عابد مظهر: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق
- رزاق سھتو
عابد مظهر گھڻ پاسائي شخصيت آهي. ادب جي زمين تي مند آهر شاعري، ڪهاڻي تخليق ڪندو رهي ٿو. شاعري جو ڪتاب ”وڇوڙي جو آٽو گراف“ ڪهاڻين جا ڪتاب”گم ٿيل محبتون“ ۽ ”محبت ۽ مايا“ سندس قلمي پورهئي ۾ شمار آهن. سندس شاعري جي باغ مان اوهان کي هڪڙو گل پيش ڪيان ٿو جيئن اوهين به واس وٺي سگهو.
اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري،
سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين،
ڇون نه ٿي مون تي گھلين
ڇُوصدين جو مان بڻيل هان انتظار،
ڇو نه تون منهنجي اندر ۾ ٿي رهين.
ڇونه ٿي مون تي گھلين
چنڊ جي پهرين جيان ٻانهونڪري،
ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين
ڇو نه ٿي مون تي گھلين.
عابد مظهر جي ڪهاڻين ۽ شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيوٿي پيو آهي ته هو شاعر آهي يا ڪهاڻيڪار، پر مان کيس خوش نصيب ٿو سمجھان جو موهن ڪلپنا، بشير احمد شاد جهڙن ليکڪن تحقيقي مضمونن ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان عابد مظهر جو ذڪرڪيو آهي. منهنجي راءِ آهي ته هن لاءِ اهو وڏو حوالو آهي. جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ چاهي ته ”آرسي“ رسالي ۾ موهن ڪلپنا ۽ نئين زندگي رسالي ۾ بشير شاد جا مضمون موجود آهن.
هلندڙ دؤر ۾ هرڪو، پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ قدرن جو سموريون سرحدون اورانگي ٿو وڃي. پرــ اڃا ڪن جي قلم کي ڪَسُ ناهي لڳي. عابد مظهر ۽ مون جهڙا مٿي ڦريا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي پيا رنڊا روڙيون، عابد مظهر نه سهپ جو شڪارٿي ويل شخص ۽ تخليقڪار آهي. نه سهپ سنڌي جي اڪثر ساڃانهه وندن جي وندر ٿي پئي آهي. دوستن جي ساراهه ۾ هو ٻه هٿ اڳتي آهي. پنهنجي پر ۾ ماڻهن کي دوست ڄاڻي ڏاڍي خدمت ڪندو آيو پر جڏهن دوستيءَ جي ننڊ مان بيدار ٿيو ته فليٽ ۾ پاڻ کي اڪيلو، اڪيلو، اڪيلو، پاتائين. رنو، رنو، ڏاڍو رنو ڇاڪاڻ ته سندس فليٽ تي سندس سمجھه مطابق دوستن جا هجوم هوندا هئس. پوءِ اڪيلائپ جي ور چڙهي ويو. سندس ٻي شادي دوستن جي بيوفائيءَ جو ردي عمل هئو. ويڳاڻپ جي گھيري ۾ پنهنجا شعر لکندي اٿلي پئي ٿو.
ٻڌي ماڻهونه ڪي خوش ٿيا آهن.
شعرٺاهڻ عابد ڇڏيا آهن.
مان ته اڄڪلهه اداس گھاريان ٿو
منهنجا جذبا چڙهيا چکيا آهن.
يا
اچو ته پنهنجي پنهنجي بيوفا دوستن جو ماتم ڪيون.
جن پهرين نظر ۾ ئي اسان جي دل موهي وڌي هئي.
محبت ۽ پيار جي مامري ۾ سدائين اڳڀرو رهيو آهي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا سمنڊ تي ڏٺو هئو. هو سمنڊ تي محبوبن سان ميلو مچائي روح کي وندرائيندو رهندو هئو.
عابد سان ڪچهري ڪرڻ وقت ڏاڍي احتياط جي ضرورت هوندي آهي. ڇاڪاڻ جو خبر ناهي هوندي ته هو ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو آهي. پر معافي وٺڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهي. سنجيده گھٽ، رنجيدهه وڌيڪ رهندو آهي. ملڻ جو وقت ڏئي ايندو ڪون يا ديرسان ايندو جڏهن ڪم لهي چڪو هوندو آهي. منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن عابد جي شاعري کي ڪو ڪلاڪار، محنت ڪري ڳائي وجھي ته هو گھڻن شاعرن کان نشابر ٿي بيهندو. هونئن جن شاعرن وٽ مالي وسيلا آهن. فنڪارن جي خدمت ڪري پنهنجي شاعري ڳارائي سگهن ٿا. اچو ته سندس نظم مان حظ حاصل ڪريون.
آزاد نظم
ڪير سڃاڻڻ وارو ناهي.
پل هئا جو گذري ويا،
پل آهن، جو گذرن پيا
وقت هئو جو ٽهڪ هئا.
