منهنجو سائين...
- امتياز دانش
اها اڄ کان ويھه سال اڳ جي ڳالھه آهي جڏهن اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ڏوڪريءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ نوشهري کان هڪ پيرسن ۽ رٽائرڊ استاد سائين حبيب الله ڪهي ايندو هو ته اسان جي ڳوٺ جا ڳڀرو ۽ ٻيا مٿس ڳاهٽ ويندا هئا. سندس اڳيان ۽ پٺيان نوجوانن جي هڪ فوج هوندي هئي، ان وقت اها ڳالھه مون کي سمجھه نه ايندي هئي. ته آخر ڇا ماجرا آهي جو سائينءَ سان نوجوانن جو ڊنبلو آهي. پنهنجي وڏڙن کان معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته اهي سڀ سائينءَ جا شاگرد آهن. سائين پنهنجي دؤر جو هڪ مثالي استاد هو سندس شاگردن سان پيار، شفقت ۽ ٻاجھه ڀريو رويو هوندو هو، رٽائرمينٽ بعد به سائينءَ کانئن ڀيرو نه ڀڳو آهي. محبت ۽ شفقت وارو سلسلو اڃا برقرار آهي. ان ڪري هو ادب ۽ احترام منجهان ساڻس پاڇي وا نگر گڏ هلن ٿا. اهو ڏسي ۽ ٻڌي تجسس ٿيندو هو ته ڪاش! اسان کي اهڙو شفيق استاد ملي، پر پوءِ زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو به موڙ آيو ۽ هڪ اهڙو ئي مهربان استاد مليو.
هونئن به پرائمري کان ميٽرڪ تائين سائين علي محمد سيهڙ کان ويندي سائين امير علي سيهڙ ۽ سائين عبداللطيف ڪهيري کان ويندي سائين نثار سرگاڻي تائين بهترين استاد مليا، پر حبيب الله ھيسباڻي وانگر جنهن استاد پنهنجي قربت جو قيدي ڪيو اُهو آهي سائين ڊاڪٽر عابد مظهر.
سائين عابد مظهر سان هٿ جوڙيءَ وارو رستو پراڻو هو اهو تڏهن کان جڏهن سائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هو، پر ڪراچي يونيوسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ ساڻس وڌيڪ ويجھڙائي ٿي. بلڪه مون پاڻ ڪٿي داخلا ورتي هئي، اها ته سائين عابد مظهر ورتي هئي. فارم ڀرڻ کان جمع ڪرڻ تائين سڄو خفو سائينءَ پاڻ ڪيو هو، مان ته رڳو داخلا ھال ۾ وڃي ٽيسٽ لاءِ ويٺو هئس.
سائينءَ سان منهنجا يونيورٽيءَ ۾ ڪجھه سال ئي گذريا پر ائين لڳندو آهي ، ڄڻ ساڻس گڏ منهنجو هر جنم گذريو آهي. هو حساس طبيعت جو مالڪ آهي، سندس شاگردن سان رويو يونيورسٽيءَ ۾ نهايت ٻاجھه ڀريو هوندو هو هو کين هرقدم تي اتساهيندو هو، پڙهڻ کان ويندي لکڻ تائين کين حوصلو ڏيندو هو، سائين جي آفيس ته هوندي ئي شاگردن جي بلي هئي. نه ڪنهن کي جهل نه ڪنهن کي پل....!
سائينءَ جو پنهنجي شاگردن سان رشتو رڳو يونيورسٽيءَ تائين قائم نه رهيو آهي، پر يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ به هو پنهنجي شاگردن جي پڙهائي کان ويندي روزگار تائين هر وقت فڪرمند رهندو آهي. سچ ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا استاد تمام گهٽ ڏٺا آهن، جن کي هر وقت پنهنجي شاگردن جو اونو هجي. ڀلا هن اڙانگي دؤر ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري ۽ جنم ڏڻ ياد ياد رکي. پر سائين عابد مظهر کي پنهنجي سڀني شاگردن جو جنم ڏڻ ياد هوندو آهي، ۽ هو ان ڏينهن تي فون ڪري کين واڌايون ڏيندو آهي.
عابد مظهر جو والد صاحب مظهر سيوهاڻي سنڌ جو عوامي شاعر هو، هن پنهنجي پٽ جو نالو مظهر رکيو آهي. سائين عابد مظهر شروع کان ئي تدريسي عمل سان سلهاڙيل رهيو آهي. هن ڪيترن ئي سالن ڪراچي يونيورٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيو اتان رٽائرڊ ٿيو بعد ۾ صوفي يونيورسٽيءَ ڀٽ شاھ ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سائين تدريس سان گڏ ادبي خدمتون به سر انجام ڏئي رهيو آهي. جتي جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي اتي سائينءَ جي سڃاڻپ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ محقق طور آهي.
سائين عابد مظهر صاف دل جو مالڪ آهي ، نه ڪنهن سان وير، نه حسد هر ڪنهن سان پيار، پنهنجي هڪ الڳ واث هٿ جوڙي واري واٽ، پيار سندس فطرت ۽ مزاج ۾ شامل آهي. هو سڀني کي پيار ڏئي ٿو. ۽ موٽ ۾ به کيس اهڙو ئي پيار ملي ٿو. اڄ جي دؤر ۾ ڪنهن کي موٽ ۾ پيار ملي ته ٻيو کيس ڇا کپي.؟
پيار ڏيڻ ۽ وٺڻ جي معاملي ۾ سائين هڪ بي انتها خوشنصيب شخص آهي. سائين عابد مظهر شاعري هجي ، ڪهاڻيون هجن، يا وري مضمون هجن، هو هر لکڻيءَ ۾ پيار جي ڳالھه ڪري ٿو. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي چواڻي وانگر ته ”عابد مظهر جي لکڻين ۾ ان فڪر جو واضع اشارو آهي ته سک ۽ شانتي ڏانهن جيڪو رستو وڃي ٿو، اهو پيار آهي.“
مان علمي حوالي سان پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺان ٿو ته اها مون کي اڄ کان ڏھ سال اڳ بي رنگ نظر اچي ٿي. ان ۾ ڪير جي رنگ ڀرڻ وارو آهي ته اهو شخص آهي”سائين عابد مظهر“، اڄ جيڪڏهن مان استاد جهڙي اعليٰ ۽ عزت ڀريئي منصب تي آهيان ته اهو صرف ئي صرف سائين عابد مظهر جي صحبت، محبت جي ڪري ئي آهيان، جيڪڏهن سائين عابد مظهر منهنجي آڱر پڪڙي روشنيءَ واري دڳ تي نه وٺي هلي ها، ته شايد مان اونداهين ۾ ڀٽڪندو رهان ها...!!