عابد مظهر دوست کان ليکڪ تائين
- رکيل مورائي
هن شخص جو نالو سيد محمد عابد مظهر آهي ۽ ادبي طور عابد مظهر جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ باجارن جي سيد مظهر سيوھاڻيءَ جو فرزند آهي. جيڪو پاڻ هڪ قادر الڪلام شاعر هو. اڻ تصديق ٿيل رڪارڊ موجب عابد مظهر باجارن ۾ ڄائو آهي، باجارن ۾ وڏو ٿيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پوڙهو ٿيو آهي.چون ٿا هو جڏهن ڄائو هو تڏهن سيوهڻ ۾ هيءَ چوڻي مشهور ھئي ته ” انڌير نگري چرٻٽ راجا ،ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“ ۽ ان وقت سنڌو درياھ تارؤن تار وهندو هو، پر شايد وڏو ٿي عابد مظهر وهنجڻ اڙل واھ ۾ لڳو هو. جنهن جي سڪ پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي ملهايل اڻهٺ هين سالگرھ جي موقعي تي مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ مون کي سيوھڻ کان ٻاهر نڪرڻ وقت اڙل واھ ۾ وهنجڻ جي صلاح ڪئي هئي. پر اسان ڏٺو ته اڙل واھ مان به سنڌوءَ وانگر واري ٿي اڏامي! ۽ هن جي ڪيل وهنجڻ واري صلاح هوا ۾ اڏامي وئي.!
عابد مظهر وهيءَ ۾ چون ٿا ڏاڍو چڱو ماڻهو هئو، ايستائين جيستائين هن عشق نه ڪيو هئو، جنهن کان پوءِ هن ۾ ٻي خرابي اها پيدا ٿي ته هن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. ۽ ان وقت ڪنهن پيءُ لاءِ شاعر پٽ جو تصور اهو هئو ته ڄڻ پٽ ڄائو ئي ڪونه، پر عابد مظهر سان ائين ٽريٽ نه ڪيو ويو .ڇاڪاڻ ته سندس والد بزگوار پڻ اعليٰ شاعر هو. جنهن کي پٽ جي شاعر ٿيڻ تي خوشي ٿي هوندي! پر يقين سان مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته عام سنڌي ماڻهن وٽ شاعر جو تصور اڄ به ڪو چڱو نه آهي. پوءِ به اسين پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ سدائي چوندا رهدا آهيون ته اسين سنڌي ماڻهن لاءِ ٿا لکون، ۽ وڏو سچ اهو آهي ته اسين لکون انهن لاءِ ٿا جيڪي اسان کي پڙهندا ئي ناهن ۽ عابد مظهر به انهن لاءِ لکندو آهي.جن وٽ تعليم اڄ تائين نه پهچي سگهي آهي، انهن وٽ ٺهيل اسڪولن ۾ يا بُهه پيل هوندو. آهي يا ڪڪڙ ٻڌل هوندا آهن، پوءِ به اسين سڀ عابد مظهر سميت لکي رهيا آهيون ڇا اسان کي شاباس نه هجي؟.
عابد مظهر سيوھڻ ڇڏيو ته ڄام شوري جو ٿي ويو ۽ ڄام شورو ڇڏيائين ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهيو ۽ نوڪري ڪيائين. ائين هو جيترو وڏي شهر ۾ آيو ، اوترو وڏو ماڻهو ٿيو. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني ۾ رهي عابد مظهر تمام وڏو ماڻهو ٿيو. هن هڪ وڏي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، پروفيسر جي پد تان رٽائر ٿيو، پنهنجي نالي جي شروع ۾ هڪ اعزازي لفظ ڊاڪٽر لکڻ شروع ڪيائين، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ .ڊيءَ جي ڊ گري ورتائين. سندس لکيل مقالو سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي نهايت آبرو دار نموني شايع ڪيو آهي. اڄ جڏهن اسان سندس دوست عابد مظهر کان اڳ ۾ ڊاڪٽر لکندا آهيون ته گهڻو فخر ٿيندو آهي. شايد دلي طور کيس به ايترو فخر نه ٿيندو هوندو. ڇاڪاڻ ته ان يونيورسٽيءَ، جنهن ۾ هن اڌ ڄمار پڙهايو ۽ جتان هن هڪ اعزاز رکندڙ ڊگري ماڻي، اها يونيورسٽي کيس هڪ اسڪالر هجڻ جي ناتي ، هڪ اديب شاعر هجڻ جي ناتي، هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي سندس پوئين عمر ۾ ايتري به سهولت ڏيئي نه سگهي. جيتري ان موجود رهندڙ وي سيءَ جي خوشامد ڪندڙ استادن کي ڏني آهي.
هاڻ هوُ يونيورسٽيءَ جي چوديواري کان ٻاهر رهندو آهي، هاڻ هن کي يونيورسٽيءَ کي ڏسي سڪون نه ملندو آهي. جيترو سڪون هن کي پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪرڻ سان ملندو آهي. ته انهن سان پنهنجا ئي رکندڙ به ، هو اهڙو آهي. جنهن پنهنجي ماحول ۾ بنھ گهٽ ماڻهن کي رنجايو هوندو ، جيتوڻيڪ هو پاڻ گهڻو رنج ٿيندو آهي. پر بنھ ٿورڙي وقت لاءِ ۽ پوءِ وري ساڳيو هوندو آهي، جنهن کي عابد مظهر چئبو آهي!.
هو جنهن خاندان سان واسطو رکي ٿو، ان ضرور ٻه چار مريد هوندا. پر پاڻ انصارين جي وڏي بزرگ جي هٿ تي بعيت ڪري انهن جي مريدي قبول ڪئي اٿائين. ائين هو پاڻ چوندو آهي، اڄ جڏهن پيري مريدي کان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهي. تڏهن عابد مظهر کي پنهنجي مريد هجڻ وارو عيب کان بچڻ لاءِ هڪ ٻيو جملو چوندي ٻڌو ويو آهي. ته ” انصاري منهنجا ادبي دوست آهن“. جيتوڻيڪ منهنجو ايمان اها ڳالھه چوي ٿو دوستي فقط شخصي ٿيندي آهي. ان لاءِ پوءِ جيڪڏهن ٻيون نسبتون جڙنديون آهن ته اها وڌيڪ پائيدار ٿيندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو شاعر عابد مظهر سان رنج رهندو آهي.سبب اهو آهي ته جنهن ڇوڪريءَ سان عابد مظهر پهريون عشق ڪيو هو، اتفاق سان اها ڇوڪري اڳتي هلي ان شاعر جي سالي پڻجڻي هئي. ۽ ان عشق عابد مظھر کي اهڙا ڪرشما ڏيکاريا جو هن جي دل جو ڪفر مٿان ايمان ٿي ويو، هو شاعر بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي لاجواب ڪتاب ڏنائين” وڇوڙي جو آٽو گراف.“
ياد رکيو وڃي ته جڏهن عابد مظهر جي پهرئين عشق جو سپنو ساڀيان نه ٿي سگهيو هئو ته هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون، جن هن کي هڪ ليکڪ/ڪهاڻيڪار طور پڻ سنڌ ۾ چڱي آبرو بخشي، هن ايتريون ڪهاڻيون لکيون جو انهن جو هڪ خوبصورت ڪتاب جڙي پيو. عابد مظهر پنهنجي اڻ پوري سپني کي ڄام شوري وٽان سنڌو درياھ جي حوالي ڪري ڪراچيءَ آيو ۽ پنهنجي محبتن کي سهيڙي ورتو. جيتوڻيڪ هن محسوس ڪيو ته اُهي محبتون هاڻ گم ٿي ويون آهن، جنهن ڪري هن پنهنجي ڪتاب کي سرو ڏنو ” گم ٿيل محبتون“ پر اعتبار ڪيو وڃي ته شريف شخص پنهنجي نئين محبت آڏو ڪڏهن به اهڙو اظهار نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس اهڙي همٿ نه آهي، ۽ هاڻ هنن هيڻن هڏن ۾ ته بلڪل نه !
عابد مظهر الڳ الڳ موضوعن تي اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ليک به لکيا آهن. جن مان ڪن کي سهيڙي، هن هڪ ڪتاب جوڙيو، جنهن کي نالو ڏنائين ” پڪا ۽ پيرون“ سندس رهيل ۽ وکريل سڀ ليک گڏ ڪجن ته هوند وڌيڪ ڪيئي ڪتاب جڙي پوندا، جيڪي کيس وڌيڪ ادبي مرتيو ڏياريندا ( ٻي طرح هن جو مرتبو هڪ ڪهاڻيڪار طور، هڪ شاعر طور، هڪ اسڪالر طور، اسان سڀني جي آڏو آهي، جيڪو هڪ مانائتو ۽ شانائتو آهي.) هڪ شخص طور عابد مظهر لاءِ اهو چوڻ گهڻو ٿيندو ته هو يارن جو يار آهي. سنڌي محاوري ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته عابد مظهر ” گھه جو گهڙو“ آهي. مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻي خوشي محسوس ٿيندي رهندي ته عابد مظهر جهڙو شفاف شخص ۽ شفاف لکندڙ ، ليکڪ منهنجو دوست آهي، مان پنهنجي دوست کي دل جي سڀني تهن سان سندس جنم ڏينهن تي گهڻيون گهڻيون مبارڪون ڏيان ٿو، قبول پونديون اهڙي پڪ اٿم ۽ بس!.