وقت آهي جو ڪجھه ڀي ناهي
ڳالهائڻ لاءِ ڳالهيون ساڳيون
پوءِ نه ناهيون ساڳيا سائين
ڏينهن هئا جو لکندا هئاسين
ڇپبا هئاسين، پڙهندا هئاسين
وقت آهي جو هاڻي سائين
ساڳيون وستيون، ساڳيون واٽون
ڪير پڇڻ وارو ناهي.
عابد مظهر کي ڪهاڻيءَ جي پيچرن تي هلندي پَسجي ته هو سماج ۾ مروج بي سود ريتن، طبقاتي فرق، کان سواءِ انساني قدرن جو پرچارڪ نظر اچي ٿو. هو سماج کي ماهر سرجن جيان ڏسي ان جي آپريشن، ڪري ناسور ٿي ويل رواجن کي ڪوري ڪڍي ڦٽوڪري نئين روايت جا پها رکي سماج کي جديد ڏسڻ چاهي ٿو. سندس ڪهاڻي”پاڪن جو قبرستان“ ڇِرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ماڻهوءَ جي اندر ۾ موجود حسد، ساڙ، ماڻهن جي درجا بندي ۽ سيد پرستي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هو لکي ٿو ته:
”ڳوٺ جو سڀ کان قديم ۽ وڏو مقام آهي. پهريائين سيدن جو قبرون آهن. ۽ پٺيان سيدن چواڻي ”ڪت خلق جون قبرون آهن. ميڙائو ۽ الهه بخش اڃان قبر کوٽڻ لاءِ ڪوڏر جا ٿورائي لپا هنيا ها ته مرحوم سائين وڏي جي ننڍي ڀاءُ ڇتي ڪتي جيان پري کان ئي هنن کي ڏاڙهيندي چيو”ذليلو شرم ناهيوَ جو هڪ امتي مائي لاءِ وڏن سيدن ۽ آرياڻين جي ڀرسان قبر ٿا کوٽيو. هنن سائين جي هڪل ٻڌي ڪوڏر مان هٿ ڪڍي هن جي منهن ۾ حيرت مان ڏٺو ۽ چيو”سائين ڇو ڪير به آهي پر توهان جي ڀاڄائي آهي“ کرو جواب ٻڌي سيد ڊڄي ويو. پر خار مان چيائين ”ناهي منهنجي ڀاڄائي اسان ڪو سيدن جي ڪڌن ڪرتوتن جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟“ ”سائين ڪڌو ڪرتوت ڪهڙو هو؟“ ”سائين وڏي شوق وچان شادي ڪئي هئي“.”ڪارو منهن ڪيو هئائين انهيءَ هت پورينداسين ته سڀني سيدن جون جيڪي ڪنيون ذاتيون، زالون بڻجيو ويٺيون آهن، تن کي به هتي پورڻو پوندو. ائين سڄومقام اسان جي موچين مڙن جي حوالي ڪري ڇڏيون ته پوءِ سيدن جي مقام ۽ امتين جي مقام ڪهڙو فرق رهندو؟ ان ڪري ڪني آڱر وڍي چڱي آهي. “
سندس ڪهاڻي ”دعا جي چمي“ مان جملا ”ائين هن سپر طاقت سڀني ملڪن جي ميمبرن تي ترڇي نظر ڊوڙائي. هن جي هڪ نظر ڪرسيءَ تي سالن کان اچي ويهندڙ هڪ پوڙهي ملڪ نما انسان تي پئي. هٿ ۾ تسبيح سفيد ريش، مڻين کي تڪڙ تڪڙ سان ڦيرائي ڳڻپ پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو هو. ائين هن جي سالن کان آواز نه ٻڌندڙ ڪنن تي هڪ ڪڙڪيدار آواز پيو جيڪو اڄ چٽائي سان هن ٻڌو ۽ هي خوشيءَ مان اٿي بيهي رهيو. ”او پوڙها ڪير آهين تون؟“ سالن کان توهان جي عتاب ۾ آيل ٻانهو پر پوءِ به مون دل نه هاري، تنهنجي هر سڏ ۾ سڏ ڏنم، ڪڏهن منهن نه ڦيرايم“ جواب آيو ”تون بخشجي وئين، تنهنجي اڄ کان ڊيوٽي بهشت جي خاص گيٽ تي آهي“.
ڪهاڻي”پناھ جي ڳولا ۾“ ۾ جملن جي مالها هيئن پائي ٿو، ” هو ڪو خاص ماڻهو ته ڪونهي ، هو ته هڪ اهڙن عام ماڻهن مان آهي جيڪي لڳاتار ڳولا جي الزام ۾ سر عام چوڪ تي ڦاسيءَ تي لٽڪايا ويا آهن. جيڪي محبت جي اظاهر ڪرڻ وارن گنهگارن مان ڪوٺائبا آهن.“ ساڳي ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي گفتگو هيئن بيان ٿو ڪري ” تون مون سان ملڻ کان اڳ ڇا ڪندو هئين.۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ڪندو آهين هن وراڻيو هئو ته؛ تو کان اڳ به ڳولا جاري آهي ھاڻ به ڳولا جاري آهي اڳ ڪتاب پڙهندو هئس، سڪون جي ڳولا ۾ نماز پڙهندو هئس، هاڻ انهن سڀني کي ڇڏي تنهنجي چهري جي عبادت ڪندو آهيان تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي اڌ وهيءَ واريءَ عمر ۽ تنهنجي مکڙيءَ مان گل ٿيڻ واري عمر تي سوچيندو آهيان.“ هوءَ هن جي چريائي وارين ڳالهين تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي.“ وري لکي ٿو ته ”بدبوءِ ۽ خوشبوءِ هر ڪنهن جي اندر ۾ هوندي آهي. هن دنيا مان سچائي جي ڳولا ختم ٿيڻي ئي ناهي، جڏهن ته سچ توهان جي م76543هن کان ويجهو آهي. حسن سراب آهي. پيار جو ماڳ انسان جي اندر ۾ لڪل آهي. جيڪو روح جي شڪتيءَ مان اڀري نور بڻجي پوي ٿو.“
عابد مظهر ڪھاڻي ”خودڪشي“ ۾ اهڙن پو ڍائن ماڻهن جي منهن تان نقاب لاهي، سماج ۾ اصل چهرو ظاهر ڪندي لکي ٿو ٿه،” هن جا تعلقات ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان آهن. سڀن اميرن ۽ سياسي ماڻهن سان زماني جي ھر ڪم جي ڏيتي ليتي اٿس. هو کارائڻ پيارڻ هنن جي هرڪا مدد ڪندو آهي. زر کان وٺي زن تائين ، پوءِ هو هن کي ڇو نه ڀائين ان ڪري هن جا پئون ٻارهن هئا. پنج ئي آڱريون گيھه ۾ هئس. باقي غريب ماڻهن سان هن جي گهٽ لڳندي هئي هو مخصوص دوست ڇوڪرين کان سواءِ ڪنهن کي به نه گهرائيندو هئو. اڄ هڪ مخصوص ڇوڪريءَ کي گهرايائين . هن کي سٿرن تي هٿ هڻي چسڪا لي ورتائينس، پر مڙسي هن جو نالو ئي نه پئي وٺي. هن اهي سڀ حرڪتون هن ڇوڪريءَ سان ڪيون جيڪي مڙسي اڀارڻ لاءِ ڪافي هونديون آهن. پر ڪجھه به هن کان نه ٿي سگهيو هو. ۽ ڇوڪري سان شرمندگي وچان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو هو.“
تخليقڪار جي درد کي ڪهاڻي ”ڪهاڻيڪار“ ۾ اهڙن لفظن کي جملن ۾ ڪم آڻي ٿو جو اندر رهڙجي وڃي ٿو. مون کي لڳي ٿو هي درد ڪهاڻيڪار جي اندر جو درد آهي، جيڪا ڀوڳنا سالن کان ڀوڳيندو اچي ٿو.هو لکي ٿو ته” ڳالھه کي نٽائيندي چيو هئو مانس ڪهاڻي لکيئي، وراڻيو هئانين مايوسيءَ ۾ ڪهڙو ادب تخليق ڪبو؟ جڏهن ته پين ۽ پني لاءِ ٽڪو به نه هجي، پر ڪهاڻيون ضرور لکندس. طارق روڊ تي گاڏيون صفا ڪيون اٿم ڪو ٻه ٽي روپيا ڏيندو هو ته ڪو ٻه ٽي دڙڪا ڏيندو هو . ڀاءُ جي گهر ۾ بنا پيسن جي رهڻ هڪ وڏو امتحان آهي. ماڻهو چوندا ڀاءُ جي گهر مفت ۾ پيو کائي هن کي نوڪري جي ڪهڙي پرواھ.“
مجموعي طور تي عابد مظهر پنهنجي انفرادي درد کي اجتمائي درد ۾ مٽائڻ جو هنر رکي ٿو. ڪنهن به تخليقڪار جي سموري تخليق ۾ جان ناهي هوندي. ڪي ڪهاڻيون جاندار آهن جن ۾ فني فڪري، به کوٽ محسوس ٿئي ٿي. عابد تمام سينيئر ڪهاڻيڪار آهي. مون کي سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي اندر جي اڇل ،تجسس، ٻوليءَ جي رواني ملي ٿي.محسوس ڪيم ته جيتري پيڙا عابد ڀوڳي ٿو ، ان ڪٿا کي انهيءَ درد سان پني تي لاهي سگهڻ جو ڏانءُ هن وٽ آهي. هاڻ کيس ناول يا آتم ڪٿا جي طرف اچڻ گهرجي، اهڙو انتظار سندس پڙهندڙن کي ضرور رهندو.