تخليقن لاء هڪ بهتر نقاد هوندو آهي ۽ هن کي اها ڄاڻ به چڱي طرح هوندي آهي ته سگهاري تخليق ڇا هوندي آهي عابد مظهر جڏهن اهو چئي ٿو ته،
تخليقي سٽ تنهن کي چئبو،
من کي جيڪا ڇهندي آهي.
غزلن جي مقابلي ۾ نظمن ۾ عابد مظهر جي تخليقي سگھه وڌيڪ ڀرپور نظر اچي ٿي. انفرادي توڙي اجتماعي مسئلن،پيڙائن ۽ احساسن کي عابد نظمن وسيلي وڌيڪ چٽائي سان بيان ڪري سگهيو آهي سندس اهڙن نظمن ۾ ٿڌو ساھ ، اداس ڇوڪري ،مرڪندڙ شام، ز جي نالي، هير جهڙي ڇوڪري ، وغيرھ شامل آهن جيڪي محبت کان قوميت ۽ ٻين بين الاقواميت ڏانهن وڌندڙ راهون کولين ٿا.
جڏهن به ٽيلفون تي
ٽي رنگون وڄن
۽ تنهنجي ٽيلفون کڻندي ئي
ڪوٿڌو ساھ ڀري رکي ڇڏي
ته پڪ ڄاڻجانءِ
اهو مان ئي هوندس.
(نظم ٿڌو ساھ)
سندس نظم صلاح ۾ بين الاقواميت جا اولڙا پسجن ٿا، جڏهن ته سوال انسان دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو نظم محبتن جا يونٽ ۾ جديديت جو رنگ آهي نظم آخري خواهش عابد مظهر جو خوبصورت نظم آهي ۽ مشهور شاعر رسول حمزا توف کان متاثر ٿي لکيل آهي.
جڏهن تون اخبار ۾ پڙهين ته ڪو گمنام شاعر
ناڪام خودڪشي
جي الزام ۾ جيل
هليو ويو آهي
تڏهن تون مونکي
سمجهجان!
۽ جڏهن توکي
خود ڪشي ڪرائڻ
جي ڏوھ ۾.
ڪورٽ ۾ وٺي اچن
۽ مان توکي
جيڪڏهن سڃاڻڻ
کان انڪارڪري
ڇڏيان ،ته تون مون کي
پنهنجي بي انتها پيار
ڪرڻ وارن مان
سمجهجان!
پر جيڪڏهن بيان ڏيندي منهنجي ساھ جو آخري سڳو
ٽٽي وڃي
ته منهنجي آخري
گذارش اٿئي ته
مونکي هڪ لا وارث
پيار ڪندڙ سمجهي
سڃاڻڻ کان انڪارڪري ڇڏجان!
(نظم آخري گذارش)
ساڳي طرح سندس پابند نظم هير جهڙي ڇوڪري هڪ متاثر ڪندڙ نظم آهي.
اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري
سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين
ڇونه ٿي مون تي گهلين.
چنڊ جي پهرين جيان ٻانهون ڪري
ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين.
عابد مظهر غزلن، نظمن کان سواءِ وايون، دوها، ٽيڙو به لکيا آهن جن ۾ هو خوبصورت خيال سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
هي ڪجھه سٽون لکي مون عابد مظهر سان انصاف ڪيو آهي يا نه؟ حقيقت اها آهي ته دوستن جي شاعري تي راءِ ڏيڻ /ڇنڊڇاڻ ڪرڻ مونکي ڏاڍوڏکيو لڳندو آهي، آءُ محبت کي تنقيدي نگاھ سان ڏسي ئي ناهيان سگهندو. ساڳيو حال عابد مظهر جي شاعريءَ تي لکڻ وقت آهي جو لکندي لکندي بيهجي وڃان ٿو ۽ عابد مظهر جو هي بند منهنجي آڏو اچي وڃي ٿو.
عابد ماڻهو مکڻ اٿئي جاني،
توسان هر حال ۾ وهيو آهي.
محبت جي موٽ محبت سان ئي ڏئي سگهجي ٿي، مونکي عابد ۽ سندس شاعريءَ ۾ سندس خاميون خوبيون ئي نظر اچن ٿيون ۽ مان سندس اڳيان جڳ مشهور ڏاهي ۽ نقاد ٽي ايس ايلٽ جا هي لفظ رکان ٿو.
سوال اهو ڪونهي ته ڪنهن شعر کي پنهنجي دؤر ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن جو انگ ڪيترو گهڻو يا گهٽ آهي. خاص ڳالھه اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ کيس پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو مختصر تعداد هميشه موجود رهي.
عابد مظهر کي ايليٽ جي انهن وزنائتن لفظن کي سچ ته سيني سان سانڍي رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن جو هڪ مختصر تعداد سدائين موجود رکڻ لاءِ تخليق جي ميدان ۾ ڀرپور محنت ۽ صلاحيتن کان ڪم وٺڻ گهرجي لکندو رهڻ گهرجي ۽ اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي.